سنڌ جي روشن خيال ۽ وطن دوست سياسي ڌرين کي اھا ڀلي ريت خبر ھوندي ته ڪنھن به استحصالي سماج جي اوستائين ڪايا پلٽ ممڪن ناھي ٿي سگھندي، جيستائين استحصالي قوتن خلاف مزاحمت واري جدوجھد جو روح حقيقي معنيٰ ۾ پورھيت طبقي سان جُڙيل ناھي ھوندو. ان تناظر ۾ جيڪڏھن ڏسجي تھ سنڌ جيڪا تاريخ جي ھڪ اڻ کُٽ استحصال جو شڪار ٿيندي پئي اچي ۽ اڄ بھ سنڌ کي چئوطرفان سيسار چُھٽيل آھن، سا سنڌ اوستائين پنھنجو سياسي ۽ معاشي آجپو ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگھي، جيستائين سنڌ اندر ھلندڙ ڪنھن بھ جدوجھد ۾ پورھيت جي سگھه شامل نھ ھوندي؟ ظاھر آھي ان سوال جو جواب سموريون سياسي ڌريون ھائوڪار ۾ تھ ڏينديون پر ايترو سو وري بھ جواب گھرجي ٿو تھ سنڌ جي انھن ترقي پسند ۽ روشن خيال وطن دوست ڌرين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پلجندڙ پورھيت تحريڪن جي ڪيتري ڪَٿ ۽ مالڪي ڪئي آھي؟ ممڪن آھي گھڻين سياسي ڌرين اھڙي ڪَٿ ڪئي بھ ھجي ۽ پنھنجي علم ۾ اھا ڳالھه نھ ھجي پر پاڻ پنھنجو وري بھ فرض سمجھون ٿا تھ جيڪي پاسا پاڻ سنڌ ۾ پَنڌ پُڄائيندي پَسندا پيا اچون، تن جي نشاندھي لازمي ڪندا ھلون تھ جيئن ڳالهھ کُلندي ھلي ۽ جيڪڏھن ڪا سياسي ڌر اھو پاسو وڃي سنڀالڻ چاھي تھ ڀلي اچي پنھنجو پِڙ سجائي.
ھا تھ پوءِ اھو ٻڌائيندا ھلون تھ پنھنجي مارُو ديس ۾ ھڪ انتھائي اثرائتي پورھيت تحريڪ پنھنجي جائز قانوني ۽ انساني حقن جي بنيادن تي ڪَر کنيو بيٺي آھي پر ان تحريڪ جي جيئن تھ حقيقي سياسي مالڪي يا نمائندگي ناھي، تنھن ڪري اھا اڳتي نھ پئي وڌي سگھي. اھا تحريڪ ٿرڪول ڪمپنين جي لڳاتار استحصال جو شڪار ٿيندڙ ٿرواسي پورھيتن جي حقن جي تحريڪ آھي. ٿرڪول رٿا شروع ٿيڻ کان اڳ ٿر ۾ اھڙن مزدورن جو ڪوبھ حلقو موجود نھ ھو جيڪو ھاڻ ڪول ڪمپنين ۾ مزدوري ڪندڙ مزدورن جو جڙيو آھي. اھو حلقو جنھن جي جيڪڏھن شروعات ڳڻجي تھ اھا بلاڪ ٻھ کان ڳڻي ٿي سگھجي.
ٿرڪول جا پورھيت ٻڌائين ٿا تھ جيئن ئي ٿر ڪول بلاڪ ھڪ ۽ ٻھ جي کوٽائي جو عمل شروع ٿيو، تيئن ئي اتان ئي ڪول ڪمپنين ۾ پورھيو ڪندڙ مزدورن (خاص طو ٿر جا مزدور) جي حقن جو وڏي پيماني تي استحصال شروع ٿي ويو. اهڙو استحصال پوءِ معاشي هجي، ڪم دوران حفاظتي اپائن جي ناقصي جو هجي، پورھيتن تي ڪن حالتن ۾ ماڳھين تشدد جي صورت ۾ هجي، ذهني دٻاءُ جي صورت ۾ هجي، ٺيڪيداري نظام جي پيڙا هجي، ڪرونا جي نالي تي اجايون پابنديون ھجن، ڪول ڪمپنين پاران ملندڙ انتھائي غيرمعياري کاڌو ھجي يا صحت جي مناسب سھولت جي اڻاٺ جو معاملو ھجي، مطلب ھر پاسي کان مزدورن جي حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رھيون آھن.
