ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊسمبر جا گلاب: هڪ آتم ڪٿا-1

Editorial-Article- Rauf Nizamani

گھڻا ماڻهو ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندا آهن ته آتم ڪٿا عمر جي آخري حصي ۾ لکجي ته جيئن ان ۾ سڄي زندگي جي ڪهاڻي جو گھڻو ۽ اهم حصو اچي سگھي. بهرحال ان ڳالهه تي به اتفاق ناهي ته آتم ڪٿا ۾ ڇا اچڻ گھرجي. ادب جي ٻين صنفن جيان ان تي به ڪو هڪ رايو ۽ اتفاق ناهي.
تازو مون ڀارت جي وڪيل، جج، سفارتڪار ۽ سياستدان ايم سي ڇاگلا جي آتم ڪٿا Roses in December پڙهي. جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته ليکڪ اها پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ لکي آهي ۽ سندس خيال آهي ته ان عمر ۾ ئي ماڻهو پنهنجي ماضي ۽ گذريل زندگي جو صحيح جائزو وٺي سگھي ٿو.
ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ پنهنجي نالي ڇاگلا متعلق ٻڌائي ٿو ته هو پهرين پنهنجي نالي سان مرچنٽ لکندو هو پر کيس اهو نالو پسند نه هو. هن پنهنجي ڏاڏي کي چيو ته هو پنهنجي اها ذات بدلائڻ چاهي ٿو. هن ڪجھه سوچڻ کانپو کيس چيو ته تون پنهنجي نالي سان ڇاگلا لک. هن کيس ٻڌايو ته سندس ڏاڏي سان خاندان جا سڀ فرد پيار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي سڀني جو چاڳلو آهي. ان ڪري تون اهو نالو استعمال ڪر ۽ اهو نالو آخر تائين ساڻس گڏ رهيو. سندس چوڻ آهي ته هو شروع ۾ گھڻو مذهبي هوندو هو پر پو هو مذهب کان پري ٿيندو ويو ۽ پنهنجي عقل ۽ سمجھه موجب فيصلن ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
بمبئي ۾ جنم وٺندڙ هڪ وچولي طبقي جو ٻار جنهن شروع ۾ هڪ عام اسڪول ۾ گجراتي ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪئي آڪسفورڊ تائين پهتو ۽ بار ايِٽ لا ڪيائين. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات وڪالت کان ڪئي. سندس چوڻ آهي ته ان وقت جا نوجوان وڪيل محمد علي جناح جي ذهانت ۽ ان جي شخصيت مان گھڻو متاثر هئا ۽ هو به انهن مان هڪ هو. هن آڪسفورڊ وڃڻ کان اڳ جناح کي چيو هو ته هو واپس اچي سندس جونيئر طور ڪم ڪندو.
هن جناح سان گڏ ڪم ڪرڻ ته شروع ڪيو پر شروعات ۾ سندس پريڪٽس گھڻي نه ٿي هلي ۽ هو مالي ڏکيائين جو شڪار هو. سندس چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ جناح ڪنهن قسم جي مالي مدد ڪرڻ جو قائل نه هو. سندس اهو موقف هو ته پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان پنهنجا وسيلا پيدا ڪريو.
جناح سان هو مسلم ليگ ۾ به رهيو. پر سندس چوڻ آهي ته اهو اوستائين هو جيستائين جناح هندو مسلم اتحاد جو قائل هو. جڏهين هن پنهنجي ان موقف تان هٿ کنيو ۽ ٻه قومي نظرئي جي وڪالت شروع ڪئي ته پو سندن واٽون ڌار ٿي ويون. هن هندو مسلم تفريق ۾ يقين نه ٿي رکيو پر هڪ متحد هندوستان سندس آدرش هو. هو سمجھي ٿو ته جناح پاڻ مسلمانن جي هڪ ڌار ملڪ جي حوالي سان گھڻو سنجيده نه هو پر هن ان کي رڳو مسلمانن لا وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لا سودي بازي طور استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. سندس خيال آهي ته هڪ متحد هندوستان جو معاملو گھڻي ڀاڱي طئي ٿي چڪو هو پر هڪ ته نهرو جو ڪيبينيٽ مشن پلان متعلق اهو چوڻ ته آزادي کانپو ڀارت جي پارليامان ان ۾ تبديليون ڪري سگھندي ۽ ٻيو يوپي، جيڪو اتي مسلمانن جي اقليت ۾ هئڻ جي باوجود تهذيبي طور انهن لا هڪ اهم پرڳڻو هو، ۾ ڪانگريس جي حڪومت پاران ڪنهن مسلمان کي وزارت ۾ کڻڻ لا اها شرط رکڻ ته اهو ڪانگريس جي پروگرام مطابق هلندو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ ويڇن کي اڃا وڌائي ڇڏيو. ليکڪ اهو خيال به ڏيکاري ٿو ته نهرو ۽ سندس ساٿي شايد ٿڪجي پيا هئا ۽ کين اقتدار حاصل ڪرڻ جي تڪڙ هئي ۽ انهن کان وڌيڪ صبر نه ٿي ٿيو. ان ڪري انهن ورهاڱي جي رٿا کي قبول ڪري ورتو جنهن ڳالهه جناح کي پاڻ حيران ڪري ڇڏيو.

