ڊاڪٽر حليم زمان مگسي
سائنس جي گڏيل لاڳاپي جي دور ۾ ٻوڏ يا برساتي وهڪري جي نڪاسي يا گھاري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فقط آبي حرڪت (Hydrodynamics) جي نقطه نظر تحت انتظام ڪرڻ سان شايد ئي مناسب نتيجو حاصل ٿئي. ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جو جديد تعميري (Neotectonic) عمل دريائي وھڪرن جي آبي حرڪت ۽ بندن جي بناوٽ ۽ بنياد جي سگھه تي اثرانداز ٿئي ٿو.
برساتي پاڻيءَ جي نڪاسي، بند ۽ ڪينالن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آبي حرڪت سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي جديد تعميري (Neotectonic) عمل جو اڀياس ڪري مناسب حڪمت عملي تيار ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ٿيندي. جديد تعميري عمل زمين جي منظر (Landscape) تي مٿاڇري جي سرگرمي، ڏارن (Faults) جي چرپر ۽ زلزلن جي صورت ۾ پنھنجي موجودگي ڏيکاريندو آھي. جڏھن ته مٿاڇري جي سرگرمي، ڏارن جي چرپر ۽ زلزلا، زير اثر دريائي شڪليات عمل process Geomorphological Fluvial)) درياهه جا وھڪرا تبديل ۽ بندن ۽ ڪينالن جي ڪپرن جي بناوٽ ۽ بنياد ۾ طبعي تبديلي آڻي گھارا وجھڻ جو سبب ٿئي ٿو. جيئن ڪنھن به عمارت جي پختگي پرکڻ لاءِ سندس بنياد سان گڏوگڏ بنياد جي جڳھه جي خاصيت جو اڀياس ڪرڻ اھم ھوندو آھي. اھڙي ريت وھڪرا ۽ گهارا پرکڻ لاءِ به ڌرتيءَ جي بناوٽ ۽ ڌرتيءَ جي تعميري عمل جو اڀياس ڪرڻ لازمي آھي.
سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڍانچو پنجن تعميري بناوٽن تي آڌاريل آھي. ا. ٿلهو (Platform)، ٿلھي جي لاھي(Slope Platform، اڳ واري ھيٺاھين (Foredeep) محوري پٽو (Belt Axial) ۽ کنڊائون ڪنارو (Margin Continental). جن جي بنياد تي ريگستان، ڪچو ، ڪاڇو، لاڙ ۽ ڊيلٽا ٺھيا آھن. جڏھن ته اونهن ڏارن مٿين ڌرتيءَ جي ڍانچن ۽ مٿاڇري جا علائقا ٺاھڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جا وھڪرا ۽ گھارا ھن وقت به انھن ڏارن جي چرپر کان متاثر ٿين ٿا. جيئن جهمپير ۽ جيسلمير-سجاول ڏار، کيرٿر ڏار، ٽوري ڏار، جيڪب آباد ڏار، ڪراچي ڏار جو علائقو ۽ ننگرپارڪر ڏار.
سنڌ ۾ وھڪرا ٻن قسمن جا آھن. فطري ۽ انساني سرگرمين وارا وھڪرا. فطري وھڪرا ٽن قسمن جا آھن. دريائي وھڪرا، نئن جا وھڪرا ۽ زميني منظر (Landscape) وارا وھڪرا. جڏھن ته انساني سرگرمين وارا وھڪرا آبپاشي ۽ نڪاسي واري نظام تي ٻڌل آھن. اھڙي ريت گهارا به ٻن قسمن جا ٿين ٿا. فطري گھارا ۽ انساني ۽ حيواني سرگرمين جي نتيجي ۾ پوندڙ گهارا (انساني سرگرمين وارا گهارا) فطري گھارا پاڻيءَ جي زير زمين وھڪرن ۽ مٿاڇري جي آبي حرڪت ۽ مٽيءَ جي سگھه ڇڏڻ جي سببن ڪري پوندا آھن. جڏھن ته حيواني ۽ انساني سرگرمين سان ٿيندڙ طبعي تبديلي ڪري وھڪرن جي ڪنڌيءَ جي ڀڄڻ ۽ بندن جي ٽٽڻ کي انساني سرگرمين وارا گهارا چئجي ٿو.
