ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وبا، استنبول ۽ پاموڪ جو ناول-I

Editorial-Article-Kaleem butt

انسان پنهنجي لڳ ڀڳ ست هزار سالن جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي المين، آفتن، جنگين ۽ وبائن کي منهن ڏيندو آيو آهي، جنهن جي ڪري ڪيترائي انساني نسل تباهه ٿي ويا، نه رڳو انساني نسل پر ٻي آبي ۽ غير آبي جيوت پڻ تباهه ٿيندي رهي آهي.
مايا پرڀو نالي هڪ هندستان ڄائي محقق پنهنجي هڪ مضمونHistory’s Seven Deadliest Plagues ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪووڊ-19 سان گڏ ڇهه ٻيون اهڙيون وبائون ٿي گذريون آهن، جن کي اسين انساني تاريخ جون موتمار وبائون ڪوٺي سگهون ٿا. پر انهن ست اهم وبائن کان سوا ٻين به ڪيترين وبائن کي انسان ذات منهن ڏيندي آئي آهي.
مايا جي انهي مضمون موجوده انسان ذات جنهن سڀ کان پهرين وڏي ۽ اهم وبا کي منهن ڏنو، ان جو نالو بليڪ ڊيٿ آهي جيڪا چين ۾ 1334ع ۾ شروع ٿي ۽ 1353ع (19 سال) ۾ ختم ٿي ۽ ان جي ڪري 5 ملين ماڻهو مري ويا. هيءَ وبا چين مان شروع ٿي ۽ هندستان کان ٿيندي شام ۽ عراق تائين وڃي پهتي ۽ اتان وري 1347ع ۾ يورپ ۾ ظاهر ٿي، جنهن جي ڪري پنجن سالن اندر يورپ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي موت جي ور چڙهي وئي. اها وبا Yersinia Pestis نالي هڪ وائرس مان پکڙجي جيڪو ڪُوئن ۽ مکين وغيره ۾ پيدا ٿيو. ان وبا جي ڪري هلندڙ جنگيون ختم ٿي ويون ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. اهو bubonic plague هو جنهن ۾ ماڻهن کي گند سان ڀريل ڦرڙيون نڪرنديون هيون ۽ جڏهن ڪا مک وغيره اهڙي کليل ڦرڙي تي ويهندي هئي ته ان جو زهر کڻي وٺندي هئي. ٻي اهم وبا اُرڙي (Smallpox) جي هئي جيڪا 1520ع ۾ شروع ٿي ۽ لڳ ڀڳ 1600ع تائين هلندي رهي. اها آمريڪي واپارين جي يورپ پهچڻ سان پکڙجي ۽ 20 کان 60 سيڪڙو يورپي آبادي ان مان متاثر ٿي. ان کان پوءِ 541ع کان 549ع تائين هلندڙ Plague of Justinian جيڪا قستنطنيا ۾ آئي، ان کي به اهم وبا ليکيو وڃي ٿو. ان جي ڪري 30 کان 50 ملين انسان اجل جو شڪار ٿيا. اها وبا به bubonic هئي.
سال 1855ع ۾ چين ۾ وري هڪ وبا شروع ٿي جنهن کي The Third Plague جو نالو ڏنو ويو ۽ اها چين کان ٿيندي هندستان پهتي، ان جي ڪري لڳ ڀڳ 12 ملين ماڻهو مئا. هي وبا 1959ع تائين ٿوري يا گهڻي انگ ۾ موجود رهي.
اهڙي ريت فلو واري وبا به اهم وبائن مان هڪ هئي، جيڪا 1918ع ۾ شروع ٿي ۽ 1920ع (2 سال) ۾ ختم ٿي وئي. هيءَ آمريڪي رياست الاسڪا جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ شروع ٿي ۽ ان جي ڪري ان ڳوٺ جي 90 سيڪڙو آبادي مري وئي. 1918ع ۾ جڏهن پهرين مها جنگ کان پو هندستاني سپاهي گڏيل هندستان وريا ته پاڻ سان گڏ فلو به کڻي آيا ۽ ان بيماريءَ جي ڪري لڳ ڀڳ 19 ميلن هندستاني موت جي ور چڙهي ويا. جڏهن هيءَ وبا ايران پهتي ته ٽن هفتن ۾ ان جي 22 سيڪڙو آبادي فلو جي ڪري گذاري وئي. جڏهن ته پوري دنيا ۾ فلو جي ڪري 50 کان 100 ملين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.
