ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فوجي سربراهه جا ٻه اھم اعلان

Editorial-Article- Muhammad Khan Sial


پاڪستان جي فوج جي سربراهه،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو فيصلو ميِڊيا ۾ ڇپيو آھي ته ھو اضافي مدو پورو ٿيڻ تي پنھنجو عھدو ڇڏي ڏيندو ۽ پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ پري ئي رهڻ گهري ٿي. واشنگٽن، آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ گڏجاڻيءَ دوران آرمي چيف جنرل باجوه جو چوڻ ھو ته ملازمت وارو مدو پورو ٿيڻ بعد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندس. انھيءَ موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ ھو ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ اڳتي به پاڻ کي سياست کان پري رکندي. ٻئي طرف، بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چواڻي فوج جو سربراهه ھن مھيني يا ايندڙ مھيني جي شروع ۾ مقرر ڪيو ويندو، جڏھن ته ميڊيا موجب فوج جي سربراهه جو چوڻ ھو ته ھو 29 نومبر تائين رھندو.
فوج جي سربراهه جي بيان ۾ ٻن اھم اعلانن جو حوالو ڏنل آھي جن تي عمل ٿيو ته ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ملڪ جو فائدو ٿي ويندو. تنھنڪري انھيءَ بيان جي دل سان آجيان ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ ۾ ملڪ جو دائمي فائدو سمايل ھوندو، جيڪا معمولي ڳالهھ ناھي.
سندس پھريون اھم اعلان آھي ته ھو پنھنجو اضافي مدو پورو ٿيڻ تي پنھنجو عھدو ڇڏي ڏيندو. اصل ۾ فوج جي ھاڻوڪي سربراهه کي اضافي مدو مليل آھي جيڪو ختم ٿيڻ وارو آھي. سندس بيان جي انھيءَ ڪري اھميت آھي ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ ) جي سربراهه عمران خان جيڪو سدائين اختلافي بيان جاري ڪري قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي تنھن عجيب بيان ڏنو ته جيستائين عام چونڊون ٿين تيستائين کيس نه ھٽايو وڃي. مطلب ته فوج جي سربراهه جو اضافي مدو پورو ٿئي ته به سندس جاءِ تي ڪنھن ٻئي فوجيءَ کي مقرر نه ڪيو وڃي. سچائي اھا آھي ته فوج جي سربراهه جو مدو ختم ٿيندو آھي ته ان ۾ واڌ ڏئي سگهجي ٿي پر اھو ته ھاڻوڪي فوجي سربراهه کي اڳ ئي مليل آھي جيڪو مدو ختم ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري سندس جاءِ تي ملڪ جو فوجي سربراهه، قانون موجب ٻيو مقرر ٿيندو ته انھيءَ ۾ ڪھڙو ڏوهه آھي؟ نئين سربراهه جي مقرريءَ لاءِ فوج عام طور پنج نالا ڏيندي آھي جن مان ڪنھن به ھڪ کي ملڪ جو فوجي سربراهه مقرر ڪري سگهي ٿو. اھڙي ريت اھا مقرري قانون موجب ٿيندي. پوءِ، انھي قانوني پر جائز فيصلي تي عمران خان نيازيءَ اجائي رڪاوٽ ڇو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي؟ اصل ۾ عمران خان نيازيءَ جو گذرسفر رڳو سکڻن بيانن تي ھوندو آھي، ھو جذباتي، اھم توڙي غيراھم بيان ڏئي قوم کي لاڳيتو گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي. عمران خان نيازي ملڪ جو پوڻا چار ورھيه وزيراعظم رھيو ته ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٽڪو به ڪارنامو ڪونه ڪيو، الٽو قوم کي مھانگائي وغيره ذريعي تباهه ڪرئڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو جيڪا سندس بيانن توڙي اختلافي ڪارروائيءَ سان اڃا به ظاهر آھي.
