ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يوسف مستي خان: اعليٰ انسان، بهترين دوست، ڪميٽيڊ سياستدان

Editorial-Article- Abdul Khalique Junejo

“جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي”
منهنجي ويجهن دوستن کي خبر آهي ته مان لفظن جو غير ضروري وڌا بلڪل ناهيان ڪندو. اڃا به ڪن دوستن کي شڪايت هوندي آهي ته مان ڪنهن جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪنجوسي کان ڪم وٺندو آهيان. پر مان کلئي دل سان ۽ دماغ جي يقين سان چوان ٿو ته شاهه لطيف جي مٿئين سٽ يوسف مستي خان تي بلڪل پوري لهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ سندس زندگي جي آخري 34 سالن بابت مان اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهان ٿو، جنهن عرصي دوران منهنجي ساڻس تمام گهڻي سياسي توڻي ذاتي ويجهڙائي رهي.
يوسف مستي خان سان منهنجي پهرين ملاقات 79-1978ع ۾ پراڻي دوست سيد شاهه محمد شاهه جي معرفت ٿي، جڏهن اهي ٻئي پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جا اڳواڻ هئا. پر ساڻس ويجهڙائي 1988ع کان ٿي، جڏهن سنڌ قومي اتحاد (SNA) ٺهيو ته ڪراچي لا ان جو صدر عثمان بلوچ ٿيو (جنهن جو تعلق PNP) سان هو ۽ سيڪريٽري جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ هاشم کوسو مقرر ٿيو. ان کانپو عام چوڻي مطابق “پوئتي موٽي نه ڏٺوسين”. يوسف ۽ عثمان جي سنگت ته گهڻي پراڻي هئي. منهنجي ملڻ کانپو اسان جي ٽه مورتي (Troika) ٺهي پيئي، جنهن کي زماني جا لاها چاڙها، دوستن دشمنن جون “مهربانيون” توڻي سياست جي ميدان جا طوفان لوڏي نه سگهيا. آخرڪار موت جو “ساڙيلو” فرشتو اسان کي ڌار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. “پنهنجن” جي جدائيءَ جي درد کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ انسان “پنهنجن” سان وڌيڪ ويجهو ٿيندو آهي، پر منهنجي ويجهو ته عثمان بلوچ به ڪونه هو، جنهن کي ڀاڪر پائي ڏک ونڊي سگهان ها. 29 سيپٽمبر تي صبح جو اطلاع ملڻ تي خاندان کان ٻاهريون پهچندڙ مان پهريون ماڻهو هئس. پو آهستي آهستي سياستدان، ليکڪ، پورهيت اڳواڻ، بلوچ ۽ سنڌي قومپرست ڪارڪن پهچندا ويا. هڪٻئي سان افسوس جو اظهار ڪندا رهياسين. شام جو ميوا شاهه قبرستان ۾ يوسف کان زندگي جو ڀاڪر ڇڏائي گهر پهتس. امداد چاچڙ ۽ علي مستوئي ڪجهه دير يوسف جون خبرون ڪري هليا ويا. رات خاموشي ۾ گذري صبح جو 10 هزار ميل پري امريڪا ۾ (علاج خاطر) ويٺل عثمان سان فون تي جڏهن چيم ته “يار عثمان، يوسف هليو ويو”. ته ان مهل اکيون آليون ۽ آواز گهگهو ٿيندي محسوس ڪيم.
يوسف جي شخصيت، سندس سياسي جدوجهد ۽ اسان جي سياسي ساٿ ۽ ذاتي دوستي جا حوال لکجن ته شايد ننڍو وڏو ڪتاب بڻجي وڃي. هن جي سڀ کان وڏي خوبي پنهنجو پاڻ کي ڊي ڪلاسيفا ڪرڻ هو. خانداني طور سندس تعلق خوشحال گهراڻي سان هو. جنهن جو ڪنهن وقت ڪاروبار ڪراچي کان رنگون (برما) تائين ڦهليل هو. سندس والد اڪبر مستي خان جا پاڪستان جي اشرافيا ڪلاس سان ويجها لاڳاپا هئا. جهڙوڪ هارون خاندان ۽ شيخ (غلام حسين هدايت الله) گهراڻو. ذوالفقار علي ڀٽي سان به سندس دوستاڻا واسطا هئا. پر پو جهڙو ورتا ڀٽي پنهنجي ٻين دوستن (جي ايم رحيم، معراج محمد خان، مير ڀائر، مختار رانا، حنيف رامي، عبدالحميد جتوئي وغيره) سان ڪيو، ان جو نشانو اڪبر مستي خان به بڻيو. بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ڊسمس ڪرڻ ۽ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ کانپو روڊ جو وڏو ٺيڪو ڏيڻ لا ڀٽي مستي خان کي گهرايو پر هن بلوچ ليڊرن (بزنجي، مينگل ۽ مري) کان پڇي پو ورندي ڏيڻ جو چيس. اهو جواب ڀٽي جي “شهنشاهي” سوچ لا برداشت کان ٻاهر هو. سو هن اڪبر خان کي جيل ۾ به وڌو ۽ ڪاروبار ۾ به نقصان ڏنائينس. اهو مستي خان جي ڪاروبار کي ٻيو ڌڪ هو. (پهرين برما ۾ فوجي حڪومت اچڻ سان لڳو هو).
