عمران خلاف آڊيو اسڪينڊل لڳاتار بحث ۾ آهي ۽ وڊيوز، پوءِ اهي آهن ته الائي ڪهڙيون پر چون ٿا آڊيو کان پوءِ اھي به آخري وار لاءِ سنڀاليون پيون آهن. اها ٻي ڳالھه آھي ته عمران مخالف ڌرين جون ٽنگون به اهڙين وڊيوز بابت ٻڌي تيزي سان ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۽ سڀ سوچڻ لڳن ٿا ته جيڪڏھن عمران جهڙي دادلي کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ، اهڙا بندوبست ٿي سگهن ٿا ته باقي ٻيو ڪير ٿو بچي سگهي؟ تنهن ڪري سڀني جي اها گڏيل راءِ آهي ته اهي وڊيوز جيڪڏھن آهن به ته ڀلي هجن پر اهي عام نه ٿيڻ گهرجن. اهڙي راءِ ميڊيا جي پڻ آهي، جنهن ۾ خاص حوالو حامد مير جو ڏيئي سگهجي ٿو، جيڪو آن اسڪرين اهڙين وڊيوز بابت گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ کان سوال ڪرڻ مهل مسڪرائيندي چئي چڪو آهي ته اهي وڊيوز ڏيکارڻ جهڙيون ناهن. بهرحال ان سموري تجسس کي عمران خان گهٽائڻ بدران مسلسل اهو چئي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ڇا به ٿي پئي، هو پوئتي نه هٽندو. سو هاڻ سڀني کي عمران جي اڳئين ۽ سندس آڊيوز عام ڪندڙن جي پوئين قدم جو انتظار آهي.
دراصل نااهلي ۽ ناڪامي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندڙ عمراني سرڪار جنهن خواري سان پنهنجي پُڄاڻي تي پهتي، تنهن عمران خان خود پاڻ توڙي سندس ڊگهين ڄِڀن وارن ترجمانن کي توائي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ کين سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟ جيتوڻيڪ توائي ته عمراني ٽولو پهرئين ڏينهن کان ئي هو پر لڳي ايئن ٿو ته هاڻ عمراني ٽولي جا باقي بچيل ڏينهن ڏسڻ وٽان هوندا. ان جو سڀ کان وڏو سبب کيس آڻيندڙن جي کائنس بيزاري آهي. ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪا نه هاڻ عمران خان کي نه ڳيهي ٿي سگهي ۽ نه اوڳاڇي، سا به لڳي ٿو سياسي دائري ۾ ڳالھه کي هڪ پاسي ڪندي مقامي توڙي عالمي سطح تي عمران خان جي صورت ۾ پلئه پيل تاريخي خواري جو ازالو ڪرڻ ٿي چاهي ۽ ان ڏس ۾ ٿيو اهو آهي جو ڪيسن ۾ نواز ليگ تي جيڪو ڳرو هٿ ھو، سو هاڻ هلڪو ٿيڻ لڳو آهي. جيئن ئي عمران خان کي اهو محسوس ٿيو آهي تيئن ئي هُن پنهنجو اهو رٽيل ۽ بيسواد رينگٽ اڳي کان اڳرو ورجائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته سموري جڳ جهان سان ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون پر ملڪي خزاني کي کاٽ هڻندڙن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. هاڻ هتي سوال اهو آهي ته همراهھ کي اهڙو اظهار ڪرڻ جي مستقل بنيادن تي ضرورت ڇو ٿي پوي آخر؟ اهو ان ڪري جو عمران کي آڻيندڙ عمرانين کيس واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته سندس حڪومت جي دور ۾ ملڪي سياست توڙي معيشت ۾ جيڪو شديد بحران پيدا ٿيو، تنهن کان پوءِ وڌيڪ تڪرار جي گنجائش ناهي. تنهن ڪري هاڻ معاملا ايندڙ اليڪشن کان اڳ ئي سنوت ۾ آڻڻ گهرجن. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي نياپي کان پوءِ عمراني ٽولي جو توائي ٿيڻ اڻٽر آهي.
تنهن ڪري هاڻ بحث اهي پيا ٿين ته ان نئين پاليسي جا نتيجا، خاص طور تي پنجاب ۾ ڪهڙا نڪرندا؟ اهو سوال هاڻ انهن سڀني جي سامهون کڙو ٿيل آهي، جيڪي پنجاب جي حمايت توڙي مخالفت تي پنهنجي سياست آڌارين ٿا.
ان تناظر ۾ اچو ته پاڻ ان ڳالھه جي ڪجھه ڳنڍ کولي ڏسون ته جيڪڏھن پي ٽي آئي ۽ نواز ليگ جو جهيڙو اڃان اڳتي به وڌي ٿو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا ۽ ان جهيڙي جو فائدو ڪنهن ڪنهن کي پوڻو آهي.
