ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ بک جو شڪار لکين ٻارڙا

Editorial

پاڪستان ۾ عام حالتن ۾ به ماڻهن جي وڏي اڪثريت کي مناسب خوراڪ تائين رسائي نه هئڻ بابت عالمي ادارن جون خبرون اينديون رهن ٿيون، هاڻي جڏهن کان ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي ان وقت کان وٺي، عالمي ادارا ان خدشي کان آگاهه ڪري رهيا آهن ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بک جي ڪري لکين ماڻهن جون زندگيون دا تي لڳي سگهن ٿيون. خاص ڪري ٻوڏ سٽيل ٻارن جي زندگين کي تمام گهڻو خطرو ٻڌايو پيو وڃي. تازو ئي ملڪ ۾ مجموعي طور 34 لک 40 هزار ٻار بک جو شڪار هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جن ۾ 70 هزار ٻوڏ سٽيل ٻار به شامل آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ هڪ پرڏيهي تنظيم ڪيو آهي.
ٻارن جي فلاح بهبود ۽ حقن لا ڪم ڪندڙ برطانوي فلاحي اداري سيو دي چلڊرين پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 34 لک 40 هزار کان وڌيڪ ٻار شديد بک جو شڪار آهن، جن مان 76 هزار ٻارڙا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اڪثر حصن ۾ ٻوڏ جي تباهين بعد بک جو شڪار ماڻهن جو انگ 45 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي، جتي پهرين 59 لک 60 هزار ماڻهو خوراڪ جي هنگامي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا هئا، اتي هاڻي سندن تعداد وڌي 86 لک 20 هزار ٿي ويو آهي، جن مان اڪثريت جو تعلق ٻوڏ متاثر علائقن سان آهي. فلاحي تنظيم خبردار ڪيو آهي ته سياري جي موسم اچڻ تي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي به سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته لکين زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب چوپايو مال ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ عام واهپي جون شيون دستياب نه هجڻ ڪري انهن جا اگهه وڌي ويا آهن. ٻوڏ جي تباهي بعد بنيادي ضرورت واريون شيون مهانگيون ٿيڻ سبب اهي شيون ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر ۽ الهه تلهه وڃائيندڙ خاندانن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. فلاحي تنظيم پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو ته 86 سيڪڙو ڪٽنب ٻوڏ بعد پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهن ۽ کين کاڌي لا به ڪجهه ميسر ناهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻوڏ متاثر خاندان جياپي لاءِ مايوس ڪندڙ قدم کڻڻ تي مجبور آهن، ڪي ماڻهو قرض کڻي رهيا آهن، ڪي کائڻ پيئڻ جون شيون خريد ڪرڻ لا بچيل سامان وڪرو ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو خيرات وٺڻ تي مجبور آهن ۽ ڪي وري پنهنجي ٻارن کي پئسا ڪمائڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ پرڏيهه به ڪم تي موڪلي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ننڍي ڄمار وارن ٻارن جي شادي پڻ ڪرائي پئي وڃي. ان حوالي سان مايوسي ۾ ورتل 55 سيڪڙو والدين جو چوڻ آهي ته هنن ٻوڏ اچڻ بعد پنهنجي ڪنهن هڪ ٻار جي شادي ڪرائي ڇڏي آهي، انهن وٽ ٻارن کي خيرات وٺڻ لا ٻاهر موڪلڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو ناهي ته جيئن پيٽ گذر ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ سيو دي چلڊرين اداري جي ڊائريڪٽر پنهنجي بيان ۾ چيو ته خوراڪ جي کوٽ سبب ٿيندڙ تباهي ڏينهون ڏينهن واضح ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ هن ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ بک ۽ بدحالي جي سخت بحران جي پڻ ور چڙهيل آهي، اسان تڪڙا قدم نه کنيا جنهن ڪري معصوم ٻار بک وگهي مري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ ملڪ ۾ ٻارن جي حقن بابت ڳالهيون ته وڏيون ٿينديون رهن ٿيون، ۽ انهن بابت ڪيترائي قانون به جوڙيا ويا آهن، پر سچ اهو آهي ته ٻار مناسب خوراڪ جهڙي بنيادي حق کان به محروم آهن. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ 34 لک 40 هزار ٻارن جو بک جو شڪار هئڻ هڪ الميو آهي. ان الميي بابت هتان جا حڪمران ڪيترا پريشان آهن؟ جنهن ملڪ ۾ لکين ٻار بک جو شڪار هجن، ڇا اتي حڪومتي سطح ٿرٿلو متل نه هئڻ گهرجي؟ پر جيئن ته اهي ٻار سماج جي انهن حصن سان تعلق رکن ٿا جيڪي آڙين ۽ چاڙهين جي اصول تي زندگي گهارن ٿا، تنهنڪري اهي حڪمرانن جي ايجنڊا جو حصو ٿي نٿا سگهن. اسان سمجهون ٿا ته ٻارن جي حقن لا جاکوڙيندڙ ڄاڻايل تنظيم جي پاڪستان ۾ 34 لک 40 هزار ٻارن جي بک جو شڪار هئڻ جو انڪشاف حڪمرانن جون اکيون کولڻ لا ڪافي هئڻ گهرجي. پر ايڏي وڏي انڪشاف باوجود حڪومتي ايوانن مان ان بابت ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو. جيڪو يقينن حڪمرانن جي ملڪ جي ان ايڏي وڏي مسئلي ڏانهن غيرسنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته بک مرندڙ ٻارن کي بچائڻ لا جلد اپا ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button