ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪامريڊ جوزف اسٽالن: سياسي پروفائيل-I

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ڪامريڊ اسٽالن، لينن کان پوءِ، روس جي بالشيوڪ انقلاب، بين الاقوامي ڪميونسٽ ۽ پورهيت تحريڪ جو ٻيو وڏو نالو آهي. ان 21 ڊَسمبر 1879ع ۾ هڪ جارجين مزدور جي گهر ۾ اک کولي. اهو اهو دور هو، جڏهن زار شاهي روس ۽ ان جي قبضي هيٺ آيل ڪالونيون هڪ وڏي بيچيني ۽ اٿل پٿل مان گذري رهيون هيون. اهوئي سبب هو جو، ڪامريڊ اسٽالن پنهنجي انقلابي سرگرمين جي شروعات 15 سالن جي ڄمار ۾ ئي ڪئي.
تاريخ جي هر عظيم انسان جيان اسٽالن جي زندگيءَ به ڪيترن ئي هنگامن، غيرمعمولي واقعن ۽ حالتن سان ڀرپور آهي. هن تي تهمتون به لڳيون ۽ کيس دنيا جي ڪروڙين عوام طرفان اڻميون محبتون به مليون. تهمتون هڻندڙ ڪي ٻيا نه پر سرمائيداريءَ جا معذرت خواهه، رد-انقلابي ۽ عوام جا ڌڪاريل ترميم پسند ۽ موقعي پرست، ڪارپوريٽي ميڊيا ۽ سامراجي پبلشنگ ادارا هئا ۽ آهن. باقي اسٽالن سماج جي جن مظلومن ۽ محڪومن جو هيرو هو ۽ آهي، اهي سندس زندگيءَ ۾ ۽ هاڻي به سندس وڏا پورٽريٽ کڻي محنت ڪشن جي عالمي ڏهاڙي کان ويندي، عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي سالگرهه تقريبن ۽ دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين جي ڪانگريسن ۾ کيس ڀيٽا ڏيندي ملن ٿا.
اسٽالن 1894ع ۾ جارجيا جي گوري چرچ اسڪول مان گريجوئيٽ ڪئي ۽ طبلسي آرٿوڊوڪس سيمينري (مدرسي) ۾ داخل ٿي ويو. اهي اهي ڏينهن هئا، جڏهن زار شاهيءَ خلاف روسي عوام منجهه نفرت عروج تي هئي ۽ ان نفرت کي ڪا انقلابي شڪل ڏيڻ لاءِ حالتن مان غيرمطمئن روس جي دانشورن جا خيال باضمير انسانن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي رهيا هئا. پهرين مارڪس، اينگلز، پليخانوف ۽ پوءِ لينن جا انقلابي خيال روس جي لکين نوجوانن کي پنهنجي سحر ۾ وٺي رهيا هئا. اهوئي سبب هو جو، ڪامريڊ اسٽالن به انهن خيالن کي پنهنجايو ۽ هو 15 سالن جي عمر ۾ ئي انقلابي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.
1899ع ۾ ڪامريڊ اسٽالن کي انهن انقلابي سرگرمين جي ڪري ئي سيمينريءَ مان ڪڍيو ويو. جنهن کان پوءِ هو انڊر گرائونڊ ٿي ويو. اهڙي نموني سندس هڪ ڪل وقتي انقلابيءَ طور سياسي سفر جي شروعات ٿي. هو روسي سوشل ڊيموڪريٽي ليبر پارٽي جو طبلسي، ڪاڪاسين يونين ۽ باڪو ڪميٽين جو ميمبر رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ سندس نگرانيءَ هيٺ ڪيترائي رسالا جهڙوڪ جدوجهد، پرولتاريءَ جي جدوجهد، باڪو پرولتاري ۽ باڪو پورهيت جهڙا انقلابي رسالا ڇپيا ۽ انهن ذريعي ٽرانس-ڪاڪاسين خطي اندر پورهيتن منجهه مارڪسسٽ پروپئگنڊا تيز ٿي. هن ٽرانس-ڪاڪاسيا اندر 07- 1905ع واري بورجوا جمهوري انقلاب جي اڳواڻي ڪئي. اهو ئي اهو دور هو جڏهن هن جي لينن سان پهرين ملاقات ٿي. ڪامريڊ اسٽالن ڪامريڊ لينن جي هڪ انقلابي مارڪسسٽ پارٽيءَ واري خيال جو سرگرم حامي رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ هن پورهيت جدوجهد جي بالشيوڪي لائحه عمل ۽ حڪمت عمليءَ جي حمايت ڪئي. هو بالشيوزم جو ثابت قدم طرفدار رهيو ۽ پنهنجين لکڻين ذريعي مينشيوڪن، انارڪسٽن ۽ ٽراٽسڪيئسٽن جي انقلاب بابت موقعي پرستاڻي لائين کي بي نقاب ڪيائين.
