ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھڪ املهه ماڻهو

Editorial-Article-Irshad Ali Otho

ارشاد علي اوٺو
سردار جان محمد ڏاھريءَ جي پيدائش گورنمنٽ بوائز ھاءِ اسڪول دولتپور جي جنرل رجسٽر موجب 1937ع آھي جنھن جي تصديق زاھد حسين سومري ڪئي ۽ سردار گلڻ ڄام ڏاھريءَ جي وفات 19 اپريل 1971ع ۾ ٿي پر سردار جان محمد ڏاھري، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد ڏاھريءَ کي پنھنجي پيدائش جو سال 1932ع ٻڌايو ھو ۽ سندس چواڻي ته رئيس جان محمد تصديق ڪئي ھئي ته ان وقت اسڪول جا استاد عمر ڪجهه گهٽ ڪري لکندا ھئا، جنھن ڪري منھنجي ڄم جي تاريخ اسڪولي جنرل رجسٽر ۾ 1937 لکيل آھي. اھڙي تصديق ڪتاب “تاريخ ضلع نواب شاهه ۾” ڊاڪٽر محمد لائق زرداري پڻ ڪئي آھي. والد جي وفات کان پوءِ سردار جان محمد ڏاھريءَ کي سرداري پڳ ٻڌائي وئي، پڳ جي رسم ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قبيلن جي سردارن شرڪت ڪئي، سردار جان محمد ڏاھري 51 سال سردار رھيو ۽ پاڻ انھن سالن دوران پنھنجي راڄ ڀاڳ سميت آس پاس جي بي سھارا غريب، لاچار ماڻھن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندو رھيو.
سردار جان محمد ڏاھري پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي سياسي لاڙھن چاڙھن کي وڏي دليريءَ سان منھن ڏيندو رھيو، سال 1971ع ۾ جڏھن کيس سرداري پڳ ٻڌائي وئي ان ئي دؤر ۾ پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي پاڪستان جي پھرين حڪومت جي شروعات ٿي چڪي ھئي. ان وقت دولتپور، مورو تعلقي جي سرڪل ھئي، موري جا جتوئي صاحبان سياسي طور سگهاري ڌر ھئا ۽ سردار جان محمد ڏاھري سندن حريف ھو.
سردار جان محمد ڏاھري دولتپور جي علائقي ۾ ھڪ انتھائي سگهاري سياسي شخصيت طور اڀري رھيو ھو يقينن ان سڄي سياسي عمل جو جتوئي صاحب جي سياست تي گھرو اثر پئجي رھيو ھو، ان ڪري کيس وڏي سياسي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پئي.
ان حڪمت عملي تحت هن پنھنجي ۽ پنھنجي علائقي جي راڄن ڀاڳن جا فيصلا ڪرڻ، انھن جي غم، خوشيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ انھن جي مسئلن کي پنھنجو مسئلو سمجهندي وڌيڪ اھميت ڏيندو رھيو.
پاڪستان جي وزيراعظم محترم محمد خان جوڻيجي جي دؤر ۾ ڏاھري خاندان مان سردار رضا محمد ڏاھري ايم پي اي جي سيٽ تي چونڊجي ڪامياب ٿيو ۽ 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاران سردار جان محمد ڏاھري جي ٻن ننڍن ڀائرن سردار رضا محمد ڏاھري ۽ رئيس مٺل خان ڏاھري کي الڳ الڳ ايم پي اي جون ٽڪيٽون ڏنيون ۽ اھي ايم پي پڻ چونڊيا ويا.
1988ع ۾ دولتپور جي ڏاھري خاندان سنڌ جي مضبوط سياسي خاندان طور پاڻ مڃايو. اڳتي سردار جان محمد ڏاھري جو وڏو پٽ خان محمد ڏاھري ۽ رضا محمد ڏاھري جو پٽ رئيس ڊاڪٽر بھادر خان ڏاھري وقت به وقت سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊبا رھيا، جڏھن ته مٺل خان ڏاھري جو فرزند ھر دل عزيز شخص رئيس عاشق حسين ڏاھري تعلقي ناظم تي ڪامياب ٿي دولتپور جي خدمت ڪئي. انھن سڀني سياسي ڪاميابين جي پويان سردار جان محمد ڏاھريءَ جو وڏو ھٿ ھو.
هو پنھنجي ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاھريءَ مان صبح جو ڇھين وڳي دولتپور واري بنگلي تي پھچي ويندو ھو ۽ منجهند تائين ماڻھن جا مسئلا حل ڪندو ھو ۽ رات دير تائين غريب غربي سان پيو ملندو ھو. سندس عادت ھوندي ھئي ته جيڪو به ننڍو يا وڏو سندس بنگلي تي ايندو ھو ان کان حال احوال وٺي سندس ڳالھه ٻڌي مسئلي جو حل ڪڍندو ھو.
سندس وڏو پٽ رئيس خان محمد ڏاھري 2002ع ۾ نگران دؤر ۾ تعليم جو وزير ٿيو. ان جي ڪوشش سان دولتپور ۾ ڪاليج منظور ٿيو. ڪاليج جي ايس اين اي به منظور ٿي وئي پر نگران حڪومت جو مدو چار مھينا ھو جنھن ڪري ڪاليج جي بلڊنگ منظور نه ٿي سگهي. سردار جان محمد جي ڪوشش ۽ دلچسپي ھئي ته دولتپور ڪاليج جي بلڊنگ دولتپور ۾ سرڪاري زمين ۾ ٺھي جنھن لاءِ پاڻ وقت به وقت ڪوشش به ڪندو رھيو.
ھڪ ڀيرو مون کي موڪليائين ته ڊپٽي ڪمشنر نواب شاہه کان سرڪاري زمين ڪاليج جي بلڊنگ لاءِ منظور ڪرائڻ لاءِ اين او سي وٺي اچ، ڊي سي سان مليس جنھن کي ٻڌايو ته سردار صاحب موڪليو آھي. وقت جي ڊي سي مون کي اين او سي ڏني پر ايريگيشن جي سيڪريٽريءَ جي اعتراض جي ڪري دولتپور ڪاليج سرڪاري زمين تي منظور ڪونه ٿيو.
جڏھن سندس وڏو پٽ سردار خان محمد ڏاھري 2018ع ۾ ايم پي اي ٿيو ته ڪاليج جي بلڊنگ منظور ڪرائيسين جيڪا بلڊنگ ٺھي راس ٿيڻ تي آھي. سردار جان محمد ڏاھريءَ جو خال ڀرڻ ته ڏکيو آھي پر ڏاھري خاندان کي سنڌ جي اھم سياسي خاندانن ۾ شامل ڪري ويو.
مون سندس شخصيت جي حوالي سان پنھنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button