اڄ وري به منهنجي ساڳي حالت آهي. ڇا لکي ڇا لکان؟
ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.
ٻوڏ سٽيلن جي ھزارين ٻارڙن کي گدلاڻ جي ڪري پيرن کان وٺي منهن تائين نڪتل ڦرڙين ۽ ڦٽن تي ماتم ڪريان، لکين ٽن ھاسيڪار برباد ڪيل ڪڻڪ جي گودامن ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کان وٺي ماتحت حرامخورن تي لکان، يا ماتليءَ جھڙي سکئي ستابي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي گدلاڻ سبب رستن تي نڪري آيل مائرن ڀينرن جي فرياد کي ورنائي کين آٿت ڏيان؟ آخر اھڙو ڪو اڪيلو اشو سمورن موضوعن کان ڳرو ڇو ڪونه بچيو آهي جنهن تي منهنجو قلم ۽ منهنجي قلب ڳوڙها ڳاڙي!
هاڻي ته سنڌي ماڻهن جون اکيون به سڪي خشڪ ٿي ويون آهن. دانهون ۽ آھون ڪن ٿا، سڏڪا ڀري روئين ٿا پر سندن سڪل اکيون لڙڪ لاڙي نه ٿيون سگهن. ٻڌايان ٿو ته جيڪي ماڻهو ٻوڏ کان بچي ويا سي به مھانگو اٽو نه پيا پنهنجن ٻچڙن ڪاڻ وٺي سگهن! ڪٿان وٺن ۽ ڪيئن وٺن ماروئڙا مسڪين موذين پاران ايڏو ھٿرادو وڌايل اگھه ڀري؟
ڪڻڪ پيسڻ وارين چڪين جي ٿلهن ٿنبرن مالڪن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته خميس ڏينهن کان ھو پنھنجي چڪين کي بند ڪري ڪڻڪ پيسڻ ڇڏي ڏيندا. حڪومت خلاف ھڙتال ڪندا ڇاڪاڻ ته اها سندن جائز ۽ ناجائز مطالبن کي نه ٿي مڃي. حيدرآباد شهر ۾ منهنجو جنم ٿيو، جتي مون پنهنجي ئي پاڙي ۾ ھڪڙي دوڪان اندر لڳل ننڍڙي چڪي واري مالڪ کي دنيا جي سڀ کان جديد فلور ملز لڳائيندي ڏٺو. بابا سائين مرحوم ٻڌائيندو هو ته هي عثمان ميدي وارو (اٽي مان ميدو، سوجي ۽ ڪڻڪ جو بوسو ڪڍي، ٻيڻا ٽيڻا پئسا ڪمائيندا آهن) اصل ۾ ڪاسائي آهي ۽ پنهنجي ذات بدلائي ڇڏي اٿس چڱو مڙس سڏائڻ لاءِ! سوچيو ته جيڪڏهن ان زماني ۾ جڏهن آئون اڃا اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته حيدرآباد ۾ ھڪڙي ننڍڙي چڪي وارو پورھيت ٺڙڪ ٺڳي ذريعي ارب پتي بڻجي سگهي ٿو ته ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ ٻين وڏن شهرن جي چڪي مالڪن خوراڪ کاتي جي آفيسرن، سرڪاري گودامن جي انچارج ۽ ٽرانسپورٽرن سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي ڪيترو لٽيو ۽ ڦريو ھوندو؟
ذخيرو ڪرڻ وارن ٺڳ واپارين سالن کان وٺي ڪڻڪ لڪائڻ جو ڌنڌو ڪيو آهي. وڏ ڦڙا وسڪارا ته هنن لاءِ منافعي وارا ھوندا آهن، جيئن آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن واسطي ٻوڏ! ماڻهن جو موت ۽ ھنن جي موج. جيئن ماسٽر چندر جو ڳايل ڪلام آهي ته،
عيد اجھا آئي ڙي سڄڻ، عيد اجھا آئي.
تيئن ھنن رشوتخورن جي سوچ ھوندي آھي ته،
ٻوڏ اجھا آئي ڙي سڄڻ، ٻوڏ اجھا آئي!
