ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اهم فيصلن جا مجاز شريف ئي آهن…

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

اهم خبر، عمران خان جي نئين آڊيو ليڪس آئي آهي، جنهن بابت پي ٽي آءِ ڪا ترديد نه ڪئي آهي، پر ان تي تبصرا ضروري ڪيا آهن، جيڪڏهن هي درست آهي ته عمران خان جي خلاف پهريان ئي آرٽيڪل سڪس تحت ڪارروائي جون ڳالهيون ته ٿي رهيون آهن، پر ان سان گڏ، هن تي هارس ٽريڊنگ جا به الزام لڳي چڪا آهن. ان کان اڳ، راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيڪا ڪميٽي قائم ٿي، ان جون فائنڊنگز سرڪاري طور تي ظاهر ته نه ڪيون ويون آهن، پر اندازو ٿئي ٿو ته عمران خان جو وڌيڪ گهيرو تنگ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. هي به خبرون سامهون اچي چڪيون آهن ته هڪ طرف بني گالا جو گهيرو شروع ڪيو ويو آهي ۽ عمران خان کي گهر ۾ نظربند ڪرڻ جا افواهه به سامهون اچي چڪا آهن. ان سان گڏ عمران خان جي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل عامر ڪياني جي پنڊي واري گهر تي ڇاپو هنيو ويو، عمران خان جي سئوٽ سيف الله نيازي کي حراست ۾ ته ورتو ويو، پر لاهور ۾ ڪارروائي دوران ايف آءِ اي پارٽي جي اهم اڳواڻ کي سوگهو ڪيو، ان سان گڏ ڪراچي ۾ به اهڙيون ڪارروائيون ٿيون آهن، جن جا ٻه مقصد ٿي سگهن ٿا، هڪڙو هي ته عمران خان جي لانگ مارچ کي ماٺو ڪجي ۽ ٻيو هي ته رياستي مشينري جو ايترو استعمال ڪجي جو پي ٽي آءِ جو رينڪ اينڊ فائل مفلوج ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته راڻا ثناءُ الله پهريان کي اشارو ڏنو هو ته هو مارچ کي هر سطح تي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا، ان حوالي سان ملڪ جون عدالتون، خاص ڪري سپريم ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ Facilitator جو ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿيون، هي ايپيسوڊ باقي رهيل آهي. ان کان اڳ، عمران خان پشاور کان جيڪو مارچ، اسلام آباد آڻي رهيو هو، ان لاءِ اعليٰ عدالت پنهنجو ڪلهو استعمال ڪيو هو!
عمران خان جي ارادن ۽ اعلانن مان لڳي ٿو ته هو موجوده امڪاني مارچ کي آر يا پار سمجهي ٿو. هو وفاقي گادي واري شهر ۾ داخل ٿئي، ان کان اڳ وفاقي حڪومت وٽ تمام گهڻيون لائيف لائينز آهن، انهن ۾ سويلين فورسز جو استعمال ته شامل آهي، پر فوج کي به آئين جي آرٽيڪل 245 تحت وفاق جي درخواست تي، اسلام آباد حوالي ڪري سگهجي ٿو. هي پهريون ڀيرو ائين نه ٿيندو، پر سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ پهريان به ڪيترائي ڀيرا اهو آرٽيڪل استعمال ٿي چڪو آهي، اسان وٽ ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ان ساڳي آرٽيڪل کي پهرين محترما بينظير ڀٽو ۽ بعد ۾ نواز شريف استعمال ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ لاهور، پوليس جي بغاوت کي روڪڻ لاءِ فوج جي استعمال جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ذوالفقار علي ڀٽو ڪامياب نه ٿيو.ڪجهه اهڙا به حوالا، جن کي بيان ڪرڻ مناسب ناهي. سڌي ريت به آمر ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن ۽ هي سڀني کي خبر هوندي ته ملڪ ۾ فرقيوار فسادن کي روڪڻ لاءِ ساڳي سوچ سامهون آئي.