اھو بھ ٻڌائيندا ھلون تھ ٿرڪول ڪمپنيون مزدورن جي سڌي ريت ڀرتي ڪرڻ بدران انهن جي ڀرتي پيٽي ڪمپنين ۽ نجي ٺيڪيدارن ھٿان ڪرائين ٿيون ۽ اُهي ٺيڪيدار يا پيٽي ڪمپنيون پوليس ويريفڪيشن کان ويندي رجسٽريشن تائين تذليل واري اَڍنگي انداز ۾ پورھيتن کي مهينن جا مهينا رُلائي جيڪو خوار ڪن ٿيون، تنھن جو داستان ئي الڳ آھي.
ان ڏس ۾ ھڪڙو ننڍڙو مثال جيڪو ملي ٿو سو ھي آھي ته ٿر فائونڊيشن کي 2016 کان وٺي هيستائين ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ مزدورن توڙي مينيجمينٽ سطح جي پوزيشنن لاءِ 14,000 ماڻهن جون مختلف ڪمن لاءِ جيڪي درخواستون وصول ٿيون تن مان رڳو ٻھ ھزار ماڻهو (خاص طور مزدور طبقو، تمام گهٽ سطح تي مينيجمينٽ توڙي ٿري انجنيئرز) نوڪري سان لڳايا ويا. اهڙي طرح نوڪرين ۾ پنهنجا نوازي، نوڪرين لاءِ ٻاهران ماڻهو گهرائڻ، ٿر جي مزدورن جي ٺيڪيدارن پاران ڀرتي، ٺيڪيدارن پاران ڀرتي لاءِ رشوت گهرڻ، پگهار مھل سان جاري نه ڪرڻ سميت پگهارن مان ڪٽوتي جھڙا ڪيترائي سُور آھن جيڪي ٿرواسي مزدور ڀوڳي رھيو آھي.
ڪم دوران حفاظتي انتظام ناقص هجڻ سبب ٿيندڙ جاني نقصان جو ھڪ انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو ٿر ڪول بلاڪ ھڪ ۾ ٿي چڪو آھي، جتي ھڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ چيني ورڪر نالي زنگ زو ڪنگ (Safety Kit) نه هئڻ سبب 90 فُٽن جي بلندي تان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. جڏهن ته هڪ مزدور شاهد حسين سخت زخمي ٿي پيو. ساڳي ريت ٿرڪول بلاڪ ٻھ ۾ 2 مارچ 2022 تي ڪنوينر بيلٽ ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ٿري پورھيت زخمي ٿيا. باقي بلاڪ ٻھ اندر دودي ڀيل واري قضيي جي ھونئن ئي جڳ جھان کي خبر آھي تھ ان غريب پورھيت جي ڪيس ۾ اڳي پوءِ ڇا ٿيو؟
ھاڻ اھا آھي انھي ٿر جي صورتحال جنھن کي والاري ويل ڪول ڪمپنين پاران اسان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضو يا ٿر جي فطري ماحول جي تباھي جو مسئلو پاڻ جيستائين حل ڪرائي سگھون سو تھ رھيو پنھنجي جاءِ تي پر في الحال جتي ڪول پلانٽ زبردستي پنھنجو ڪم شروع ڪري چڪا آھن، تن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جا حق تھ مڃائجن. دراصل عالمي توڙي مقامي قانوني قائدن کان لاپرواھه اھي ڪول ڪمپنيون ۽ انھن جا جوڙيوال مقامي ٺيڪيدار ان ڪري بھ ھيستائين ڏاڍا ٿيندا پيا اچن جو ھتان جي پوليس، ھتان جا پيِر توڙي پَٽيل سڀ جا سڀ ڪمپني بھادر جي ڏونگھن مان کائين ٿا. ان ڪري پورھيتن جي ڪير ٻڌندو؟ جيڪڏھن ڪنھن بھ بلاڪ جو ڪو پورھيت حقن جي ڳالھه ڪري ٿو تھ ان جو سڌو مطلب اھو ٿو بيھي تھ ھو پنھنجي روزگار تان ھٿ کڻي وڃي گھر ويھي. تنھن ڪري بک ۽ بيروزگاري جي سٽيل اتان جي مسڪين پورھيتن لاءِ سموريون ناانصافيون سَھندي بھ ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابھ واھه ڪانھ ٿي بچي. ھا پر جيڪڏھن انھن پورھيتن جي فڪري، سياسي ۽ سماجي مالڪي ھجي تھ ڪمپنيون ڪيئن نھ اھي حق ڏينديون، جيڪي حق پاڻ پنھنجن ڪتابن ۾ لکيو ويٺيون آھن.
