گلزار احمد درس
ادب ۾ عورت جو اھم ڪردار رھيو آهي، سماج ۾ تبديلي لا جن عورتن به قلم کنيو آهي، تاريخ ۾ انهن جو نالو سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو. بي حس سماج ۾ جتي عورتن تي تشدد ٿئٔي ٿو، جتي عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ٿو. ان سماج ۾ ھڪ عورت انهن ظلمن خلاف مزاحمت ڪندي قلم کڻي ٿي ته يقينن اھا عورت جس لھڻي. ظلم خلاف آواز اٿارڻ به مزاحمت آهي. جتي ظلمتن جون ڪاريون راتيون ھجن، جتي اکين ۾ لڙڪ واري بڻجي وڃن، جنهن سماج ۾ حق ۽ سچ جي واٽ پٿريلي ھجي. ان سماج ۾ سچ وڏي واڪي چوڻ ھمت بردباري آهي.
اھڙي ئٔي سماج ۾ جنم وٺندڙ فروا سحر به آهي، جنهن جو تعلق کهڙا جي تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس سان آهي. فروا لکڻ جي شروعات 2015ع کان علم عروض سان ڪئي. سندس شاعريءَ جو اڃا تائين ڪوبه ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ نه آيو آھي. بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران هڪ ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. ترت ئي سندس ڪتاب “اڪيلي حياتي” پڙهندڙن جي ھٿن ۾ ھوندو. فروا سحر سماج جي ھٿ ٺوڪين ريتن کان بغاوت ڪندي لکي ٿي:
لکين لُڙڪَ ڪَڙڪيا اکين جي وَطن تي!
رَهيا ٽَهڪَ ناهِن، اسان جي چَپن تي!
اُٿو سِنڌ واسِي ڇڏيو ننڊَ گهري،
رکيا پيرَ ظالم وري هن دَڳن تي!
اسان پيٽ خاطر ڪيا خوب پورهيا،
لڪيرون لِڦون ٿيون نه ميندي هَٿن تي!
مِٺي ماءُ ناهي، مِٺو مال جن کي،
کپائن ٿا ڌرتي وڏيرا ٽَڪن تي!
ڀلا ائين ڇو آ سنڌي قوم سان هت!
لڳن روز ڌاڙا اسان جي حَقن تي
نه ٿو ڪوبه هِتڙي ڏِئي ڏَڍُ ڏُکيءَ کي،
ڇَٽي لُوڻُ ٿو لوڪُ “فروا” ڦَٽن تي!
فروا سحر آڌيءَ جي اوجاڳن ۾ لڙڪ پوئي سماج جي مسئٔلن جي عڪاسي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئٔي آهي. فروا سحر بغاوتن جي ڀوائتين راتين ۾ ٽانڊاڻو بڻجي جرڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماج ۾ سوجھري جي تمنا ھن اڄ به نه ڇڏي آهي. مايوسين جي موسم ۾ توڙي جو ٽھڪ ھن لاءِ ٽانڊن مثل آهن پر ھوءَ مرڪڻ ٿي چاھي. انھيءَ لاءِ جو مايوسيءَ جو تاثر ھار مڃڻ برابر آهي.
فروا سحر جي قلمي پورھئي جو قدر ٿيڻ گھرجي. فروا سحر ان ظالم سماج ۾ جنم ورتو آهي، جنهن سماج ۾ اکين جي ڳالھه زبان سان ڪرڻ ڏوهه ليکيو وڃي ٿو. آئون سمجهان ٿو فروا سحر نه رڳو ھڪ خوبصورت تخليقڪاره آهي پر ھوءَ مصور به آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ رنگ ڀري انڌي سماج کي آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ھن آسمان جي ستارن کي ڏسي آسمان تي چڙھڻ جي سوچ نه ڪئٔي آهي پر اھو چنڊ بڻجڻ جي تمنا ضرور ڪئٔي آهي جيڪو روشنيون پکيڙي ٿو. فروا سحر پنهنجي تخليقي سگھه ذريعي ماڻهن تائٔين اھو پيغام پھچائٔڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:
جاڳو جاڙيجا سما سک م سمھو
توڙي جو ھن جا خواب ماڻهن لاءِ آهن. ڌرتي لاءِ آهن پر ھوءَ چاھي ٿي ته جنهن واٽ تي ھن جو سفر آهي، اھا واٽ ڇڏڻ مھڻو آهي. بقول لطيف سائين ته “وٺيو وڃج واٽ ڪنڌ نه ڦيرج ڪيڏھين” سو ھوءَ ھن سفر تي روان دوان آهي، جيڪو مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. سندس تخليقن ۾ اوھان کي ڌرتي ۽ دل وارن جون ڳالهيون نظر اينديون.