يوسف خانداني لاڳاپا استعمال ڪري (خاص ڪري ڀٽو حڪومت ڪرڻ کانپو) ڪاروبار کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش بدران پنهنجو سڄو وقت، توانايون ۽ صلاحيتون هيٺئين طبقي جي (قومي ۽ طبقاتي) سياست تي خرچ ڪيون. نتيجي طور سندس مالي حيثيت وڌيڪ ڪمزور ٿي. پر هن مرد مٿير ڪڏهن ان جي پرواهه نه ڪئي. هڪ مرحلي تي ته وٽس پنهنجي سواري به ڪانه هئي، پر پو به ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ هر ترقي پسند پروگرام ۽ هر اسٽيبلشمينٽ مخالف سرگرمي ۾ هي همراهه موجود هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن يار دوست سان گڏجي ته ڪڏهن رڪشا ٽيڪسي تي چڙهي. مختصر چئجي ته يوسف مستي خان سماجي بيهڪ جي حساب سان اهڙي ڏاڪي تي بيٺو هو، جو جيڪڏهن چاهي ها ته آرام سان مٿئين طبقي ۾ هليو وڃي ها، جتي وزير يا سينيٽر ٿيڻ ڪو مسئلو نه هو، بلڪه حقيقت اها آهي ته اقتداري پارٽين طرفان آڇون ٿيس به پر انهن کي نفرت سان ٺڪرائيندي هن شعوري طور پاڻ کي هيٺين طبقن سان ۽ انهن جي جدوجهد سان جوڙيو. سو به ان دور ۾ جڏهن سوويت يونين ٽٽي چڪو ۽ چڱن ڀلن جا ڇهه ڀڄي پيا. ڪيترن نالي وارن ڪميونسٽس طبقاتي جدوجهد کي زندگي جي غلطي قرار ڏيندي ان کي “طلاق” ڏني ۽ ڪيترن ڏسڻن وائسڻن اقتداري ٽولن سان سودي بازيون ڪيون.
ٻي سندس وڏي خاصيت سڀ ڪنهن کي “منهن تي چئي ڏيڻ” واري هئي. ان جا ڪيترائي مثال آهن، پر اختصار خاطر صرف هڪڙو انڊيجنئس الائنس ٺهيو ته ان جو پهريون وڏو اجلاس ايئرپورٽ هوٽل ۾ ٿيو. 200 کان مٿي ماڻهن جي ميڙ ۾ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ هئا ته ملير جا وڏيرا به. يوسف هڪ نجي اڏاوتي اسڪيم ۽ ان جي سرپرستين تي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪجهه “هٿرادو” ڳوٺن جا نالا وٺي نيشنلزم جي نالي ۾ ٿيندڙ قبضن جي به نشاندهي ڪئي ته وڏيرن جي ماضي جي ڪردار جا مثال ڏيندي خبردار ڪيو ته “اهي وڏيرا ڀڄي ويندا”. ۽ پو ڪجهه مهينن ۾ ئي هن جي ڳالهه سچ ثابت ٿي.
ٽين ڳالهه ته هو وڏو بهادر شخص هو. بيماري جي صورت ۾ اسلام آباد وڃي سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل سندس تقرير ميڊيا ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ملڪ جي نهايت طاقتور ادارن ۽ انهن ادارن ۾ ويٺل شخصيتن جا نالا وٺي انهن کي ملڪ جي سنگين صورتحال جو ذميوار قرار ڏنائين. زندگي جو آخري فيصلو به انتهائي بهادري وارو ڪيائين. جنهن جهڙو ورلي نظر ايندو. ٽن چئن سالن کان هلندڙ ڪينسر جي علاج کيس ڪمزور ۽ بددل ڪري وڌو هو. ان هوندي به سياسي سرگرميون جاري رکيو ايندو هو ۽ اسان دوستن جي (خاص ڪري منهنجي ۽ حفيظ بلوچ جي) منٿ ۽ منع ڪرڻ جي باوجود نه مڙندو هو. جيڪا ڳالهه طبيعت لا وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي هئس. آخر پنهنجو مسئلو ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو، جنهن واضح نموني چيس ته “زندگي جي معيار ۽ مقدار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي”. هن مرد مٿير معياري زندگي جي چونڊ ڪندي علاج ڇڏي ڏنو ۽ پو بلڪل صحتمند نظر اچڻ لڳو. کائڻ، پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ گهمڻ، بلڪل معمول جهڙو سياسي طور به نهايت سرگرم رهندي سڄي ملڪ ۾ گهمندو رهيو. جڏهن ته کيس خبر هئي ته سندس زندگي جا ڏينهن تيزي سان گهٽجي رهيا هئا. ٽي مهينا اڳ ۾ گهرواري گذاري ويس ۽ هاڻي پاڻ ان جي پويان ويو. شايد زندگي ۾ گهرواري کي گهٽ ٽائيم ڏيڻ جي ڪسر پوري ڪرڻ لا جلدي ان سان وڃي مليو.
