ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات جي پاڻي سبب متاثر ٿيل شهر

Editorial

ٻوڏ کان پوءِ پيدا صورتحال بهتر ڪانه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين به ماڻهو دربدر آهن، انهن جي پنهنجن شهرن ڏانهن واپسي ڪانه ٿي آهي. ان کان سواءِ جن شهرن ۽ علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، اهو اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. نتيجي ۾ ماڻهن جي پريشاني ساڳي آهي، انهن جا مسئلا ساڳيا آهن ۽ انهن لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا سهائتا ڪانه ٿي رهي آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته ماڻهن جون پريشانيون اڃا تائين گهٽ ڪونه ٿيون آهن. جڏهن ته انتظاميه وٽ سڀ وسيلا موجود آهن پر اها نه ته شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي اها ماڻهن جي مدد لاءِ اڳيان اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو احتجاج ڪرڻ ئي بهتر سمجهن ٿا. تنهنڪري اهي احتجاج جو سلسلو جاري رکندا پيا اچن. مختلف شهرن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بيماريون جنم وٺي رهيون آهن ۽ ان ڪري ماڻهن جي تڪليفن ۾ پڻ واڌ ٿي رهي آهي. ڪالهه به اهڙيون خبرون آيون آهن، جن موجب شهرين پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو آهي.
ايم آر ڊي جي شھيدن جي شھر ڪي اين شاهه جي سياسي، سماجي، مذھبي ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان شھر مان بيٺل پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين مسئٔلن جي حل لا احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ملاح فورم ۽ پي ٽي آ جي صدر شعبان ملاح، سوشل ورڪر حافظ محمد امين جمالي چيو ته خدارا شھر جي مالڪي ڪريو، ڪي اين شاهه جا ماڻھو واھر ۽ علاج نه ٿيڻ سبب وبائي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ھڪ ھڪ گهر مان ماڻھو مري چڪو آهي اڃا مري رھيا آهن پر انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڙو ناھي ڪيو. شھر ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، پاڻي گهڻو عرصو بيھڻ ڪري بدبو ڪري ويو آهي، صفائي ناھي، پو بيماريون وڌي ويون آهن، ماڻھن کي ميڊيڪل ناھي، بجلي ۽ گيس جو بحران آهي، ماڻھن جي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي آهي، شھر جا ماڻھو جيڪي ٻاھر رھيل ھئا، انھن کي زوري اتان ڪڍيو ويو آهي. بدحالي ۽ بک جي حالت ۾ بدامني وڌندي ڦرون چوريون ٿينديون ڦرلٽ ٿيندي. هنن مطالبو ڪيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪري ٻھراڙي جا رستا بحال ڪيو ته ماڻھن جي اچ وڃ ۽ شھر جون رونقون بحال ٿين.
ان کان سواءِ کپرو تعلقي جي هٿونگو يوسيءَ جي سوين پ پ جيالن انتظاميا پاران اڍائي مهينن کان ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بينر ۽ هٿن ۾ پ پ جا جهنڊا کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پ پ جي اڳوڻي يوسي هٿونگو جي چيئرمين نور حسن شر، جيلاني جماعت جي خليفي راڻو سميجو، شاهد هنڱورجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته برساتن کان پوءِ ٻوڏ جي ڪري اسان جي ڳوٺن الياس شر، خليفو راڻو سميجو، ڀڙي جان محمد هنڱورجو ۽ قادربخش شر سميت يوسي هٿونگو جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڍائي مهينن کان چار کان پنج فٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي، جنهن جي ڪري پيئڻ جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي. رستن تي پاڻي بيٺل آھي، چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آھي. مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي. پرائمري اسڪولن ۾ پڻ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا آھن. هنن چيو ته علائقي جو هڪ بااثر پاڻي کي لنگھه نٿو ڏي، جنهن خلاف دانهون ڪرڻ باوجود انتظاميا توڙي سياسي اڳواڻ پاڻي ڪڍرائڻ ۾ سنجيده ناهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر هٿونگو يوسي جي ڳوٺن ۽ زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته ڊي سانگهڙ آفيس اڳيان بک هڙتال ڪئمپ هڻنداسين.
مٿئين خبرن مان هڪ خبر موجب پيپلز پارٽيءَ جا جيالا ئي سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، ظاهر آهي، اهي هن وقت خراب حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جي روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. تنهنڪري اهي جيڪي شڪايتون حڪومت يا انتظاميه کان ڪري رهيا آهن سي جائز آهن ۽ انهن کي ٻڌڻ حڪومت جو ڪم آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي جتي به برسات جو پاڻي بيٺل آهي، ان کي ترت اتان نيڪال ڪيو وڃي. ماڻهن لاءِ جيڪي بيماريون بيٺل پاڻيءَ جي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن، انهن جو خاتمو به تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پاڻي نيڪال ڪيو ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي شهرن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تڪڙُو تحرڪ ورتو وڃي ته جيئن وڏي انساني آبادي بيمارين ۽ پريشانين کان بچي سگهي. جيڪا ٻوڏ دوران ۽ ٻوڏ کان پوءِ لاڳيتو تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button