ماضي ۾ جيڪڏهن سياسي قوتن ۾ ٽڪراءَ ٿيو، جنهن ۾ پي اين اي جي تحريڪ جو مثال موجود آهي، ان کي ڊالر تحريڪ به سڏيو ويو، پر ان وقت به حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهين جي حد تائين گڏجي ويهڻ لاءِ تيار هيون،ان کانپوءِ ٽين قوت جي مداخلت ڳالهين جي ڪاميابي جي باوجود اقتدار تي قبضو ڪيو. ان جي نتيجي ۾ هن ملڪ کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ان تي ڪي ٻه رايا ٿي نٿا سگهن. پر هينئر صورتحال انوکي نوعيت جي آهي. هينئر حڪومت توڙي عمران خان ۾ گڏجي ويهڻ جي ڪابه لنڪ ناهي. جيڪا گهٽ خطري واري ڳالهه ناهي. هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ جي اندر ڳڙٻڙ لاءِ اهڙيون حرڪتون ٿي چڪيون آهن، يا جاري آهن، جيڪي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائي سگهن ٿيون. ڪنهن زماني ۾ ناليواري ليکڪ خشونت سنگهه کان ڪنهن پڇيو ته ڀارت جهڙو اجگر ملڪ ڪيئن متحد آهي؟ ان تي هن جو چوڻ هو ته جيستائين ڀارت جي ايئر فورس مضبوط آهي، ملڪ قائم رهندو. اسان وٽ هي ڳالهه فورسز لاءِ ڪئي ويندي آهي. ضروري ناهي ته سڀ ان تي اتفاق ڪن. بنگال جي ورهاڱي يا جدائي جي حوالي سان حمود الرحمان ڪميشن ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو، اهو ثبوت لاءِ ڪافي آهي. ان کانپوءِ بلوچستان ۾ ڇا ٿيو؟ سنڌ سان ڪهڙا ڪلور ٿيا؟ ڪي پي ۽ فاٽا ۾ جيڪي آپريشن ٿيا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. انهن سمورن آپريشنز جي ذريعي هي پيغام ڏيڻ هو ته جيستائين طاقتور ادارو موجود آهي، اهو ملڪ جي سالميت کي فطري يا غير فطري طور يقيني بڻائيندو. ان کي جنهن کي دل چاهي نالو ڏئي سگهجي ٿو، ان کي زور جي ميندي به چئي سگهجي ٿو ۽ زبردستي جي شادي به! هي عمل ڪيستائين جاري رهندو، ان کي روڪڻ واري نه ئي عوامي طاقت آهي، نڪي وري ڪا ٻي سگهه يا فورس آهي. ان حوالي سان عالمي قوتن جي مداخلت جي حوالي سان ڪيترائي حوالا ڏنا وڃن ٿا. تازو ئي ان حوالي سان عالمي مذاڪرو به ٿيو، جنهن جي رپورٽنگ ٻڌڻ لاءِ ملي، پر اها به پرو انڊيا هئي. ان حوالي سان آمريڪا جي مشهور ليکڪ ۽ يونيورسٽي پروفيسر ڪرسٽينا فيئر جو ڪتاب، جيڪو 2010 ۾ شايع ٿيو هو، اهو به گهڻي اهميت وارو آهي، ان ڪتاب جو سرو آهي”Pakistan: Can the United States Secure an Insecure state?”.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ليکڪا جو خيال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان کان اڳ هن جيڪي ڪتاب لکيا آهن، اهي به گهٽ اهميت وارا ناهن.