اھو سوچڻ گهرجي ته جيڪڏھن فوج جي سربراهه جو اضافي مدو مڪمل ٿيڻ تي فوج طرفان قانون موجب پنج نالا ڏنا وڃن ته انھن مان ڪو ھڪ مقرر ڪجي ته انھيءَ ۾ ڪھڙو ڏوهه آھي؟ عمران ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاھي ٿو پر اسان وٽ کوڙ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اڳ ۾ ڪجهه سياسي اڳواڻن سان نفرت جي بنياد تي، عمران خان جي سنڌ سميت ملڪ دشمنيءَ تي اکر به نٿا ڪڇن، زوردار تحريڪ ھلائڻ ته پري جي ڳالھ آھي. عوام جي ڀلائيءَ انھن لاءِ بلڪل اھميت نٿي رکي. مثال: عمران خان تازو بيان ڏنو ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو جنھن جو مقصد اھو ٿيندو ته ھزارين ورھين جي پراڻي سنڌ ڪل ڇھن يا ستن صوبن ۾ ورھائجي ويندي. سنڌ جي ايڏي تباھيءَ واري سڌي يا اڻ سڌي ريت بيان تي اسان وٽ ھڪ گروپ جيڪو پاڻ کي سنڌ جو پراڻو پر اڪيلو خيرخواهه سڏي ٿو سو عمران خان نيازيءَ جي سنڌ ٽوڙڻ وارن بيانن خلاف اکر به ڪونه ڪڇندو آھي. اھا سنڌ دشمني ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جنھن جو واسطو عمران خان جي پارٽيءَ سان آھي تنھن کي ڏينھن رات سنڌ سرڪار جون خاميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون پر خوبي ھڪ به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. عمران خان نيازي ڊويزنن کي صوبا بڻائڻ جو تازو بيان ڏنو آھي ۽ اھڙي ريت ھن سنڌ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آھي پر حليم عادل شيخ جھڙن کي سنڌ دشمني ڏسڻ ۾ نٿي اچي ۽ نه ئي ايندي پر اھو عام تاثر آھي ته جيڪڏھن عمران اقتدار ۾ آيو ۽ سنڌ ٽوڙڻ واري پنھنجي اعلان تي عمل ڪيو ته حليم عادل شيخ جهڙا خوشيءَ ۾ ڊانس ڪندا. افسوس!
عمران خان نيازيءَ جو ڪھڙو رويو رھيو آھي، تنھن جي معلومات لاءِ تازي شايع ٿيل ھڪ بيان جو جائزو وٺڻ مناسب آھي. اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو آھي ته عمران خان جي حڪم تي کيس باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو هو. بشير ميمڻ هيڪر جي ٽوئيٽ جي تصديق ڪندي چيو آھي ته عمران خان جي حڪم تي کيس باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو هو. بشير ميمڻ موجب عمران خان سندس آڏو مريم نواز خلاف ڪِريل ٻولي ڪتب آندي، جنهن تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ هن وڏي آواز ۾ عمران خان کي ورندي ڏني، جواب ايڏو سخت هو جو بس رڳو گار ڏيڻ رهجي وئي هئي. بشير ميمڻ چواڻي منهنجو لهجو ڏسي اعظم خان هٿ پڪڙي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ٻاهران در بند ڪري ڇڏيو.
عمران خان جو تازو بيان ڇپيو آھي ته آرمي چيف ڪھڙو به اچي مون کي ڪو فرق ڪونه ٿو پوي پر ساڳي وقت ھن اھو بيان به ڏنو ته فيصلو ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. منھنجي خيال ۾ عمران خان کان پڇڻ گهرجي ته اٽڪل پنجن نالن جي رٿ فوج ڏيندي. ڇا اھي ميرٽ تي ڪونه ھوندا؟ ڇا عمران خان اھو چاھي ٿو ته ھو ان اپوزيشن ۾ آھي ته کانئس پڇي پوءِ فوج جو سربراهه مقرر ڪجي مطلب تہ فوج پنھنجي طرفان رٿ ڪونه ڏئي. لڳي ٿو عمرا ن خان نيازي ذھني مريض بڻجي ويو آهي، جيڪو سدائين عجيب بيان ڏيندو رھي ٿو جنھن جو سچائي يا حق سان واسطو ڪونه ھوندو آھي يا وري بلڪل گهٽ ھوندو آھي. عمران خان نيازيءَ جا بيان گهڻو ڪري فساد وارا ھوندا آھن. لڳي ٿو ته سندس مقصد ملڪ کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ ئي آھي، رڳو سکڻا عجيب ۽ ڪڏھن دلچسپ گهڻي وقت کان بيان ڏئي اھو اھوتاثر ڏئي ٿو ته رڳو ھو ئي ملڪ جو اڪيلو ھمدرد آھي ۽ ٻيا بلڪل ڪونھن يعني سندس سڀ مخالف ملڪ دشمن آھن. ھو پاڻ اعتراض جوڳا اختلافي بيان ڏيندو رھندو آھي.
فوج جي سربراهه چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آھي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ اڳتي به پاڻ کي سياست کان پري رکندي. سندس اھو بيان اھم اھي. جيڪڏھن انھيءَ تي عمل ٿيو ته ملڪ نيٺ ترقي ڪندو، ڇاڪاڻ ته فوج جي خاص ڪري ٻن اڳوڻن سربراھن جنرل ضيا ۽ جنرل پرويز مشرف ٻنھي اٽڪل ويھه ورھيه حڪومت ڪئي ھئي ته انھن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو ھو. سندن سنڌ سان نفرت به وساري نٿي سگهجي. تنھنڪري فوج جي ھاڻوڪي سربراهه جو چوڻ ته سياست کان پري رھبو سو بھتر اعلان آھي جنھن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انھيءَ ۾ ملڪ جو بھتر آئيندو شامل ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button