سنڌو درياءَ پنھنجي سنڌ جي سفر دوران ڪيترائي وھڪرا مٽايا ۽ ٻين دريائي وھڪرن کي پنھنجو به ڪيو آھي. موجودہ درياءَ جي وھڪري جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ست وھڪرا ۽ کاٻي ڪنڌيءَ تي لڳ ڀڳ چوڏھن وھڪرا آھن. ساڄي ڪنڌي وارا وھڪرا سنڌو درياءَ جا پنھنجا آھن. جڏھن ته کاٻي ڪنڌي وارن وھڪرن ۾ نارا، سرسورتي (هاڪڙو ) ۽ ستلج جا وھڪرا شامل آھن. درياءَ جي وھڪرن مٽائڻ واري لاڙي ڪري ڪئين شھر اجڙي ويا آھن. مٿيان لڳ ڀڳ 21 دريائي وھڪرا ڪڏھن درياھي بند ٽٽڻ ته ڪڏھن برساتي وھڪري کي پنھنجي سيني ۾ جڳھه ڏئي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ وڌڻ شروع ڪندا آھن، پر زمين جي مٿاڇري جي تبديلي رنڊڪن جي ڪري سمنڊ تائين پھچڻ بدران علائقا ٻوڙڻ شروع ڪندا آھن. زميني منظر (Landscape) وارا وهڪرا آبپاشي وارن وھڪرن جي رنڊڪن ڪري به فصل ٻوڙيو ڇڏين.
2010 ،2011 ۽ 2022ع جي وھڪرن ۽ بندن ۽ ڪينالن جي ڪپرن جي ٽٽڻ جي اڀياس ڪرڻ سان لڳي ٿو ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنڌين جا 2022ع وارا وھڪرا دراصل 2010 ۽ 2011ع وارن وھڪرن جو دهرايل منظرنامو آھن. فقط فرق 2010 ۽ 2011ع ٻوڏ ۽ برساتي وھڪرا ھئا. جڏھن ته فقط 2022ع جا وھڪرا برساتي آھن. ھن برساتي وھڪرن جو ذريعو فضائي ندي ھئي. جنھن کي خط استوا وٽ ٺھڻ کان پوءِ لھندي ھوا ڇڪي سنڌ تي اچي وھايو. تنھنڪري فضائي ندي مخصوص حدن جي اندر وھندي رھي.
2022ع ۾ درياءَ جو پاڻي پنھنجي ٻوڏ جي ميدان تي وھندو رھيو، پر ڪوٽڙي بيراج کان ھيٺ واريءَ جي دڙن جي بيھڪ ۾ ظاھري طور تي معمولي تبديلي نظر نه اچڻ سان لڳي ٿو ته تقريبن 6 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو دريائي وھڪري ۾ لٽ ڇڪڻ جي طاقت نه ھئي يا درياءَ جي پيٽ ڪنھن مٿاڇري جي سرگرميءَ جي ڪري لٽ کي اڳتي ڌڪي نه سگھيو آھي.
2010 ۽ 2022ع ۾ سپيرو بند جي ٽٽڻ واري علائقي کي زلزلن جي مسلسل ڌوڻڻ ڪري بنيادي مٽيءَ جي سگھه يا بند جي بناوٽ ۾ طبعي تبديليون گھاري جو سبب ٿي سگھن ٿيون. منڇر ڍنڍ به زلزلن جي ڌوڻڻ واري علائقي ۾ اچي ٿي. ڇا 14 ۽ 31 آگسٽ 2022ع تي ڌرتي ڌٻڻ سان پاڻيءَ جي آبي حرڪت نفسياتي جنگ کٽي ورتي. ِان سوال جي جواب لاءِ مٿاڇري جي سرگرمي ۽ آبي حرڪت جي تحقيق ڪرڻ ضروري آھي. سنڌ جي بندن ۽ ڪينالن ۽ شاخن جي ٽٽڻ جو اهم سبب زير زمين پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ مٿاڇري جون سرگرميون ۽ زلزلن جي ڪري بندن ۽ آبپاشيءَ جي وھڪرن جي بنياد ۾ ڳار ٺھڻ ۽ بناوٽ ۾ طبعي تبديليون ٿيڻ، جن کي سائنس جي گڏيل لاڳاپي تحت نگراني ڪري سگھجي ٿي. اھڙي ريت نگران نظام ٺاھي وقتائي ردعمل سان بچاَءُ ڪري سگھجي ٿو.