ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڻ ٽر تبديلي

Editorial-Article- Suleman Daheri

1981 ڌاري مون برزنيف جي تقرير/رپورٽ ڪتاب ۾ پڙھي. سندس دعوا هئي ته سوويت يونين ڪميونزم جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي. منهنجي دماغ جي سئي اتي ئي اٽڪي بيهي رهي. ڪميونزم ۾ ته جاگرافي فرق نه رهندا آھن. سمورا تضاد ۽ فرق حل ٿي چڪا هوندا آھن. ماڻھن کي محنت بجا صلاحيت مطابق اجورو ملندو، سماج جو فطرت سان تضاد وڃي رهندو. هي ته ڳالهھ ڳري آھي. دنيا ۾ نظرياتي جنگ چوٽ تي هئي، افغان انقلاب بحث ھيٺ ھو. سرد جنگ جو جنون هو. مارڪس ۽ لينن سان گڏ مائو ڪم ال سنگ ۽ ٻين جا نظريا فڪر سوشلزم جي ميدان ۾ هلندڙ ھئا. جيل جي حالتن توڙي ٻاهر سوشلسٽ بلاڪ يا سويت اڳواڻ تي سوال اٿارڻ جو مطلب سامراجي بلاڪ جي حمايت. انقلابن جا جنون ۽ رومانس رهيا. سوويت اڳواڻ اڪثر ڪري 70/65 سالن جا رهيا، جن لا چيو ويندو هو ته نوجوان ليڊر آھن. اڪثر سندن مرڻ تائين سربراهھ رهيا. سندن تاريخ هن طرح رهي آھي.
سوويت يونين 1917 کان 1991 تائين مختلف states جي گڏيل 74 سال سوشلسٽ رياست رهي. هڪ ئي ڪميونسٽ پارٽي جا سربراھه لينن جي 7 سالن کان پو وڏو عرصو 29 سال اسٽالن، خروچوف 11 سال، برزنيف 18 سال ۽ ٻيا هڪ ٻه سال رهيا. جڏهن ته گورباچوف 6 سال رهيو. 1991 کانپو سوويت يونين جي رياستن الڳ ٿيڻ کانپو روس جي رياست سڏجڻ لڳي . روس جا سربراھه ييلسن 9 سال، پيوٽن اڳ ۾ 9 سال وچ ۾ 4 سال ميدوديف ۽ پو، 2012 کان لڳاتار وري پيوٽن سربراھه آھي.
گذريل صدي ۾ ٻه عالمي جنگيون لڳيون. پهرين عالمي جنگ سرمايه دار سامراجي ملڪن جي دنيا جي قومن ۽ ملڪن کي سڌو سنئون غلام بنائڻ لا پاڻ ۾ لڳي، جيڪا 1914 کان 1919 تائين هلي. ان جنگ دوُران دنيا جي سڀ کان وڏي پکيڙ واري رياست سوويت يونين سوشلسٽ نظام واري جڙي. هن انقلاب دنيا تي اثر ڇڏيا. سڌين غلامين، نو آبادياتي نظامن مان جند ڇڏائڻ لا آزادي جون تحريڪون هليون. هيڏانهن سرمايه دار سامراجي ملڪ به ڇتا ٿي پيا. سڀن سوويت يونين جو گهيرا ڪيو ته سوشلزم ناڪام ٿئي. ٻئي پاسي سوشلسٽ نئين رياست پنهنجي بچا سان گڏ سامراجي ملڪن جي تضاد ۽ سندن خلاف هلندڙ تحريڪن کي هٿي ڏني. ان دوران جرمن سپر قوم جو نعرو هڻي هٽلر سڀن کي فتح ڪرڻ لا جنگ ڪئي. نتيجي ۾ ٻي عالمي جنگ 1939 کان 1945 تائين هلي. جرمن هٽلر کي ته شڪست ملي پر دنيا جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ملڪن ۾ سوشلسٽ رياستون قائم ٿي ويون ۽ باقي دنيا مان سامراجي حڪمرانن ٽپڙ ويڙهيا.
1945 ۾ اقوام متحده جو قيام ٿيو. وري به سامراجي هلائون جاري رهيون. سرمايه دار سامراجي ملڪن جو فيل مست آمريڪا ويٽنام ۽ ٻين ملڪن سان وڙھندو رهيو. جاگيردار سرمايه دار ملڪن ۾ هلندڙ سوشلسٽ ۽ جمهوري هلچلن کي ڪچلڻ، پسند جا ڊڪٽيٽر حڪمران مقرر ڪرڻ، نسلي ۽ مذھبي جنونيتن کي زور وٺرائي سرد جنگ جيئن جو تيئن جاري رکي.
سڀني کي معلوم آھي ته ويهين صدي جي آخري ٽن ڏھاڪن کان ٽيڪنالاجي روز بروز تيزي سان ترقي ڪندي زندگي جي هر شعبي، معاشيات توڙي سماجيات تي حاوي ٿي وئي. اهو هڪڙو نئون انقلاب آيو، سڄي دنيا ان جي لپيٽ ۾ اچي وئي.
“اٺ تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سبيا”
گورباچوف ڪو پاڻ ئي ڏنڊو کڻي ته اقتدار ۾ ڪونه آيو. اها سندس پارٽي هئي جنهن کيس سربراهھ ڪيو. هن پروستروئيڪا ۽ گلاسنوسڪ ذريعي پنڊورا باڪس کوليو ۽ تعمير نو جو دڳ ڏنو. سندس ان قدم سان دنيا کي ٻيو رخ مليو. سرد جنگ جو خاتمو، سوويت رياستن کي خود اختياري. سالن کان درآمدي انقلابن ۽ دفائي بجيٽ سندن اقتصادي حالت بري ڪري ڇڏي. رياستي وسيلن ۽ ادارن سان ماڻھن جي عدم دلچسپي، آڳ لاهڻ خانه پوري وارو ڪم. سوشلزم پنهنجي جوهر ۾ ساڳي طرح آھي يا نه، ان لا ويچار جي ضرورت آھي. ٿيڻو اهو ئي هو جيڪو ٿيو. ٺڪر اچي هن تي ڀڳو. گورباچوف جي دوُر جي فيصلن کي 30/31 سال گذريا آھن پر ساڳي پاليسي برقرار آھي. ڀلا چين ڏسو، اتي ته گورباچوف نه هو، جنهن تي الزام هڻجن. چين کي ڪنهن مڪس ايڪانامي ۽ سرمايه ڪاري تي آندو. هي ٽيڪنالاجي انقلاب جو بي رحم اثر سڀني کي لتاڙي ويو. هاڻ ڀلي پيا نيڳال تي گذارو ڪريون يا دل خوش ڪريون. سڀن جا طعنا سر تي وسائي سرد جنگ کي ختم ڪيائين. کيس جيڪي ڏسڻ ۾ آيو، چوڻ ۽ ڪرڻ کان نه مڙيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button