ڪنهن به سماج ۾ فردن جي حيثيت، عزت، مان ۽ مرتبي جو سوال هر دور ۾ زير بحث ۽ اهميت وارو رهندو آيو آهي، پوري انساني تاريخ ۾ فردن جي حيثيت انهن جو مان ۽ مرتبو ٻن ڌارائن ۾ وڌندي ۽ گھٽجندي نظر ايندو هڪ ڌارا دولت ۽ طاقت جي آهي ۽ ٻئي علم، ڏاهپ ۽ فن سان وابسته رهيو آهي پر جيڪڏهن پاڻ انهن سڀني فردن جي حيثيت جو تاريخي جائزو وٺندي ڏسنداسين ته انهن ۾ دولت ۽ طاقت جو مان مرتبو ڪڏهن به هڪ ڪرو رهندي نظر نٿو اچي، ليڪن علم جي حيثيت هر دور ۾ مٿانهين ۽ اعليٰ نظر ايندي انهيءَ علم جي پوري شعبي ۾ وري سڀ کان مٿانهين حيثيت عمل پڙهائيندڙ استاد جي نظر ايندي.
اهو دور جاگيرداري جو دور هجي، غلاميءَ جو يا جديد سرمائيدارانه دور ۽ ان کان اڳتي وڌي پاڻ سوشلسٽ سماجن کي ڏسنداسين ته انهن سماجن ۾ به استاد جي حيثيت ۽ عزت مان مرتبو مٿانهون نظر ايندو. استاد جو اعزازي لفظ عام طور تي تعليم پڙهائيندڙ پيشي ۾ استعمال ٿيندو آهي پر هتي اسان وٽ برصغير جي اندر ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ انهيءَ لفظ جو وسيع تر استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ خاص ڪري ڪاريگر به استاد جي زمري ۾ اچي ٿو ڪاريگر جيڪو پنهنجي فن جي مهارت رکڻ سان گڏوگڏ اهو فن ٻين کي سيکارڻ جي لاءِ به محنت ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي فن جي صلاحيت ٻين تائين پهچائي هڪ ٻئي نسل ۾ منتقل ڪري سماج جو تمام وڏو فرض نڀائي ٿو جيئن تعليم پڙهائيندڙ استاد علم شاگردن تائين پهچائي قوم جو ايندڙ نسل تيار ٿو ڪري جيڪو اڳي هلي ڪري خود عالم، فاضل، تب ۽ سائنس جي شعبن ۾ وڌندي سماج کي بهتر کان بهتر پنهنجي خدمت ارپن ٿا هڪ استاد ئي آهي جنهن جي تدريسي علم سبب زندگي جا باقي سڀ جو سڀ شعبه ان جڙن مان اڀرن نڪرن ٿا.
سماج ۽ رياست جو ڪو به اهڙو شعبو نظر نه ايندو جنهن ۾ استاد جو ڪردار نه هجي بلڪه انهن جي بنياد ۾ ئي استاد جو ڪردار آهي ان ڪري ئي سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته “پيءُ ماءُ ڄڻي پالي ٿو ۽ زمين تي گھمائي ٿو استاد پورهيو ڪري هن کي شعور ۽ علم جا پر ڏئي زمين کان کڻي آسمان جي بلندين تي پهچائي ٿو.” انهيءَ ڪري سياستدانن، رياستي حڪمرانن، عدالتي ججن، جنرلن ۽ ڊاڪٽرن سائنسدانن تائين سڀني جون نظرون جڏهن استاد جي ڪردار تي اچن ٿيون ته احترام ۾ اهي جھڪندي نظر اچڻ شروع ٿينديون بلڪل ائين ئي جيئن اياز چيو آ “ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽي بنا ٿان، آهي تنهنجي ٻاجهھ سين ميان منهنجو نانءُ، ڪٿي هجان آءُ جي نه هجي تون جوءِ ۾” اياز احترام ۽ مڃتا جو اهو بيت ڀٽائي جي عقيدت ۾ لکيو آهي پر ان جي لاءِ ڀٽائي پير و مرشد ناهي، ليڪن ڀٽائي هن جي لاءِ علم، شعور ۽ شاعري جو استاد آهي.
