ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڳنڍين سارو ڏينهن

Editorial-Article-Asar Imam

اوهان جي موبائيل ۾ اهڙا ڪجهه نمبر ضرور هوندا آهن جيڪي هاڻي نه ڊائل ٿي سگهن ۽ نه ڊليٽ. منهنجي فون ۾ به اهڙا ڪافي نمبر گڏ ٿي ويا آهن. پهريان پراڻو ساٿي ۽ سٻاجهڙو دوست نعيم شاڪر، پوءِ لنگوٽيو يار ۽ ڪليگ غلام رسول جوڻيجو، وري جهونو سياسي اڳواڻ محمد علي ڀارا، پوءِ چوڌري فتح محمد، فانوس گجر، ڪامريڊ حسن عسڪري، ڪامريڊ روشن ڪلهوڙو ۽ هاڻي واجه يوسف مستي خان. هاڻي آئون نه انهن کي فون ٿو ڪري سگهان ۽ نه وري انهن جا نمبر ڊليٽ ڪرڻ تي ارواح ٿو ٿئي. يوسف صاحب جي نمبر تان ڏهاڙي صبح جو گڊ مارننگ جو خوبصورت ميسيج پابنديءَ سان ملندو رهندو هئو جيڪو پڻ هاڻي نه ٿو ملي.
يوسف مستي خان 16 جولائي 1948 تي اڪبر مستي خان جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هُو بلوچن جي گورگيج قبيلي سان تعلق رکندو هئو. ڪنهن زماني ۾ ان قبيلي ۾ بالاچ خان نالي هڪڙو خوبصورت ۽ قدآور شاعر پيدا ٿيو هئو جنهن قبيلي کي تمام وڏي پيماني تي سڃاڻپ ڏياري. بالاچ پنهنجي قبيلي جي سرداريءَ کان علاوه ٻين بلوچ قبيلن جي نظر ۾ به عزت ڀريو ۽ احترام جوڳو هئو. اهي پڻ کيس پنهنجو سردار قبوليندا هئا.
يوسف صاحب جو خاندان 1860 ۾ ايران جي علائقي چاه بهار منجهان لڏي ڪراچيءَ آيو هئو. ڪراچيءَ ۾ روزگار جو سٺو موقعو نه ملڻ سبب يوسف صاحب جو ڏاڏو برما هليو ويو. جيڪو پوءِِ 1902 ۾ واپس ڪراچيءَ آيو. يوسف صاحب جو والد مڇيءَ جو واپاري ۽ فيڪٽرين جو مالڪ هئو جڏهن ته سندس چاچو ستار مستي خان انگريزن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ خان آف قلات جو سفير رهيو هئو.
يوسف مستي خان جهڙا ماڻهو کنڀين وانگر پيدا ٿي پوندڙ سياستدان نه هوندا آهن جهڙي نموني اڄ ڪلهه نظر اچي رهيو آهي. پارٽيون ۽ سياستدان رات پيٽ ۾ پيدا ٿين ٿا. سوشل ميڊيا ذريعي مشهوري ماڻن ٿا ۽ پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ نيست و نابود به ٿي وڃن ٿا. يوسف ان جي ابتڙ انهن ماڻهن منجهان هئو جن لاءِ شاعر چيو هئو: “بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن مين ديده ور پيدا”. اهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن ۽ انساني تاريخ تي پنهنجي ڪردار ۽ شخصيت جي جيڪا ڇاپ ڇڏي ويندا آهن اها به صدين تائين قائم رهندي آهي. هُو پاپولسٽ نعري بازيءَ بدران عوام جي اصل ۽ بنيادي مسئلن توڙي حقن لاءِ دانهيندڙ انسان هئو جيڪو ڊگهي عرصي جي رياض ۽ ولوڙ جي نتيجي ۾ ائين پچي راس ٿيو جيئن سونارو سون منجهان کوٽ الڳ ڪري ان کي مڪمل طور تي کرو بڻائڻ لاءِ لڳاتار تيز باهه منجهان گذاريندو آهي. مٿئين وچولي طبقي سان تعلق هوندي به هُن پنهنجو پاڻ کي ظالمن جي صف ۾ بيهارڻ بدران مظلومن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ايبٽ آباد جي بورڊنگ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ وارو يوسف مستي خان وڻ جي ڇانوَ ۾ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ وارن ٻارڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن هُو ڦُوهه جوانيءَ ۾ هئو، ملڪ ۾ موجود ترقي پسند ۽ قوم پرست سياست کان متاثر ٿيو ۽ ان پاسي ڏانهن جهڪيو. يوسف مستي خان سردار شيرباز مزاري ۽ بيگم نسيم ولي خان جي قيادت ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو. پارٽيءَ سندس قابليتن ۽ محنت جو قدر ڪندي کيس ڪراچيءَ جو صدر بڻايو. اها سندس عملي سياست جي شروعات هئي. هُو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان شامل هئو ۽ مارشل لا حڪومت پاران قيد جون سختيون پڻ سٺائين. يوسف صاحب مير غوث بخش بزنجي جو انتهائي اعتماد جوڳو ساٿي ۽ ڪارڪن رهيو. 1993 کان 1996 تائين پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو مرڪزي صدر رهيو. 1997 ۾ پاڪستان نيشنل پارٽيءَ اندر ڏار پئجي ويا ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ماڻهن منجهان هڪڙي ڌڙي مير بيزن خان بزنجو جي سربراهيءَ ۾ سردار عطا الله مينگل سان ملي بلوچستان نيشنل پارٽي ٺاهي ته يوسف مستي خان تمام گھڻو متاثر ۽ مايوس ٿيو. هن پهريان ته پاڪستان نيشنل پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بعد ۾ پاڪستان ورڪرز پارٽيءَ سان انضمام ڪيائين جنهن جو مرڪزي صدر عابد حسن منٽو هئو. انضمام کان پوءِ پاڪستان جو لفظ هٽائي پارٽيءَ جو نالو نيشنل ورڪرز پارٽي رکيو ويو. ان نئين پارٽيءَ جو صدر عابد حسن منٽو جڏهن ته سيڪريٽري يوسف مستي خان کي چونڊيو ويو هئو. 2012 ۾ چئن مختلف پارٽين انضمام ڪري عوامي ورڪرز پارٽي ٺاهي جنهن جو باني صدر عابد حسن منٽو صاحب رهيو آهي. بعد ۾ جڏهن مرحوم فانوس گجر پارٽيءَ جو صدر بڻيو ته يوسف مستي خان پارٽيءَ جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو هئو ۽ گجر صاحب جي وفات کان پوءِ قائم مقام صدر رهيو تان جو 2022 ۾ لاهور واري پارٽي ڪانگريس ۾ کيس صدر مقرر ڪيو ويو.
يوسف مستي خان آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن انهن ماڻهن منجهان هئو جيڪي کاٻي ڌر جي ترقي پسند سياست ۽ قوم پرستيءَ کي مارڪس ۽ لينن جيان ٻه الڳ ۽ بنيادي طور تي مختلف سياسي لاڙا سمجهڻ بدران انهن جي سنگم تي يقين رکندا آهن. هُو انهن سياستدانن منجهان هئو جن قوم پرستي لينن کان سکي هوندي آهي ۽ جيڪي مارڪسزم کي قومن جي حقن توڙي آزاديءَ جي ويڙهه ۾ اهڙي نموني حمايت ڪندڙ سائنسي نظريو سمجهندا آهن جو ان کان وڌيڪ بهتر ڪو آپشن ئي نه هوندو آهي. اقتدار ۽ اختيار توڙي مال ۽ دولت جي هوس يوسف صاحب جهڙن ماڻهن جي ويجهو به نه لنگهندي آهي. هُو چئن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين سياسي ڪارڪنن جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل رهيو. هُو جتي موجوده سياسي معاشي سرشتي جو مخالف هئو اتي پاڪستان جي ظالماڻي وفاقيت پرستيءَ جو پڻ ڪٽر مخالف هئڻ ڪري کاٻي ڌر جي ترقي پسندي ۽ قوم پرستي سندس سياسي نظرين جو سرچشمو بڻيل هئي.