جيئٔن ھن تخليق ۾ فروا سحر ڀٽائي آڏو لڙڪ لاڙيندي چوي ٿي.
کائي ٿو هي سورُ ڀٽائي
ناهي ڪو دستورُ ڀٽائي
سنڌڙي جهڙي ديس سندي ۾
ھر ڪو آ مجبور ڀٽائي
روز اکين سان ظلم ڏسان ٿي
آھـــيان چڪنان چورُ ڀٽائي
ويلي جي هڪ ماني جي لئه
جـــيون آ نــــــــــاسور ڀٽائٔي
“فروا” پنهنجي حال اندر ۾
ماڻھون هن بي نورُ ڀٽائي
مون فروا سحر کي سدائين جھيڙيندي ڏٺو آهي. ڪڏهن حالتن سان ڪڏهن سماج سان ڪڏهن ظلم سان ڪڏهن وڏيرا شاھي سان.
اڄ ڪلهھ سنڌي ادب کي اھڙن مزاحمتي تخليقڪارن جي ضرورت آهي. فروا سحر پنهنجي زندگيءَ ۾ جتي سک ڏٺا ھوندا، اتي درد به سندس پلئه ضرور پيا ھوندا پر انهن دردن کي نظر انداز ڪندي ھوءَ ٻين جا درد لکي ٿي. اھا وڏي ھمت جي ڳالهھ آهي. اھي ماڻھو جن کي ڪارو چشمو پيل آهي، اھي سوچيندا آهن ته سوجھرو ڪٿي به نه هوندو آهي. پر اھو تاثر غلط آهي، جيڪڏهن ھڪ ٽانڊاڻو به سوجھرو ڪري سگھي ٿو ته سوجھري جي تمنا ڇو ڇڏجي؟ ڇو اونداھين سان نه جھيڙجي؟
ھڪ تخليقڪار جڏهن زماني جون ستم ظريفيون پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو، زماني جا ڪوڙ، دوکا ۽ فريب اکين سان ڏسي ٿو ته ھو اندر ۾ گُھٽ ٻوسٽ محسوس ڪري ٿو. فروا سحر ھڪ حساس دل رکندڙ آهي. سو سندس شخصيت توڙي تخليقون ھن سماج ۾ ٿيندڙ واقعن، ظلمن ۽ سماجي روين سان لاڳاپيل موضوعن تي آهن.
اکين ۾ کوڙ سپنا کڻي فروا سحر اڻ ٿڪ جدوجهد تي نڪتل آهي. ھوءَ با ھمت ۽ باڪردار آهي. ان ڪري ٿڪي ٽٽي ھوءَ ماٺ نه ويھندي. درد جي دڳن تي سندس مسافريون توڙي جو پيرن ۾ ڪاون ۽ ڪنڊن سان ڀريل آهن پر رت ھاڻن پيرن سان ھوءَ اڳتي وڌڻ ٿي چاھي. ڪجھه لکڻ ٿي چاھي. فروا سحر چوي ٿي ته “ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پايان” وارو ڀرم قائٔم رھي.
فروا سحر اھو به چوي ٿي ته سرتيون دعا ڪجان ته ڀرم ڀاروڙي رھي. آئون اھو چوندس ته فروا سحر تنهنجون آڱريون ٿڪ نه ڀڃن تون لکندين رھين. ھن سماج جي ڏتڙيل مظلوم عورتن لاءِ تون لکندي رھين. ھر ان لڙڪ لاءِ جيڪو دل جي پني تي رت بنجي لٿو آهي. تون مرڪندين رھين. تيستائٔين جيستائٔين سماج جاڳي پوي. تنهنجي تخليقي سگهھ اڃان به اعليٰ ٿئٔي. تنهنجي قلم کي رواني جا رنگ لڳن. تون مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي، ڏاڍ جا ڏونگر ڪيرائي وجھين. سنڌي ادب ۾ تنهنجو پورھيو شال اڃان به مڃتا ماڻي.