هينئر اتحادي حڪومت ۽ عمران خان جي وچ ۾ ٽڪراءَ، ڪوبه رخ اختيار ڪري سگهي ٿو. اهم اداري اندر نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان گهڻيون تڪراري ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. هڪ طرف اهم اداري جي سڀني کان سينئر آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي وري هي به چيو پيو وڃي ته مقرري کي ايندڙ حڪومت تائين ملتوي ڪيو وڃي، يا وري سندن خواهش کي به سامهون رکيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ ۾ آئين کي ڏٺو وڃي ته جيڪا حڪومت اقتدار ۾ هوندي آهي، ان کي اختيار هوندو آهي ته اها، اهم مقرري ڪري. جن کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيو پيو وڃي، انهن به آڊيو ليڪ ذريعي عمران خان کي هارس ٽريڊر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان سان گڏ ڪيترائي اهڙا معاشي گهوٻين جا الزام آهن، جيڪي عمران خان تي لڳي رهيا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حمام ۾ ڪو به ڪپڙن سان ناهي. انڪري هي تڪرار درست نٿو لڳي ته هڪ شخص وزير اعظم جي عهدي تي به هجي ۽ ان کي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ان کان پهريان به ان شخص اهم مقرريون ڪيون،جن ۾ نيب چيئرمين به شامل آهي. جيڪڏهن حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته عمران خان پارلياماني ايوان خاص ڪري قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏئي ڪري، اتحادي حڪومت کي واڪ اوور جو موقعو فراهم ڪيو. ان کان به ڪنهن کي انڪار نه هوندو، جنهن وقت عمران خان وزير اعظم هو، ان وقت اهم مقررين جي حوالي سان هن وقت جي مخالف ڌر سان ڪو به مشورو نه ڪيو ۽ پنهنجون آئيني ذميواريون به پوريون نه ڪيون. انڪري هاڻ ان جا سمورا مطالبا عجيب لڳن ٿا. ملڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ آرمي چيف، ن ليگ جي قائد ميان نواز شريف مقرر ڪيا، جن جو تعداد ڇهن جي لڳ ڀڳ آهي، انهن ن ليگ جي مفادن جو ڪهڙو خيال رکيو؟ هي ته کليل حقيقتون آهن. مستقبل ۾ به ساڳي ڳالهه سامهون اچڻي آهي. انڪري جنهن جو جيڪو ڪم آهي، ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي.
جيستائين ايندڙ چونڊن جو واسطو آهي ته ان حوالي سان اتحادين ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪابه گڏجي ويهڻ جي پوائنٽ نه هوندي. نتيجا جيڪي به آيا، هر اها ڌر قبول نه ڪندي، جيڪا گهاٽي ۾ هوندي. ان سان ختم نه ٿيندڙ تڪرار جاري رهندو. جيڪو ملڪ جي سياست توڙي معيشت لاءِ بهتر نه هوندو. جيڪڏهن ملڪ جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻو پوندو. جيڪڏهن آرٽيڪل سڪس يا ڪا ٻي ڪارروائي ٿئي ٿي ته عمران خان ڊگهي عرصي تائين فارغ ٿي ويندو. اهڙو تڪرار اسان پاڙيسري ملڪ بنگلاديش ۾ ڏسي چڪا آهيون، اتي به آخرڪار اهڙيون قوتون هيون، جن سياسي سيٽل ڊائون ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ترقي جي رستي تي اچي ويو. هينئر پاڪستان جي مقابلي ۾ بنگلاديش معاشي لحاظ کان وڌيڪ طاقتور آهي. اهي جيڪي سريلنڪا جهڙي صورتحال جون اڳڪٿيون ڪندا رهيا، اهي به شايد ڀليل هئا ۽ ملڪ جي وجود کي داءَ تي لڳائڻ جي ڪوشش هئي. جيڪڏهن هتان جو عوام فيصلي واري پوزيشن ۾ هجي ها ته باقي قوتون پاسيريون ٿي وڃن ها، پر بدقسمتي سان عوام جي ووٽ جي طاقت تي قبضو آهي، پارليامينٽ نالي ماتر آزاد آهي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهڙا هٿڪنڊا استعمال ٿيندا رهيا آهن، جو ڪو چيلينج ڪرڻ وارو موجود ناهي. رياست ڪنهن به صورت ۾ ماءُ جهڙي ناهي، نه ئي ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي ڪا ارسطو واري خيالي رياست ناهي، پر حقيقت آهي، جنهن کي زميني حقيقتن جي بنياد تي هلائڻو پوندو. جيڪڏهن عقلمندي جو مظاهرو نه ٿيو ته ڪوبه حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ڪجهه قوتون چاهين به اهو ئي ٿيون. جيستائين سياسي اتفاق راءِ پيدا نه ٿيندو، تيستائين خوشحاليءَ وارو خواب ساڀيان نه ٿيندو. جن ملڪن ۾ اتفاق راءِ نه هو، اهي عالمي طاقتون هجڻ باوجود وکري ويون، انڪري تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button