هُو پاڪستان جي سياست ۾ ٿيندڙ هر قسم جي اٿل پٿل ۽ ڏکيائين باوجود پنهنجي نظرين ۽ سياسي خيالن سان سندس ڪمٽمينٽ تي ڪو فرق نه پيو. يوسف جهڙا ماڻهو حال جي گھٽ مستقبل جي سياست وڌيڪ ڪندا آهن. سندن خيال ۽ نظريا ايندڙ وقت لاءِ هوندا آهن. يوسف جي سياست پاڪستان جي آئين ۾ بنيادي تبديلين جي حق ۾ هئي ته جيئن نئون سماجي معاهدو قائم ڪجي جيڪو هن ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي مقامي قدرتي وسيلن تي مالڪيءَ جو حق ڏئي. يعني جنهن کان پوءِ سئي، بلوچستان جو گيس ڪشمير پهچڻ کان اڳ ڪوئيٽا ۾ استعمال ٿئي. سانگهڙ منجهان نڪرندڙ تيل ۽ گيس شيخوپوره ۽ چنيوٽ پهچڻ کان پهريان سانگهڙ ۽ سنجهوري وارن وٽ پهچي. قدرتي وسيلن تي پهريون حق اتان جي ماڻهن جو قبوليو وڃي ۽ اها قبوليت لفظن يا اکرن ۾ نه پر عمل ۾ هئڻ گھرجي. ڪراچيءَ جي هڪڙي خوشحال ۽ آسودي گهراڻي جو نوجوان جيڪو پاڪستان برما شيل ڪمپنيءَ ۾ وڏي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو مينيجر هئو ۽ جلد ئي ڪنٽري هيڊ بڻجڻ جا امڪان به هئس، تنهن پنهنجو ڪيريئر ڦٽي ڪري پاڪستاني سياست ۾ پير پاتو. اهڙي ڪمٽمينٽ جا مثال تمام ٿورا آهن. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ حسن ناصر شهيد جي واٽ تي هلندي يوسف مستي خان به عيش آرام ۽ ذاتي ترقيءَ جي واٽ ڇڏي واريءَ جو پنڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1975 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي تڏهن بلوچ باغين جي مالي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ يوسف ۽ سندس چاچي ستار مستي خان کي گرفتار ڪيو ويو هئو. ستار مستي خان ڀُٽي صاحب جو انتهائي ويجهو دوست هئو. هُو ڀُٽي صاحب جي انهن 10 انتهائي ويجهن دوستن ۾ شامل هئو جيڪي بيگم نصرت ڀٽو سان شاديءَ جي دعوت ۾ پڻ شريڪ هئا. ان کان علاوه ان شاديءَ لاءِ ڀُٽي صاحب کي پنهنجي ڪار پڻ اڌاري ڏني هئائين.
هُو ڪافي سالن کان جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا هئو پر ڪڏهن هيڻين نه ٻوليائين. هڪڙي ڀيري جناب عابد حسن منٽو سان ويٺا هئاسين ته يوسف صاحب پنهنجي ان بيماريءَ جو ذڪر ڪيو جنهن تي منٽو صاحب کيس سختيءَ سان منع ڪيو ته اهڙو اظهار آئنده ڪڏهن به نه ڪجانءِ ڇاڪاڻ ته اهڙيون خبرون دوستن کي ڏکارو ۽ دشمنن کي خوش ڪري ڇڏينديون آهن. يوسف صاحب ان خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به اسان جي ڪمزور رياست جي نظر ۾ ايترو سگهارو هئو جو کيس گوادر ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو ويو ۽ مٿس رياست سان بغاوت جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو. ملڪ رياض هجي يا ڪو ٻيو. ڪراچيءَ جي اصلوڪن ماڻهن کي بيدخل ڪري انهن جون زمينون ڦٻائڻ، ڳوٺ مسمار ڪرڻ جهڙن عملن خلاف يوسف مستي خان سينو تاڻي اڳيان بيهڻ وارن ماڻهن منجهان هئو. هُو پنهنجي آخري پساهن تائين جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ جو نشان بڻيل رهيو.
هُو 29 سيپٽيمبر 2022 تي 74 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ميوا شاهه قبرستان ۾ سندس پڙڏاڏي مستي خان جي قبر ڀرسان مٽيءَ حوالي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button