ان لاءِ پاڻ سمجھون ٿا تھ سنڌ جي وطن دوست روشن خيال سياسي ڌرين کي، پنھنجي ڪم جي اوليتن ۽ ايجنڊائن ۾ ٿرڪول پورھيت جي حقن جو سوال بنادير کڻن گھرجي. اھو سوال جيڪو نج قانوني ۽ انساني حقن سان جڙي بيھي ٿو، تنھن لاءِ جيڪڏھن ڪا سنجيده سياسي ڌر پنھنجي مڪمل لاڳاپي سان اڳيان اچي ٿي تھ پاڻ ان ڌر کي اھا اڳوٽ بشارت ڏيون ٿا تھ ٿر ۾ اڻ ڳڻيا پڙھيل لکيل وطن دوست آدرشي نوجوان موجود آھن، جيڪي توھان سان سھڪاري ٿي بيھندا. ٿر ۾ موجود اھڙن وطن دوست نوجوانن پنھنجي وِت وَس آھر ڪم ڪيو بھ آھي پر پوءِ انھن خلاف ڪوڙن ڪيسن ۽ ٻين مخلتف بُھتانن جو گھيرو ايترو تھ تنگ ڪيو ويو جو اھا جدوجھد اڳتي نھ وڌي سگھي. بھرحال پورھيتن جي حقن جو معاملو جيئن تھ فردي نھ پر اجتماعي سياسي سگھه ۽ جدوجھد جو گھرجائو آھي، تنھن ڪري اڳيان بھ سياسي ڌرين کي اچڻو پوندو.
ھونئن بھ ٿر ھن وقت تعليم توڙي مختلف سماجي ثقافتي ھُنرن ۾ جنھن انداز سان مرحليوار اڳيان اچي پاڻ مڃائي رھيو آھي، تيئن پنھنجو مارُو ديس سياسي فڪري سگھه ۽ صلاحيت سان پڻ سرشار آھي. بس توھان رڳو ٿر سان رجوع ڪيو. توھان ڏسندئو تھ ٿر جو پڙھيل لکيل نوجوان توڙي عام پورھيت ڪيترو نھ سجاڳ آھي!! اچو ۽ اچي اھڙي سجاڳي کي سياسي ۽ ماحولياتي حقن جي دفاع واري جدوجھد ۾ سھيڙيو. اھو ڪم جيڪا ڌر جيترو سِگھو ڪندي، سا کِيرون لھندي. اھو ان ڪري جو اسان جي سماج ۾ اڪثر ڪنھن بھ معاملي ۾ سياسي ڌريون ويھي ھڪ ٻئي جو انتظار ڪنديون آھن تھ ڏسون فلاڻي ڌُر ڇا ٿي ڪري؟ پر ھتي ھاڻ ايئن نھ ٿيڻ گھرجي. ھڪ ٻئي جو انتظار ڪرڻ بدران ھليا اچو ۽ اچي پنھنجن پورھيتن جي حقن جي وارثي ڪريو.