ڪجهه ڏينهن کان عمران خان نيازيءَ جون آڊيو ليڪس ٿي رهيون آهن، جن مان هڪ آمريڪي سائفر بابت آهي ۽ هڪ هارس ٽريڊنگ جي باري ۾ آهي. مبينه آڊيو ۾ اڳوڻي وزير اعظم کي ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته “توهان کي غلط فهمي آهي جناب، نمبر گيم پوري ٿي وئي آهي. ڊونٽ يو ٿنڪ اٽ از اوور. هاڻي کان 48 ڪلاڪ وڏو ٽائيم آهي، ان ۾ گهڻيون شيون ٿي رهيون آهن.” ان آڊيو ۾ هو چوي ٿو ته “نمبر اهڙو ڪونهي، ائين نه سوچيو ته سڀ ختم ٿي ويو آهي. مون کي نياپو ڏيڻو آهي ته جيڪي اهي پنج آهن نه اهي پنج وڏا اهم آهن. پنجن ميمبرن کي قومي اسيمبليءَ مان خريد ڪري رهيو آهيان، مون وٽ پنج آهن. مون پنهنجي طرفان ڪئين چالون هليون آهن. جيڪي اسين پبلڪ نٿا ڪري سگهون.”
آڊيو ۾ عمران خان نيازي وڌيڪ چوي ٿو ته “هن کي چئو ته جيڪڏهن اسان کي هو 5 سيڪيور ڪري ڇڏي، ڏهه اچي وڃن ته گيم اسان جي هٿ ۾ آهي. هن وقت قوم الارم آهي، ماڻهو چاهين ٿا ته ڪنهن به ريت کٽي وڃون. ان ڪري ڪا ڳڻتي نه ڪريو ته اهو ٺيڪ آهي يا غلط آهي. ڪوبه حربو هجي، هڪ هڪ به جيڪڏهن ڪو ٽوڙي ٿو ته ان سان وڏو فرق پوي ٿو.”
هن قسم جون آڊيو ليڪس ان سوال کي اڀارين ٿيون ته ايتريون ڳجهيون ملاقاتون ڪيئن رڪارڊ ٿيون ۽ هن وقت اهي ڪيئن ليڪ ٿي رهيون آهن. انهن آڊيو مان اهو پڻ ثابت ٿي رهيو آهي ته عمران خان نيازي پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ اهي سڀ سياسي حربا استعمال ڪيا، جن جا الزام هو ٻين سياستدانن تي هڻندو رهيو آهي. هارس ٽريڊنگ ۽ سياست ۾ پئسي جون ڳالهيون هو پاڻ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سياست ۾ پئسي جي استعمال کي خراب سمجهندڙ عمران خان نيازي ان ساڳي سياسي نظام جو حصو نظر اچي ٿو، جنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ هن کي حڪومت ڏني وئي هئي. پي ٽي آءِ کي تبديليءَ جو علمبردار ڪري پيش ڪيو ويو، اها پارٽي نه رڳو ملڪي ادارن کي تڪراري بڻائيندي رهي پر رياست لاءِ به سيڪيورٽي ٿريٽ بڻجي وئي. ان کان سواءِ پارٽي جهڙي ريت ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ان کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ به پنهنجو پاڻ کي پي ٽي آءِ جي سياسي حمايت کان پري ڪري ڇڏيو.