ڇاگلا بنيادي طور وڪيل ۽ قانون جي پيشي سان لاڳاپيل هو. جيتوڻيڪ هن سياسي سرگرمين ۽ سياست ۾ بهرو ورتو ٿي پر سندس پنهنجو ڪو سياسي بنياد ِيا ڪو حلقو نه هو جنهن جي ڪري هو سياست ۾ اڳتي وڌي سگھي. هو پهرين وڪيل مان بمبئي هائي ڪورٽ جو جج ۽ پو چيف جسٽس ٿيو. ان بنياد تي هو بمبئي جو ايڪٽنگ گورنر به ٿيو. پورچوگال پاران ڀارت سرڪار تي سندن قبضي وارن علائقن ۾ راهدري لا عالمي عدالت ۾ ڪيس ڪيو ويو هو. ان عدالت ۾ ڪنهن به ڪيس لا ٻنهي فريقن جي نمائندگي ضروري آهي ۽ ان وقت جيئن ته ڀارت جي ڪا نمائندگي نه هئي ان ڪري ڇاگلا کي اتي جج ڪري موڪليو ويو. هن گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست پاليسي خلاف پڻ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.

ان وقت پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو مسئلو اٿاريو هو. ڀارت پاران کيس ڀارت جي نمائندي طور اتي موڪليو ويو جڏهين ته پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ٿي ڪئي. ڪشمير متعلق ڀارت جو موقف اهو هو ته اهو تاريخي طور ڀارت جو اٽوٽ انگ آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ڀارت هڪ سيڪيولر رياست آهي جتي سڀني شهرين کي ڪنهن مذهب ۽ فرقي وغيره جي فرق کانسوا هڪجهڙا ۽ ساڳيا حق حاصل آهن. ان ڪري جيڪڏهين ڪشمير جي ماڻهن کي ريفرينڊم ۾ ڀارت کان ڌار ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو ته ٻيون رياستون به اهو ساڳيو حق گھرنديون ۽ اهڙي ريت ڀارت جي يڪجهتي ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. ڀٽو جي ان صلاحيت کي ته هو مڃي ٿو ته کيس ڳالهائڻ ۽ تقرير جو ڏان هو پر ساڳي وقت هو هڪ جذباتي ماحول پيدا ڪندو هو ۽ پنهنجي موضوع تي نه بيهندو هو. ڀارت سان هن کي ازلي وير هو ۽ هن هزار سال جنگ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي ڪيون. پر ساڳي وقت شملا ٺاهه ۾ سندس رويو بلڪل بدليل هو ۽ هن امن ۽ دوستي جي ڳالهه ٿي ڪئي. سندس چوڻ آهي ته سيشن دوران نيويارڪ ۾ رهندي انهن نه هڪٻئي سان ڳالهايو ۽ نه ئي هٿ ملايو. سندس وفد جي همراهن کيس ڀٽو سان ڳالهائڻ لا چيو پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هڪ ته هو کانئس عمر ۾ ننڍو هو ان ڪري کيس پاڻ اڳتي وڌي ملڻ گھرجي ۽ ٻي ڳالهه ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي وقار ۽ عزت کي هيٺ نه ٿو ڪرڻ چاهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button