ھنن ڌن دولت جي پوڄارين کي ماڻهن جي ڳوٺن شهرن، ٻنين ٻارن، فصلن، اسڪولن، اسپتالن ۽ نياڻين کي پرڻائڻ لاءِ زماني کان گڏ ڪيل ڏاج جي لڙھي وڃڻ جو ڪوبه اونو، احساس ۽ ڪابه ڳڻتي نه ٿيندي آهي. ها، ھنن جا بنگلا ۽ ڪاروبار حرام جي ڪمائيءَ مان وڌي بڙ جي وڻ کان به وڏا ۽ گهاٽا ٿي ويندا آهن.
ڪڻڪ ۽ اٽي جا ھي وحشي واپاري ۽ ٽرانسپورٽر تيل ڪمپنين وانگر اھڙو ڪارٽيل (ناني ويڙهو) ٺاهي ويٺا آهن جو ھڪ ته اڻ ھوند ۽ سيلاب يا ڏڪار جي مند ۾ اناج لڪائين ۽ پوءِ ھر ھڪ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي لڪايل مال جا سرڪاري طرح اگھه وڌرائي، غريب مسڪين ماڻهن کي ڦري ڀينگ ڪريو ڇڏين. جيئن ته اسان جي بدبخت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني اڻلڀ ٿي ويئي آهي تنهن ڪري ھر دور ۾ مھانگائي جو عذاب عوام کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو.
ھنن انسان دشمن مافيائن جي ڌمڪين کان ھيسجي سنڌ ڪابينا اڱاري تي گڏجاڻي ڪئي ۽ ڪڻڪ تي ايندڙ سيزن ۾ 2350 ڪروڙ رپين جي سبسڊي (سرڪاري خزاني مان قيمت ڀرڻ) جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ھاڻي سوچيو ته جڏهن سنڌ ھائي ڪورٽ جي ججن سنڌ جي ڪنھن به ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي انهيءَ رپورٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ته شھرن توڙي ٻهراڙين مان پاڻي ڪڍائي ڇڏيو اٿئون ته اھڙن وسيع علائقن ۾ ربيع جو فصل ڪيئن پوکي سگهبو؟
مطلب ته سبسڊي جي آڙ ۾ ايڏي وڏي رقم تي ھڪ ڀيرو وري به خوراڪ کاتي جا رشوتخور ۽ بي ايمان عملدار، چڪين جا موذي مالڪ ۽ ڪڻڪ جا ٽرانسپورٽرس ٺڳ ئي کاٽ هڻندا!
ڪڻڪ، بجلي، تيل ۽ ٻين عام استعمال جي شين تي سرڪاري خزاني مان اربين رپيا ھر سال امدادي رقم جاري ڪرڻ يعني سبسڊي ڏيڻ اصل ۾ ٺڳي جو ٺاھه ھوندو آھي. ھن ٺڳي مان نه رڳو واپاري پر حڪمران به جاوا ڪندا آهن. پڙهندڙن کي ياد ڏيارڻ لاءِ شگر ملز جي مالڪن کي عمران خان طرفان 2019ع ۾ ڏنل سبسڊي جو ذڪر ڪندي اھو سچ ٻڌائي ڇڏيان ته اقتدار ۾ اچڻ شرط تڏهوڪي وزير اعظم عمران خان پنھنجي سڀني کان ويجھي گاڊ فادر جھانگير ترين جي چئن ڪمند پيڙڻ وارن ڪارخانن کي اربين رپين جو فائدو ڏيڻ لاءِ دشمن سياسي اڳواڻن شريف خاندان ۽ زرداري فيملي جي شگر ملز کي به ڪروڙين رپيا امدادي رقم سرڪاري خزاني مان ڪڍائي ڏني. موٽ ۾ جڏهن جھانگيـر ترين کان پنھنجو حصو پتي گهريائين ته ھن اهو چئي انڪار ڪيو ته توھان کي وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويھارڻ لاءِ مون نه رڳو پنهنجو ذاتي ھوائي جھاز ۽ سڀ کان مھانگو ھائي آڪٽين پيٽرول به استعمال ڪيو پر ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي اسلام آباد ۽ لاهور پهچائڻ لاءِ خانگي ھوائي ڪمپنين جا ڀاڙي تي جھاز ڪرائي جيترو خرچ ڪيو اٿم، ھي سبسڊي سمجهه ته اھو خرچ مس پورو ڪندي.