1981ع کان اڄ ڏينهن تائين هلندڙ HIV/AIDS بيماريءَ کي به اهم وبائن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه سال اڳ سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي مان ڇرڪائيندڙ خبرون اچڻ لڳيون ته دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ايڊز جا مريض لاڙڪاڻي ۾ آهن. پوري دنيا ۾ ان جي ڪري لڳ ڀڳ 36 ملين ماڻهو مري چڪا آهن.
سال 2019ع ۽ 2020ع ۾ چين مان شروع ٿيل ڪووڊ-19 کي دنيا جي ستين اهم موتمار وبا طور ڳڻيو وڃي ٿو، چين جي شهر وهان ۾ شروع ٿيندڙ هيءَ وبا دنيا جي 114 ملڪن تائين وڃي پهتي جنهن جي ڪري سموري دنيا جو ڪاروهنوار ئي ٺپ ٿي ويو. هڪ اندازي موجب هن وقت تائين هن وبا جي ڪري لڳ ڀڳ 20 ملين ماڻهو مري چڪا آهن.
مان سمجهان ٿو ته انسانن جيڪو ڳالهائڻ کان پو پاڻ کي وڏي ۾ وڏو تحفو ڏنو آهي، اهو هڪ ٻئي کي ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو تحفو آهي. اهو مان اڳ به چئي چڪو آهيان ۽ شايد وري وري ان ڳالهه جو اظهار ڪندو رهان ته اسٽوري ٽيلر هجڻ دنيا جي اهم اعزازن مان هڪ آهي. ڪهاڻي ڪڏهن جادو ٿي پوندي آهي ته ڪڏهن وري تاريخ… ٻنهي ۾ رڳو لفظن سان ئي کيڏڻو پوندو آهي، جادوءَ جي عمل کي پورو ڪرڻ لا جادوگر کي ڪجهه لفظ سکي ڦوڪڻا پوندا آهن ۽ انهن لفظن جي پٺيان انيڪ ڪهاڻيون لڪل هونديون آهن، اهڙي ريت تاريخ ڪيترين ئي خوبصورت ڪهاڻين جي ميلاپ مان جنم وٺندي آهي. آمريڪا جو مشهور ناول نگار جان بارٿ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته اصل ڪرتب اهو آهي ته اوهان کي ڪرتب سکڻو پوندو. بارٿ جي ان جملي سان مان سو سيڪڙو اتفاق ڪريان ٿو بنا ڪرتب سکئي ڪهاڻيڪار پاڻ کي ماڻهن آڏو ڏٺو ئي ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو اصل ڪهاڻي ڇا چوڻ بدران اهو فن آهي ته ڇا ڪيئن چئجي؟ هڪ ماهر اسٽوري ٽيلر ڪنهن ماهر جادوگر جيان پڙهندڙن اڳيان لفظن جو اهڙو ته خوبصورت ڄار وڇائيندو آهي جو پڙهندڙ ان ڄار ۾ ڦاسندو ويندو آهي. اسٽوري ٽيلر جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اهو هوندو آهي ته معمولي ڳالهه کي به غيرمعمولي انداز ۾ دلڪش ڪري پيش ڪري.
هاڻي جڏهن وبائن سان گڏ ڪهاڻيءَ جي به ڳالهه نڪتي آهي ته پاڻ هتي وبائن جي حوالي سان ٻڌايل ڪهاڻين جو ذڪر ڪندا هلون ٿا. وبائن جي حوالي سان ڪيترن ئي اديبن ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن، جن اڳيان هلي دنيا جي عظيم ۽ شاهڪار ادب جو روپ ورتو. انهن ۾ البرٽ ڪاميو جو ناول دي پليگ (1947)، گيبريل گارشيا مارڪيز جو لو ان دي ٽائيم آف ڪالرا (1985)، ۽ اورحان پاموڪ جو دي وائيٽ ڪيسل (1980) ڪجهه اهم ناول آهن. هنن ٽنهي ناول نگارن ۾ وبا تي ناول لکڻ سان گڏ هڪ ٻي هڪجهڙائي اها به آهي ته ٽنهي کي ادب جو نوبل انعام پڻ ملي چڪو آهي. ويهين صدي جا ٻه عظيم اسٽوري ٽيلر البرٽ ڪاميو ۽ مارڪيز ته اسان کي ڇڏي وڃي چڪا آهن، پر ويهين ۽ ايڪهين صدي جو هڪ ٻيو عظيم اسٽوري ٽيلر پاموڪ اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هڪ اسٽوري ٽيلر پنهنجي علائقي سان گڏ سموري دنيا جو هوندو آهي، ان تي سموري دنيا جو ايترو ئي حق هوندو آهي، جيترو هن جي علائقي وارن جو. ان ڪري ترڪ ٻولي جو اسٽوري ٽيلر پاموڪ هجي يا فرانسيسي ٻولي جو اسٽوري ٽيلر ڪاميو هجي يا وري اسپيني ٻولي جو اسٽوري ٽيلر مارڪيز هجي، اهي سڀ اسان جا ئي اسٽوري ٽيلر آهن ۽ اسين سنڌي ٻولي جا اسٽوري ٽيلر وري انهن سڀني جا آهيون.