دنيا جو ڪو به اهڙو فلسفي نظر ڪو نه ايندو جيڪو علم ۽ فن جي اهميت کان انڪار ڪري ۽ انهيءَ ۾ بنيادي ڪردار استاد کان انڪار ڪري. هن وقت هن ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ استاد جنهن صورتحال مان گذرندي نظر ٿو اچي ڇا اسان سنڌ جو سماج ۽ معاشرو يا حڪومت انهيءَ جي پورهئي جي عزت ۽ ان جي حيثيت جو قدر اهو ڪري ٿو جنهن جو هو مستحق آهي جواب ته انڪار ۾ ئي ايندو، ڇو ته جڏهن سماج جي اندر رياست، حڪومت ۽ سياست ۾ اجتماعي قدر ۽ قومي قدر ڪمزور ٿي ويندا آهن تڏهن انهن ڪردارن کي ۽ فردن کي اهو مقام ناهي ملندو جيڪي معاشري جا وينگارڊ هجن ٿا. استاد جيڪو علم جو وينگارڊ يا اڳواڻ ته آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ ڪتب نما به آهي جيڪا منزل جو رخ ڏيکاري ٿي.
هاڻي واپس اسان ان استاد ڏانهن اچون ٿا ته ان استاد جي پاڻ پنهنجي نظر ۾ پنهنجي حيثيت ۽ پنهنجو قدر ڪهڙو آهي؟ اصولن ته هر فرد جي لاءِ اهو اصول لاڳو ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ذاتي حيثيت پاڻ پنهنجي نظر ۽ پنهنجي داخلي شعور کان پنهنجو تعين ڪري پر جڏهن اهو عمل استاد کان ٿيندو تڏهن نفسيات جو اهو ڪردار ۽ اهو شعور شاگردن ڏانهن به منتقل ٿيندو تڏهن ئي علامه اقبال بهترين شعر چيو ته “پاني پاني ڪر گئي، مجهي قلندر ڪي يه بات، تو اورو ڪا نه بن سڪا، اپنا تو بن” بلڪل ٺيڪ جيڪڏهن فرد ٻين جو نٿو ٿي سگھي يا ڪتب نٿو اچي سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ هو پاڻ پنهنجي ذات جو ته ٿئي پنهنجي ذات جي ٿيڻ جو مطلب لوڀي، لالچي، حرس ۽ حوس پرستي جو شڪار ٿيڻ ناهي بلڪه خود پنهنجي نظرن ۾ پنهنجي عزت ڪرڻ آهي. استاد جڏهن پنهنجي ذات ۾ ويهي پنهنجو تجزيو ڪندو تڏهن ان استاد پنهنجي شخصيت جي اندر ۽ پنهنجي نفسياتي ڪيفيت جي اندر اهي ڪمزوريون ۽ اهي جھول پهريان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪي معاشري ۾ قابل قبول ناهن هوندا يا جن روين جي عزت ناهي هوندي هو پنهنجي ذات جي اندر اهي قدر پيدا ڪندو آهي بلڪه هنن اهي قدر پيدا ڪيا آهن جيڪي معاشري کي باعزت، باوقار، خوددار ۽ خوشحالي جي طرف وٺي ٿا وڃن. خوف، لوڀ، لالچ، لذت پرستي، خوش آمد معاشري جي لاءِ گندي کان گنديون تباهھ ڪندڙ بيماريون آهن.