جڏهن مئي 1998ع ۾ ڀارت ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته ان جي جنگي جنون جو مقابلو ڪرڻ لا پاڪستان ۾ زبردست مهم شروع ٿي ويئي. خاص ڪري مخالف ڌر ليڊر بينظير ڀٽو پاڻ کي وزيراعظم نواز شريف کان وڌيڪ “وفادار” ثابت ڪرڻ خاطر ان مهم کي “چريائپ” جي حد تائين وٺي وئي. نتيجي ۾ آبادي جو تمام وڏو تعداد ائٽم بم جي حمايت ۾ ميدان ۾ هو. جيڪي حامي نه هئا، اهي به ڀئوَ کان خاموش هئا. ان وقت ڪجهه ترقي پسند ۽ انسان دوست ماڻهو بم جي مخالفت ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿيا، جن ۾ مان به شامل هئس. اهو ميڙ يوسف مستي خان جي صدارت ۾ سندس گهر جي ان اڱڻ تي ٿيو، جتي هينئر سندس تڏو ڪيو ويو هو. ان ۾ سياسي پارٽيون صرف پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ شريڪ هيون.
جيئي سنڌ محاذ سان (مجموعي طرح) ۽ مون سان يوسف (۽ عثمان بلوچ) جي ويجهڙائپ ۽ هم آهنگي ايتري هئي جو شايد ڪجهه پارٽي ميمبرن کان به وڌيڪ. رسمي طور ڌار پارٽين ۾ هوندي غير رسمي طور اسان هر سياسي سماجي مسئلي تي صلاح مشورو ڪندا هئاسين. جنهن ۾ گهڻو ڪري هڪجهڙائي هوندي هئي. “هئا اڳي ئي گڏ پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”. جهڙي صورتحال هوندي هئي. مثال اڻکٽ آهن، جن جو تفصيل ڏيڻ ممڪن ناهي. خاص ڪري ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو اهڙو ڪو پروگرام (جلسو، سيمينار، مظاهرو، ريلي نه هئي، جنهن ۾ يوسف ۽ عثمان نه هجن. ساڳي طرح پاڪستان نيشنل پارٽي/ورڪرز پارٽيءَ جي هر پروگرام ۾ مون سميت محاذ جا دوست شريڪ ٿيندا هئا. هڪ دفعي هفتو اسپتال ۾ رهڻ کانپو گهر پهتو ته ٻئي ڏينهن اسان جو احتجاجي مظاهرو هو. مون ڄاڻي واڻي کيس دعوت ڏيڻ لا فون نه ڪئي. صرف عام اطلاح وارو موبائيل ميسيج موڪليو. سو به ان ڪري ته اطلاع نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس ڪاوڙ جو خطرو هو. مظاهرو شروع ٿيو ته يوسف مستي خان موجود هو. ايترو ڪمزور هو جو ڪيترا دوست کيس سڃاڻي نه پئي سگهيا. 17 جنوري 2020ع حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي دعوت ڏيڻ مهل مون کيس چيو ته “طبيعت صحيح نه هجي ته تڪليف نه ڪجو، حيدرآباد ۾ توهان جي پارٽيءَ جو اڳواڻ بخشل ٿلهو موجود هو.” جلسو شروع ٿيو ته هي همراهه ڪنڌ ۾ ميڊيڪل ڪالر هنيو موجود هو. لاڳيتو تڪليف ۾ هئڻ باوجود آخر تائين ويٺو رهيو.
ساڳي طرح وري هڪ ڏينهن مان صبح جو ڪورٽ وڃي رهيو هئس. رستي ۾ يوسف جي فون آئي ته “گٽر باغيچي جي حوالي سان مسئلو ٿي پيو آهي، فوري طور اچ ته هلون”. مان بغير ٻئي خيال جي رستو مٽائي يوسف وٽ پهتس. گٽر باغيچي جهڳڙي واري جا پهتاسين ۽ رات جو يارهين وڳي واپس گهر آياسين.
وري جيڪڏهن ڳالهه خالق، يوسف، عثمان ٽه مورتي جي ڪريان ۽ سياسي نفاست ۽ دانشوراڻا اصطلاح ڇڏي روايتي سنڌي لفظ استعمال ڪريان ته “ماڻهو سڙندا هئا”. ڪن “سنڌ جي اڳواڻي” جي دعويدارن ته اسان جي وچ ۾ ڦيٽارو وجهڻ لا ڪوششون به ڪيون. پر سياڻن چواڻي ته “پاڻي تي ڪيترون به لٺيون وسايو ان ۾ ڏار وجهي نه ٿا سگهو”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button