ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جي اڪيلائي

Editorial-Artilce-Akhtar Hafeez

پي ٽي آءِ کي جڏهن کان اسٽبلشمينٽ جي گهربل سهولت ڪانه پئي ملي، ان وقت کان اها پنهنجو پاڻ کي سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار سمجهي رهي آهي. جيئن ته پي ٽي آءِ اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف ظهر الاسلام ۽ جنرل پاشا جي پيداوار هئي، ان ڪري پارٽيءَ کي اقتدار ڏيارڻ لاءِ سڀئي بندوبست ڪيا ويا. قانوني رنڊڪون ختم ڪري قانون جو غلط استعمال ٻين سياستدانن لاءِ ڪيو ويو. عمران خان نيازيءَ کي نا اهل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جهانگير ترين کي نا اهل ڪرايو ويو ته جيئن نواز شريف جي نا اهليءَ کي صحيح قرار ڏنو وڃي. پر تاريخ سچ ۽ ڪوڙ کي پڌرو ڪري ڇڏيندي آهي. ائين ئي پاڪستان جي سياسي گورک ڌنڌي ۾ جنهن به ماڻهو ڪو ڪردار ادا ڪيو هو، اهو هاڻ ظاهر ٿي رهيو آهي. ان ۾ ججن کان وٺي اسٽيبلشمينٽ جا چڱا مڙس به شامل هئا. پر سياست ڪا راند ناهي ۽ نه ئي ان کي راند سمجهي کيڏي سگهجي ٿو، اها هڪ حڪمت آهي. سياسي داءُ جيڪي ماڻهو ڄاڻي سگهن ٿا، اهي ئي ان کي بهتر نموني کيڏي به سگهن ٿا.
پي ٽي آءِ جهڙي پارٽيءَ کي تيار ڪرڻ ۾ ڏهاڪا لڳا پر جڏهن ان کي اقتدار مليو ته اها خبر هڪ سال ۾ ئي پئجي وئي ته اها سياسي طور ڪيتري ڀڙ آهي. نتيجي ۾ انهن کي به اها چڱي ريت خبر پئجي وئي ته ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين تي ظلم ڪري انهن خلاف زور زبردستي ڪري پي ٽي آءِ جهڙي فاشسٽ مزاج رکندڙ پارٽي ملڪ کي هر بحران مان ڪڍي سگهي ٿي، اهو به هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي سياسي پارٽيون پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن واجهائينديون آهن. جڏهن ته سياسي معاملن کي پارليامينٽ وسيلي حل ڪرڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي سياسي معاملا پنهنجو پاڻ ۾ جهيڙيندي حل ڪرڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ غير سياسي قوتون سدائين پاڻ کي مضبوط ڪنديون رهنديون ۽ سياسي پارٽين جو حال سدائين اهڙو ئي رهندو جهڙو هن وقت اسان کي نظر اچي رهيو آهي.
عمران خان نيازي اڄ به اقتدار سان چهٽل هجي ها، جيڪڏهن هو ڪي وڏيون غلطيون نه ڪري ها ۽ ان غلط فهميءَ ۾ نه رهي ها ته پاڪستان وٽ هن کان وڌيڪ ڪا ٻي چوائس ناهي. سياست ۾ چوائس ئي چوائس هوندي آهي، جنهن ڪري متبادل تيار ڪرڻ ۽ متبادل متعارف ڪرائڻ مشڪل ڪونهي. عمران خان نيازيءَ کي به مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو متبادل ڪري پيش ڪيو ويو هو. اهڙي ريت اهو چوڻ ته ڪو سياستدان ملڪ لاءِ آخري چوائس آهي ته اها خام خيالي آهي.
دنيا ۾ اهي سياستدان اڄ مڻين مٽي هيٺ پيا آهن، جيڪي اهو سمجهندا هئا ته انهن کان وڏو ليڊر ڪو ٻيو ڪونهي. پر دنيا جا سياسي معاملا اڄ به هلن پيا. اهڙي ريت عمران خان نيازيءَ جو متبادل شهباز شريف ٿي سامهون آيو آهي. ايندڙ وقت ۾ ڪو ٻيو سياستدان ان جو متبادل هوندو ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهندو. عمران خان نيازي جهڙي ريت فوج ۽ سياستدانن سان ڊبل گيم ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو هو، اها کيس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ نيٺ کيس اقتدار وڃائڻو پيو. هن پهريون ڀيرو اقتدار جو مزو ماڻيو پر هو ڍءُ نه جهلي سگهيو. سندس مرضي اها هئي ته ڪيئن به ڪري سياسي مخالفن کي پاسيرو ڪري سڀڪجهه پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏجي ۽ ملڪ جو سياسي نظام اهڙو ڪري ڇڏجي جو هڪ ئي ماڻهو جي حڪمراني هجي. پر اها ڳالهه نه ته رياستي ڍانچي ۾ چڱي پئي لڳي ۽ نه ئي وري اسٽيبلشمينٽ جي واري ۾ پئي آئي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ نه رڳو ملڪ ۾ صدارتي نظام جا تجربا ٿي چڪا آهن پر ان سان گڏ آمريت مڙهي جمهوري ادارن کي تباهه ڪرڻ جا تجربا به ٿي چڪا آهن.