اسٽالن جي انڊر گرائونڊ انقلابي سرگرميءَ دوران کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ۽ جلاوطن ڪيو ويو. 1912ع ۾ آر ايس ڊي ايل پيءَ جي ڇهين سيشن ۾ کيس روسي بيورو جو ميمبر چونڊيو ويو. 13-1912ع ۾ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ انقلابي ڪم دوران هن وڏي پئماني تي انقلابي اخبارن اسٽار ۽ پراودا ۾ شاندار آرٽيڪل لکيا. 1912ع ۾ هن آر ايس ڊي ايل پيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي. اهوئي اهو وقت هو، جڏهن اسٽالن پنهنجو جڳ مشهور پمفليٽ “مارڪسزم ۽ قومي سوال” لکيو. ان پمفليٽ ۾، هن قومي سوال کي مارڪسي-لينني بنياد ڏنا. اسٽالن جي قومي سوال تي ڪيل پورهئي جي لينن تمام وڏي واکاڻ ڪئي ۽ 1913ع ۾ گورڪيءَ ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، ان بابت تاريخي جملا لکيا ۽ اسٽالن کي هڪ حيرت انگيز جارجين قرار ڏنو.
فيبروري 1913ع ۾، اسٽالن کي ٻيهر گرفتار ڪري، تروخانسڪ خطي ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. فيبروري انقلاب ۾، زار شاهيءَ جي خاتمي کان پوءِ، ڪامريڊ اسٽالن 25 مارچ 1917ع ۾ پيٽروگراڊ ڏانهن موٽيو. جتي هو آر ايس ڊي ايل پي (بالشيوڪ) جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي بيورو ۽ پراودا جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر بڻجي ويو. اسٽالن بورجوا جمهوري انقلاب جي سوشلسٽ انقلاب ۾ اوسر واري لينني لائين جي سرگرميءَ سان حمايت ڪئي. آر ايس ڊي ايل پي (بالشيوڪ) جي ستين ڪانفرنس ۾ سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر طور چونڊيو ويو. ان وقت کان 19هين ڪانگريس تائين هي پارٽيءَ جي سمورين ڪانگريسن ۾ سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجندو آيو. سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر طور اسٽالن عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي تيارين لاءِ جاري سرگرمين ۾ پڻ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.
انقلاب کان اڳ اسٽالن لينن جي انقلابي لائين جو ڀرپور دفاع ڪندو رهيو. ان بابت هن ڪيترائي آرٽيڪل ۽ پمفليٽ لکيا. انهن پمفليٽن کي پڙهڻ کان پوءِ، اسٽالن جي فڪري قد ڪاٺ جي ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي. انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو واضح ٿئي ٿو ته، هو هڪ انقلابي سياست ۽ عملي ميدان جو ماڻهو ته هو ئي، پر ان سان گڏوگڏ هو فڪر جي ميدان ۾ به ڪيترن ئي نالي ماتر تڏهوڪن “انقلابي دانشورن” کان اڳتي هو. هو هڪ مضبوط مارڪسسٽ ٿيورسٽ هو. اسٽالن جي عملي ميدان ۾ مضبوطي دراصل سندس ٿيوريءَ ۾ پختگيءَ ۽ درستگيءَ جو ئي اظهار هئي. فلسفي کان سائنسي سوشلزم تائين ۽ مارڪسي معيشت تائين گرفت سندس لکڻين ۽ انقلابي جدوجهد مان واضح آهي. اهوئي سبب آهي جو، 1917ع ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کان چئن سالن تائين هلندڙ گهرو ويڙهه تائين سندس عظيم ڪردار نمايان آهي. ان ڪردار جي بنياد تي ئي کيس ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اپريل 1922ع ۾ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ اتان کان ئي اسٽالن جي انقلابي سمجهه، مدبر ۽ هڪ مارڪسي ٿيورسٽ طور حقيقي امتحان جي شروعات به ٿي. جڏهن 1922ع ۾ اسٽالن سوويت يونين جي قيادت ڪئي ته، ان وقت روس پهرين عالمي جنگ، جيڪا روس ۾ سوشلسٽ انقلاب جي فتحيابيءَ کان پوءِ، هڪ تباهه ڪن گهرو جنگ ۾ تبديل ٿي وئي هئي، جي ڪري سماجي، معاشي ۽ فوجي لحاظ کان تباهه ٿيل ملڪ هو. معيشت جو ڏيوالو نڪتل هو ۽ سوويت عوام ٿڪائيندڙ ۽ نه ختم ٿيندڙ جنگ کان بيزار هو ۽ اسٽالن کي هڪ تباهه ٿيل پورهيت سماج کي هڪ جديد اسريل سوشلسٽ سماج ۾ تبديل ڪرڻو هو. هڪ پاسي جنگ سبب تباهه ٿيل سوويت يونين جي سوشلسٽ بنيادن تي نئين سري سان معاشي، سماجي ۽ فوجي تعمير ڪرڻي هئي ته، ٻئي طرف مسلسل جنگ سبب ٿڪل ۽ هارايل سوويت عوام کي نئون حوصلو ڏئي، ان سموري عمل ۾ شامل ڪرڻو هو. اهڙي صورتحال 1924ع ۾ لينن جي لاڏاڻي بعد اڃا به وڌيڪ بدترين ٿي وئي. ٽراٽسڪيءَ کان بخارين تائين ڪميونسٽ پارٽي اندر موجود رد-انقلابي موقعي پرست رجحان مارڪسزم ۽ سوشلزم جو لبادو لاهي سامهون اچي ويا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button