تازو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا جي دوري ۾ اهو چيو آهي ته فوج پنهنجو پاڻ کي سياست کان الڳ ڪري چڪي آهي. فوج جو سياست ۾ ايترو ته اثرائتو ۽ سرگرم ڪردار رهيو آهي جو اها جيڪڏهن واقعي به پنهنجو پاڻ کي ملڪي سياست کان ڌار ڪري ڇڏي ته ماڻهو ان تي ويساهه نٿا ڪن. عمران خان نيازيءَ جي خواهش جي ابتڙ جنرل قمر جاويد باجوه ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته هو پنهنجي مقرر وقت تي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو ۽ نئون آرمي چيف پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو. جنرل قمر جاويد باجوه جي تازي بيان مان اها ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. عمران خان نيازي چونڊن لاءِ لانگ مارچ ڪري يا وڏا وڏا احتجاجي جلسا ڪري پر هاڻ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون. فوج جيڪڏهن اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها پاڻ کي سياست کان پري رکندي ته اهو فيصلو نه رڳو فوج جهڙي اهم اداري لاءِ بهتر آهي پر ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين لاءِ به بهتر آهي. اهي آزاديءَ سان پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا ۽ انهن لاءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ سولو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون سدائين تبديليءَ لاءِ عوام ۽ سياسي طاقت بدران سدائين اسٽيبلشمينٽ ڏانهن واجهائينديون رهيون آهن. جنهن جي ڪري حقيقي سياسي تبديلي هيستائين نه اچي سگهي آهي. عوام کي چئن سالن تائين جعلي سياسي تبديليءَ جي ڄار ۾ ڦاسايو ويو. عوام کي اهو باور ڪرايو ويو ته پي ٽي آءِ اڪيلي سياسي پارٽي آهي، جيڪا تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ ان کان سواءِ تبديلي ممڪن ڪانهي پر جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي ته ان انتقام واري سياست کي هٿي ڏني. عمران خان نيازي هر تقرير ۽ انٽرويو ۾ اهو چوندو رهيو ته هو ڪنهن کي اين آر او ڪونه ڏيندو پر پاڻ اين آر او وٺندو رهيو. 2018ع وارين چونڊن ۾ سندس ڪاميابي به هڪ اين آر او هو. جنهن کان پوءِ هن ملڪ سان ڪهڙو حشر ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي.
اقتدار مان ڌار ٿيڻ کان پوءِ عمران خان نيازيءَ جا اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن تي حملا جاري آهن. تنهن هوندي به هن کي ڪورٽن مان وڌ کان وڌ رليف ملي رهيو آهي. نواز ليگ سان معاملا طئي ٿيڻ کان پوءِ في الحال پي ٽي آءِ لاءِ ڪا گنجائش ڪانه پئي نظر اچي. اهي خبرون به پڻ اينديون رهيون ته فوج ۽ عمران خان نيازي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ جنرل باجوه ملاقاتون پڻ ڪيون پر انهن ملاقاتن جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ان ڪري هو وڏي واڪي فوج تي حملا ڪندو رهيو.
ڪالهه هن پنهنجو پاڻ تي حملي جي ڳالهه ڪئي آهي ته کيس 4 ڄڻا مارائڻ چاهين ٿا. جن جا نالا هن هڪ ويڊيو ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. سندس چوڻ آهي ته کيس قتل ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي ۽ قتل کان پوءِ چيو ويندو ته ڪنهن مذهبي جنوني قتل ڪيو آهي. ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو قتل بلڪل به بهتر عمل ناهي. خاص طور تي ڪنهن مذهبي جنوني هٿان ڪو الزام مڙهي ڪنهن جو قتل برداشت نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ کي قتل ڪرڻ جي ڪا سازش ٿي رهي آهي ته ان کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. پر هڪ ٻي حقيقت اها به آهي ته عمران خان نيازي پاڻ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪندو رهيو آهي. هو لاڳيتو مذهب کي پنهنجي سياست چمڪائڻ ۽ عوام جا جذبا اڀارڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پر اها کيس خوشفهمي آهي ته سندس قتل سان ملڪ ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل اچي سگهي ٿي. رياستن کي سياسي قتل سدائين ڦٻجي ويندا آهن. پاڪستان ۾ ان جا ٻه اهم مثال ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جا قتل آهن. ايترين اهم سياسي شخصيتن جي قتل کان پوءِ به ڪجهه نه ٿيو. عوامي سطح تي جيڪو ردعمل آيو هو، ان ۾ به عوام رڳو لٽ مار ڪئي هئي.
عمران خان جي سياست اڄ به عوام کي گمراهه ڪندڙ آهي. اها سياست ڪا تبديلي نٿي آڻي سگهي پر تباهي ضرور آڻي سگهي ٿي. کيس اهو اندازو هجڻ گهرجي ته هن وقت ڪئين معاملا اهڙا آهن، جيڪي هن جي هٿن مان نڪري چڪا آهن. تنهنڪري هن جون ڪيل سياسي غلطيون سندس پارٽي ۽ پارٽي اڳواڻن لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون. پي ٽي آءِ جهڙي ريت فاشزم کي هٿي ڏيندي ملڪي سياست کي گندو ڪيو آهي، ان گند کي صاف ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو.