سنڌ جي لکين ڳوٺن، سوين ننڍن وڏن شهرن ۾ مينهوڳي مند جي تازين برساتن ۾ ٻڏل گهرن تڙن ۽ اڍائي ڪروڙ سنڌين ۽ سندن ڪروڙين ايڪڙن تي تيار بيٺل فصلن جي بربادي کانپوءِ به سنڌ تي پندرهن سالن کان ساندهھ راڄ ڪندڙ پيپلز پارٽي جو آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پڙهيل ڳڙهيل چيئرمين ۽ پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن تي اھو الزام مڙهي ٿو ته هو سڀ منافق آهن، ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ اسان کي آئينده سال واري اليڪشن ۾ سنڌ جا ماڻهو ووٽ ڏين يا نه ڏين، ان جي ڪابه پرواهه ناهي، ته پڪ ڄاڻو ھي نوجوان پڻ پنهنجي پيءُ وانگر اسٽيبلشمينٽ جو پڪو داروغو ۽ دربان بڻجي ويو آهي جنهن کي سنڌي عوام جو ڏک درد فقط ايترو ئي محسوس ٿئي ٿو جيترو سندس والد آصف علي زرداري کي ٿيو، جنهن جولائي کان آڪٽوبر تائين پنهنجي ديس جي بربادي ۽ پنهنجن ووٽرن جي تباهي کي اکين سان ڏسڻ واسطي پنهنجي ذاتي ھوائي جھاز ۾ اڏامي اچڻ لاءِ ھڪ ڪلاڪ ٻه نه ڪڍيو بلڪ پنهنجي لاھور واري محل ۾ ويهي چوڌري شجاعت حسين کي اسٽيبلشمينٽ جو سنيھو ڏيڻ لاءِ وس ڪيا پر عالمي سامراج جي نيو ڪالونيل چوڌرين زرداري سان ملڻ کان انڪار ڪري، اھو اعلان ڪري ڇڏيو ته اسان پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان گڏ آهيون. زرداري کي نه رڳو انهيءَ مشن ۾ رسوائي ۽ ناڪامي ٿي پر اھڙي ڀوائتي بيماري به لڳي ويئي جو دبئي مان وڏا ماھر ڊاڪٽر به گهرائڻا پئجي ويا ٻوڏ ۾ غرق ٿيل سنڌين جي قومي خزاني مان ھميشه جيان خرچ ڪري! ھن قسم جا حڪمران ته اسان رڳو قديم زماني جي آکاڻين ۾ پڙهيا آهن جيڪي اڳ ۾ ئي ڏتڙيل ۽ دربدر ٿي ويل مظلوم ماڻهن جي خزاني مان ڪوھنور جھڙا قيمتي ھيرا ته خريد ڪري ڇڏيندا هئا پر پنهنجي ذاتي ڌن دولت مان خرچ ڪرڻ ته وڏي ڳالهه، پنهنجو تپ به ڪنھن کي نه ڏيندا هئا. هاڻي اڄوڪي دور ۾ به اسان انسانيت جو ڪنهن به دڳ تي نالو نشان نه ٿا ڏسون.
سوال پيدا ٿئي ٿو ته قوم پرست پارٽين جي اتحاد پاران اھو مطالبو ڪرڻ ڪيئن منافقي آهي ته جوھي ۽ خيرپور ناٿن شاهه شهرن ۾ مھينن کان بيٺل بيماريون پکيڙيندڙ ڌپ ڪري ويل گندي پاڻيءَ کي ڪڍڻ لاءِ واٽر پمپ مشينون لڳايو ته اوهان کي چڙ ڇو ٿي لڳي؟ ڇا اوهان جي لکين ايڪڙ زمين مان پاڻي ڪڍڻ واسطي لڳل مشينري اوهان جي ذاتي ملڪيت آهن يا سنڌ جي سمورن ادارن جن ۾ ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون، زراعت کاتي جا بلڊوز ۽ ٽرئڪٽر، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جا واٽر پمپ، آبپاشي کاتي جا ايڪسڪيويٽر اوهان جي ڏاڏاڻي ملڪيت آهن يا سنڌ جي ايندڙ نسلن کي به گروي رکي قرض تي کنيل قومي ملڪيت آهن سنڌي عوام جي؟
اوهان جنهن شخص کي سنڌ جي رليف ۽ ريھبليٽيشن جو انچارج لڳائي ڇڏيو آهي ان تي نيب جا فقط هڪ يا ٻه ڪيس ختم ٿيا آهن، اڃا اربين رپين جي ڪرپشن ڪيسن ۾ ڦاٿل آهي. گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو ماڻهو ته سنڌ جي سڀني کان وڏي سياسي جماعت ۾ اهڙو هجڻ کپي ها جنهن جي ساک تي ڏيھي توڙي پرڏيهي ادارن کي اعتماد ھجي ھا ته جيئن ھو دل کولي ٻوڏ سٽيلن جي واھر ڪن ها. پر هن انساني ھمدردي واري خيراتي ڪم جي مالڪي ڪرڻ لاءِ به سنڌ جي وڏي وزير کي ڪو ايمان وارو ديانتدار پارٽي اڳواڻ نه مليو. باخبر دوست سچ ٿا چون ته چيف منسٽر بي اختيار آهي ۽ اصل فيصلا بلاول هائوس ۾ ٿيندا آهن. ٽن مهينن کان ٻوڏهڙو ۽ ان جا ڀيانڪ نتيجا ڀوڳيندڙ خلق جون دعائون ۽ پٽون پاراتا سھڻ لاءِ مراد علي شاهه ھر ھنڌ ويندو آهي پر ڏکوئيندڙ حقيقت هي آهي ته ھو پنھنجو ڳوٺ به گهڻين ئي اٽڪل بازين باوجود نه بچائي سگهيو. اھو ئي ڪارڻ آهي ته خميس تي بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سچار صحافي کيس سنڌي قوم جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان آگاهه ڪندي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽر اوهان کي ووٽ نه ڏيندا. بلاول ورندي ڏيندي فرمايو ته، “اسان کي ووٽ ملن يا نه ملن، ان بابت ڪا به پرواهه ناهي.”
سنڌي قوم پرست اڳواڻن لاءِ پنهنجو سياسي مستقبل ٺاهڻ واسطي سنڌين جي ڏکن سورن سان ڀريل ھي اڄوڪي صورتحال اهڙو سنھري موقعو آهي جنهن ۾ هو سچائي ۽ وطن دوستي سان ڏينهن رات ڪم ڪري پنهنجي شاندار پوزيشن ٺاهي سگهن ٿا. هيءَ ٻوڏ سنڌو درياهه جي اٿلڻ سبب ڪونه آئي آهي. اهڙن مينهن کان ويهوڻا وڏ ڦڙا بنگلاديش، سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ چائنا ۾ مان پاڻ ھفتن تائين پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن. اتي ته ڪڏھن به هن نموني انسانن کي برباد ڪري ٻوڏ آڻي ٻوڙيندي ناهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اتي جا حڪمران پنهنجي وطن جي زمين تي اهڙي طرح قبضا نه ڪندا آهن جو برساتي وھڪرن جا قدرتي لنگهھ به بند ٿي وڃن. نه وري اتي ضلعي ملير، جھمپير، ڄامشوري يا ٿاڻي بولا خان جي قومي ملڪيت کي کپائي مال ڪمائڻ خاطر ڌرتيءَ ڌڻين کي پوليس جي بندوق ذريعي زوريءَ بيدخل ڪري زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڏيڻ جو رواج آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جڏهن کان پرڏيهي وزير ٿيو آهي ته ٽن مهينن کان ھلندڙ تباهيءَ ۽ برباد ٿيل سنڌ جي ڏکويل ماڻهن سان فقط ٽي ڀيرا فوٽو سيشن لاءِ سنڌ آيو آهي. باقي سڄو وقت ھن پرڏيهي گشت ۾ گذاريو آهي.
(بلاول ڀٽو زرداري جڏهن سنڌ جي ڪروڙين بي گهر ۽ دربدر ٿيل انسانن جي پرگهور نٿو لھي ته ان ڪري سنڌ ۾ سياسي قيادت جو ھڪڙو تمام وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. رستن جي ڀر پاسي لڳايل تنبو ۾ عزت وارا سکيا ماڻهو به واجھائي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڪو عبدالستار ايڌي اڀري اچي ۽ روزانو مرندڙ ٻارڙن جا لاش دفن ڪرڻ ۾ سندن واھر ڪري.
ھي ڏتڙيل ڌرتيءَ ڌڻي رب سائين آڏو ٻاڏائين پيا ته ڊاڪٽر اديب رضوي جھڙو ڪو فرشتو اماڻ جيڪو بيمارين ۾ وڪوڙيل سندن ٻارن ٻچن جي حياتي بچائڻ لاءِ سچائي سان خدمت ڪري سگهي. ڇا سواءِ ڊاڪٽر اديب رضوي جي نمبر ون شاگرد ۽ گردن جو علاج ڪندڙ اداري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي واري سينيئر ڊاڪٽر مرلي لال کان سواءِ ڪنهن ٻئي سنڌي ڊاڪٽر سڀ ڪم ڇڏي سنڌ ۽ بلوچستان جي اهڙن برباد ٿيل علائقن تائين ڳوٺن ۾ وڃي بيوس ۽ بي پهچ ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڏينهن رات سفر ڪيو آهي؟
سنڌي ڊاڪٽرن مان سڀ کان گهڻي ڌن دولت ڪمائيندڙ ڊاڪٽرن ھڪڙو ڏينهن به ڪنهن مظلوم خاندان سان همدردي ڪرڻ لاءِ ڪڍيو؟ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي نالي تي سنڌ سرڪار کان ھر سال ڪروڙين رپيا فنڊ حاصل ڪندڙ اداري جي چڱن مڙسن سواءِ ھڪ فوٽو سيشن جي ٻيو ڪھڙو ڀلو ڪم ڪيو جنهن جي ساراهه ڪري سگهجي؟
اڄ اخبارن ۾ مئل ۽ ڦٽيل انسانن جا پاڪستان ڊساسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران سرڪاري طور تي جاري ڪيل انگ اکر پڙهي ھنئڙو لوڻ ٿي ويو. سڀ کان اھم سوال ھي پيدا ٿي ويو آهي ته ڳوٺن ۽ شهرن مان توڙي ٻڏي ويل فصلن مان پاڻي ڪڍائڻ واري مشينري ڇا رڳو حڪمران جماعت جي سردارن، ڀوتارن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪندي يا پورهيتن ۽ ھارين نارين جي ڀڄي ڀور ٿيل گھرن تڙن جي به ڪم ايندي. سنڌ جي حاڪمن جي بدترين حڪمرانيءَ مان سنڌي عوام بلڪل مايوس ٿي چڪا آهن.
ڇا سنڌ تي پندرهن سالن کان راڄ ڪندڙ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ياد آهي ته گذريل چونڊن ۾ سندس نانا ذوالفقار علي ڀٽو جي سيٽ تي کيس ڪامريڊ شڪور شاد نالي هڪ انسان دوست شخص شڪست ڏني هئي؟
ايندڙ سال سڄي سنڌ جا ووٽر لياري جي خوددار ووٽرن جيان سنڌ جي حاڪمن کي اليڪشن ۾ شڪست ڏين لاءِ تيار ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته اوهان ھاسيڪار سنڌين کي ٻوڙيو آهي. ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ بدران بدبودار پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪري دنيا جو گشت ڪرڻ ۾ رڌل آهيو. ھاڻي ڏسنداسون ته اسٽيبلشمينٽ اوهان کي ڪيئن ٿي ريسڪيو ڪري!