دراصل هن ملڪ جو اول ڏينهن کان وٺي الميو اهو ئي رهيو آهي ته هتي ڪڏھن به حقيقي احتساب ٿيو ئي ناهي. هتي هڪڙن چورن مٿان وري ٻيا چور ئي وارو وٺندا رهيا آهن ۽ ان سموري ڦير گهير ۾ خود نواز ليگ به حصيدار رهي آهي. سو عمران خان، نواز شريف سان جيڪو ڪجھه ڪيو، تنهن جي خبر ميان صاحب کي ڀلي ڀَت هئي ته ان جي پُٺيان ڪير هو. ڇاڪاڻ ته جيئن عمران خان نواز شريف لاءِ چور چور واري باھه ٻاري کيس گهر ڀيڙو ڪيو، ساڳيو رويو نواز شريف پيپلزپارٽي خلاف وڏن جي پُٺڀرائي سان روا رکي چڪو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف عمران خان بدران کيس آڻيندڙن سان ئي لڳاتار مخاطب ٿيندو رهيو.
هاڻ جڏهن اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي في الحال پاسي تي رکي، نواز شريف سان سرچاءُ ڪري ورتو آهي ۽ عمران خان هاڻ نواز ليگ کان پلاند وٺڻ واري پِڙ ۾ اڪيلو بيٺل آهي، تڏھن ان تڪرار ۾ اڳي پوءِ عمراني ٽولي جي شڪست اڻ ٽر سمجهڻ گهرجي. عمران خان ڇا ڪندو آخر؟ وڌ ۾ وڌ وري به اسلام آباد کي گهيرو ڪرڻ واري گدڙ ڀڀڪي ٻيو ڇا؟ جنهن ڌمڪي ۾ هو هينئر اهو چوندو وتي ته پنجاب، پختونخواه ۽ ڪشمير ٽيئي سندس هٿ ۾ آهن ۽ سندس اهڙي سگهھ کي معمولي سمجهندڙ اکيون کولين. پر اهڙي چڙهائي جو جيڪو فائدو نواز ليگ کي ٿيندو، تنهن جي ڪَٿ ڪرڻ جي عمران خان ۾ صلاحيت ئي ناهي.
اهو هيئن ته پنجاب جي سياسي نبض جا ڄاڻو ٻُڌائين ٿا ته عمراني ٽولي هيستائين نواز شريف سان جيڪو ڪجھه ڪيو آهي، تنهن سان ميان صاحب لاءِ سياسي حمايت ۽ همدردي وڌندي ئي رهي آهي ۽ هاڻ جڏھن اليڪشن ۾ باقي ڪو سال کن وڃي بچيو آهي، تنهن ۾ به عمراني ٽولي سموري توانائي نواز ليگ سان جهيڙڻ تي سيڙائي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته عمران خان جو در سياست ۾ سدائين لاءِ بند سمجهو.
اهو هيئن پنجاب ۾ نواز ليگ جو حمايتي هُجوم ڪٺي ڪرڻ ۾ مريم نواز آزمائجي، ڪڏهوڪو ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ مٿان جيڪڏهن ميان صاحب به موٽي ٿو ته پوءِ آخري نتيجو اهو نڪرندو جو ملڪي تاريخ جي ڳٺ جوڙ واري پُراڻي ۽ اصل ڳوٺ جا ڳوٺائي يعني اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ ٻيهر پاڻ ۾ کنڊ کير ٿي ويندا ۽ ڪپتان خان ڪياڙي کنهيندو، روانو ٿيندو ان گهر ڏانهن، جنهن گهر جي ڀاتين رات پيٽ ۾ بني گالا جا ڪاغذ پٽ تيار ڪري عمران خان کي ان نياپي سان موڪلي ڏنا هئا ته ڀل جو هُو پاڻ کڻي بيوڙو ٿي پيو آهي پر جي موٽڻ چاهي ته موٽي سگهي ٿو.
ڳالھه کي کٽائجي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه ابهام ناهي ته عمران خان جو ڪوبه آئيندو هاڻ ناهي. هن جي جيتري ضرورت هئي، اوترو استعمال ٿي چڪو ۽ ان استعمالي عرصي ۾ عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاءِ جنهن تاريخي خواري جو سبب بڻيو، تنهن کان اسٽيبلشمينٽ ٻيهر عمران لاءِ سوچي پاڻ کي ٻُوهي ۾ ڪيئن آڻيندي!؟ بس اهو ئي سبب آهي جو پنهنجو ڪوبه آئيندو نه ڏسي عمران خان هر ڏينهن نئين ڌمڪي ڏيندو هلي پر سندس ڪابه ڌمڪي هاڻ اثر ان ڪري ڪانه ڇڏيندي جو سندس ٻانهن ۾ ٻل وجهڻ وارا هن مان ڪڏهوڪا هٿ ڪڍي چڪا.