تازو ئي مون پاموڪ جو ناول “دي وائيٽ ڪيسل” پڙهي پورو ڪيو آهي. پاموڪ لا اهو به مشهور آهي ته هن کي استنبول سان عشق آهي ۽ هن جي هر ڪتاب ۾ استنبول جو ذڪر لازمي هوندو آهي. هن ان حوالي سان هڪ ڪتاب استبول: يادگيريون ۽ شهر به لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ هو ڄاڻائي ٿو:
“مون ڪڏهن به استنبول کي ڇڏيو ئي ناهي، پنهنجي ٻالڪپڻ وارن گهرن، گهٽين ۽ پاڙن کي ڪڏهن ڇڏيو ئي ناهي. جيتوڻيڪ مان گذريل پنجاهه سالن کان مختلف علائقن ۾ رهندو پيو اچان.”
انهي ڪتاب ۾ پاموڪ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته استنبول جي تقدير هن (پاموڪ) جي تقدير ئي آهي، “مون کي هن شهر سان لڳا آهي ڇو جو هن ئي شهر مون کي اهو بڻايو جيڪو مان اڄ آهيان.”
بلڪل ايئن ئي پاموڪ جو هيءَ ناول به 17هين صدي جي استنبول جي پسمنظر ۾ ئي لکيل آهي، جنهن ۾ اوچتو ئي اوچتو وبا اچي وڃي ٿي. هيءَ ناول برطانيا ۾ پهريون ڀيرو 1990ع ۾ ڇپيو ۽ سال 2009ع ۾ Faber First هن جو موجوده ڇاپو ڇپرايو. هيءَ ناول “سيريز آف فرسٽ” جو پهريون ناول هو جيڪو اداري جا 80 سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڇپرايو ويو. هيءَ 145 صفحن جو ننڍڙو ناول آهي پر ان جي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو جهان آهي ۽ اهو پاموڪ جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو ڪمال آهي جو هو ايڏيون وڏيون ڳالهيون سادي انداز ۾ ڪري ويو آهي. هن ناول جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ناول مهاڳ نالي باب سان شروع ٿئي ٿو. سن 1982ع ۾ فاروق درونوگلو کي گبزي جي هڪ سرڪاري آفيس مان هڪ قديم مسودو ملي ٿو جنهن جي پهرين پني تي لکيل آهي “The Quilter’s stepson”. هن مسودي لا فاروق جو خيال هو ته اهو ان ڪري هن وقت تائين بچيل هو جو سادن ماڻهن ان جي عربي لکت کي ڏسي اهو ڄاتو ته هيءَ عثماني دور ۾ لکيل ڪلام پاڪ جو ڪو نسخو هوندو ۽ ان کي پاڪ ڪتاب سان گڏ حفاظت سان رکندا ٿي آيا. پر جڏهن هو ان ۾ ڏسيل ڪهاڻي پڙهڻ لڳو ته ان جي سحر ۾ گم ٿيڻ لڳو ۽ کيس لڳو ته هي ڪهاڻي ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي. هو ان ڪهاڻيءَ کي ترتيب ڏيڻ لڳو ۽ ان کي پنهنجي ڀيڻ نلگم درونوگلو (1961 کان 1980 تائين) کي ارپي ٿو، جيڪا اڻويهه سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. ان حساب سان هن ناول جي ارپنا ۽ مهاڳ ٻئي افسانوي آهن ۽ ناول جي شروعات ارپنا واري صحفي کان ئي ٿئي ٿي. ان مسودي ۾ فاروق کي اٽليءَ جي هڪ اهڙي نوجوان عالم جي ڪهاڻي پڙهڻ لا ملي ٿي جنهن کي سامونڊي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ۽ استنبول جي غلامن واري بازار ۾ وڪرو ڪيو. ان بازار مان ان کي هڪ همراهه خريد ڪري ٿو جيڪو پاڻ به عالم آهي ۽ مغرب وارن جي ثقافت کي سمجهڻ جو چاهه اٿس.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button