هڪ استاد پنهنجو ڪردار نڀائيندي ايندڙ نسل کي اهائي تعليم منتقل ڪندو آهي ته هو ڪهڙي قسم جا ۽ ڪهڙن قدرن وارا انسان بڻبا يا انهن کي بڻجڻ گھرجي ته ان جي شروعات لازمي طور تي پنهنجي پاڻ سان ڪندو استاد جي تهذيب سماج ۾ ٻين عام فردن کان مختلف هوندي آهي مثال هو جاگيرداري روين، جاهلانا تڪبرن ۽ دولت پرستي جي لذتن ۽ روين کان مٿانهون ٿي هڪ عالم جي تهذيب ۽ ڪردار کي اڳتي وڌائيندي نظر ايندو تنهن ڪري هو تشدد جي بجاءِ پنهنجي شاگرد ڏانهن پيار ۽ سمجھائڻ جو سهارو وٺندو ۽ هو پاڻ به ان تي پورو پورو باعمل نظر ايندو هن وقت سنڌ اهڙن استادن کان محروم ته ناهي پر سنڌ ۾ خاص ڪري تعليمي ادارن جي اندر استادن جو ڪردار تمام متنازع ۽ پنهنجي عظيم پيشي کان ڪافي ڀٽڪيل نظر ٿو اچي ائين ڇو ٿيو جو سنڌ جو استاد هاڻي ڪامورن ۽ بنگلن تي حاضري ڀريندي نظر ٿو اچي يا پنهنجي عظيم پيشي کان ڪترائيندي گھر ويٺي پگھارون کڻندي وڏي فخر سان اهو عمل ڪري رهيو آهي، نه رڳو ايتري حد تائين هو ڪرپٽ ڪامورن ۽ ڪرپٽ سياستدانن جو خوشامدي ٿيندي فخر محسوس ٿو ڪري (پاڻ هڪ دفعو واضح ٿا ڪريون ته سنڌ جا سڀ استاد ان گندگي غلاظت جو حصو ناهن پر هڪ چڱي خاصي اڪثريت ان بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي) استاد ۾ پنهنجي پروفيشن جو قدر ڪمزور ٿيندي زوال جي حد تائين تڏهن پهتو آهي هن يا انهن ماڻهن جيڪي ائين ڪن ٿا تن وٽ تعليم پڙهائڻ جو پيشو معتبر، قابل عزت ۽ قابل فخر استاد جي تصور کان ۽ معنيٰ کان غافل ٿيندي ملازمت جي هڪ اهڙي غلامانه بيماري جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن ۾ نوڪري جي ذريعي پيسن ڪمائڻ جو مقصد هجي ٿو ۽ پيسن ڪمائڻ جو جنون جڏهن وڌي ٿو وڃي ته ان جنوني بيماري جو پهريون حملو فرد جي پنهنجي داخلي، اخلاقي ۽ خودداري جي قدرن تي ٿيندو آهي اخلاقي قدرن جي موت کان پوءِ هن جي آڏو سماج جي تعمير ڪا به معنيٰ ناهي رکندي. ڀلي سماج دربدر ٿي، تحس نحس ٿي يا ان جي پنهنجي حيثيت پنهنجي پروفيشن جي لحاظ کان نه رهي، ليڪن دولت ملندي رهي اهوئي سبب آهي جو استاد پنهنجي عظيم پيشي کان هٽي ڪري وڏي تعداد ۾ گوسڙو ۽ غلام بڻجي ويا آهن. عام رواجي رويا اختيار ڪندي رويا نظر اچن پيا شاگردن کي گارگند ڏين ٿا، اخلاقي مورال وڌائڻ جي بجاءِ شاگردن کي هيسائڻ جو رويو اختيار ٿا ڪن احترام جي بجاءِ جاهلانه دٻدٻي جو غرور انهن جي دماغ ۾ ويٺل آهي تنهن ڪري شاگردن کي گاريون بجا ۽ تشدد انهن جي لاءِ عام رواجي عمل سمجھو ٿو وڃي جڏهن فرد پنهنجي علم ۽ پنهنجي ڪردار جي تعمير پنهنجي شخصيت ۾ نه ڪندو ته عمل ۾ هو ڪهڙو نظر ايندو اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي. تنهن ڪري هن وقت استاد کان سڀ کان پهريان اهو سوال پنهنجو پاڻ کان آهي ته استاد پاڻ پنهنجي نظر ۾ ڪٿي آهي ڇو ته هاڻي استاد خود پنهنجي لاءِ هڪ وڏو سوال آهي.