پي ٽي آءِ کي اها خوش فهمي به هئي ته کيس اقتدار ۾ ڏهن سالن لاءِ آندو ويو آهي، جڏهن ته ان دوران 2023ع واريون چونڊيون به ٿيڻيون آهن. ان کان اڳ ئي عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽي اڳواڻن اهو چوڻ شروع ڪري ڏنو هو ته اهي ڏهن سالن تائين ڪيڏانهن به ڪونه ويندا ۽ نواز شريف جي پارٽي گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ اقتدار کان ٻاهر رهندي پر سياست ۾ ڪجهه به ناممڪن ڪونهي. تبديليءَ جي نالي ۾ جيڪا انتقام جي سياست پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي شروع ڪئي هئي، ان سياسي ۽ معاشي طور ملڪ کي بنهه گهڻو نقصان ڏنو آهي. ان نقصان جو ازالو ڪهڙي ريت ٿيڻو آهي، اهو فيصلو اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو آهي، جيڪا ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. تازو جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج پاڻ کي سياست کان ڌار ڪري چڪي آهي. پر اها ڳالهه رڳو چوڻ سان قبول نٿي ڪري سگهجي، ان کي عملي طور به ثابت ڪرڻو پوندو. بي صورت ۾ سياسي ۽ جمهوري ادارا اسان کي سدائين لاءِ ڪمزور حالت ۾ نظر ايندا. سياسي پارٽيون ڊڄي ڊڄي اهي ڳالهيون ڪنديون رهيون آهن ته غير سياسي قوتون سياست کان پاسيريون ٿي وڃن. ظاهر آهي اهي ان حالت ۾ ڪونه آهن جو اهي اسٽبلشمينٽ کي سياست کان ڌار ڪري سگهن ۽ ان کي اهو چئي سگهن ته ان جو ڪم سياست ڪرڻ ناهي.
عمران خان نيازيءَ کي جيتري ڇوٽ ۽ جيتري آزادي سياستدانن خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ ملي آهي، ايتري ڪنهن به سياستدان کي نصيب ڪانه ٿي آهي. هن نه رڳو ان ڇوٽ وسيلي ڪوڙا ۽ غير ضروري بيانيا تيار ڪيا پر انهن جو پرچار به ڪندو رهيو ۽ نتيجي ۾ عوام انهن بيانين کي سچ سمجهندو رهيو. مثال طور عمران خان نيازيءَ جا چاهيندڙ ان ڳالهه کي واقعي به سچ سمجهن ٿا ته آمريڪا هن کي اقتدار تان هٽرايو آهي ۽ اها هڪ وڏي سازش ٿي هئي. جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ صدر عارف علي اها ڳالهه ڪئي آهي ته عمران خان نيازي حڪومت ختم ٿيڻ جي حوالي سان جنهن سازش جو ذڪر ڪري رهيو آهي، ان کي هو سچ نٿو سمجهي. جڏهن ان قسم جا سازشي نظريا سماج ۾ پکيڙيا وڃن ٿا ته ان سان نه رڳو سچ جي مٿان پردو اچي ويندو آهي پر سياسي طور به سماج کي گهڻو نقصان ٿيندو آهي. عمران خان نيازي پاڻ کي هر حال ۾ اقتدار ۾ ڏسڻ لاءِ اهڙي قسم جون ڳالهيون پنهنجن جلسن ۾ ڪندو رهندو آهي ته جيئن هو ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي ڳالهيون ڀري سگهي، جيڪي حقيقي نه آهن پر حقيقي لڳن.
نئين سياسي صف بنديءَ ۾ پي ٽي آءِ ڪٿي بيٺل هوندي، ان جو فيصلو ٿيڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. ان کان سواءِ سياسي پارٽين کي پنهنجن ماضي جي غلطين مان سکڻ گهرجي. ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي اقتدار ملي ٿو ته ان خلاف سازشون ڪرڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو. هر معاملو ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ بدران ان جي حل جو بهترين پليٽ فارم پارليامينٽ آهي. جتي ڪيترن ئي سياسي معاملن کي حل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن پارليامينٽ هوندي به سياستدان پنهنجن معاملن کي ڪنهن ٻئي فورم تي کڻي وڃي حل ڪرڻ چاهين ٿا ته اها انهن جي سنگين غلطي هوندي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي سياسي غلطين جو ئي نتيجو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button