ساڳي ريت ڪڻڪ تي سبسڊي ڏيڻ واسطي سنڌ سرڪار گذريل جون مھيني ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ جيڪي ٽي ارب 36 ڪروڙ رپيا رکيا ھئا، انھن مان سنڌي عوام بدران رڳو چڪين ۽ فلور ملز جا مالڪ فائدو وٺي رهيا آهن. سنڌ جي فوڊ ڊپارٽمينٽ جيڪا ڪڻڪ گذريل ربيع واري فصل مان زميندارن ۽ واپارين کان في ڳوڻ 7825 رپين ۾ قومي خزاني مان ورتي ۽ ان لاءِ بينڪن مان ڳاٽي ٽوڙ وياج تي قرض کنيا سا ڳوڻ چڪين جي ٺڳ مالڪن کي 5825 رپين ۾ ڏنائون ته جيئن خلق کي ڏينھون ڏينهن وڌندڙ مھانگائيءَ کان بچائجي. پر انسان دشمن ڪميشن ايجنٽن چڪين جي ڌڻين کي اڳواٽ ئي ٻڌايو ته هن سبسڊي مان في ڳوڻ 650 رپيا سنڌ جي اصل حاڪمن کي ڏيڻا پوندا. هاڻي جڏهن قومي خزاني مان چڪي مالڪن کي ڪروڙين رپين جي ناجائز آمدني ٿي ويئي آهي ته حڪمرانن کي سندن شيئر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن. موٽ ۾ جڏهن کين سنڌ سرڪار وڌيڪ ڪڻڪ اشو نه ٿي ڪري ته هڙتال جو اعلان ڪري اربع کان خدا جي خلق کي ھنن موذين اٽو ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو آهي.
پڇاڙڪا لفظ:
ڊي سي دادو جو پڇاڻو! سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ اڱاري تي عدالتي حڪم مطابق ڊپٽي ڪمشنر دادو ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ برباد ٿيل ماڻهن توڙي فصلن جي حقيقي حالت متعلق جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ان کي مانوارن جج صاحبن ڪوڙي ۽ بي بنياد رپورٽ ٺهرائي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضيٰ شاہه کي حڪم ڏنو ته ايندڙ شنوائيءَ ۾ سچائي سان تحقيق ڪري حقيقي احوال ۽ ويڊيوز ڪورٽ ۾ پيش ڪري ٻڌايو ته خيرپورناٿن شاهه، ميھڙ، جوھي ۽ ٻين ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۽ ٻھراڙين مان گذريل ٻن مهينن ۾ سيلاب وارو بدبودار پاڻي ڪڍيو اٿئو جنهن جي ڪري ٻچڙن کي چمڙي جون بيماريون چھٽي پيون آهن.
ڪورٽ سڳوري ڊي سي دادو جي رپورٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان اهڙن علائقن جون تصويرون کڻي آيا آهيو، جتي ٻوڏ ئي نه آئي ھئي. عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، اوهان کي شرم نه ٿو اچي؟ ان جملي تي نه رڳو ڊپٽي ڪمشنر پاڻ پر سندس وڪيل جا ٻه پگهر نڪري ويا. ظاهر آهي ته سنڌ جي سڀ کان وڏي عدالت جا معتبر جج نھايت تجربيڪار آهن ۽ سنڌي ماڻهن تي چوڏهن سالن کان راڄ ڪندڙ حڪمرانن کان وٺي سندن مقرر ڪيل سفارشي آفيسرن کي چڱي ريت سڃاڻن ٿا. انهن کي اها به ڄاڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ھيترن سالن کان ڇا پيو وهي واپري! ڇا جج صاحبن کي اھا خبر نه پئي ھوندي ته پيپلزپارٽي دادو جي اڳواڻ پير مظهر جي وزارت ۾ ماستر جي نوڪريءَ به لکين رپين ۾ وڪرو ٿيندي هئي!