پي ٽي آءِ تازو ننڍي چونڊ ۾ 6 سيٽون کٽڻ کان پوءِ به اسيمبليءَ ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان نيازيءَ لاءِ اها اسيمبلي ڪرپٽ ۽ چورن واري اسيمبلي آهي. 2018ع وارين چونڊن کان اڳ ۾ جڏهن عمران خان نيازي شيخ رشيد سان گڏجي ان وقت جي نواز ليگ حڪومت خلاف ڌرڻو هڻي رهيو هو ۽ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ڇڏيو هو ته انهن ئي جلسن ۾ جڏهن عمران خان نيازي ۽ شيخ رشيد خطاب ڪندا هئا ته ٻئي پارليامينٽ تي لعنتون وجهندا هئا ۽ باهه لڳائڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا. جڏهن ته پارليامينٽ هڪ اهڙُو ادارو آهي، جتي ملڪ جي عوام جي قسمت جا فيصلا ٿيندا آهن. دنيا ۾ سياستدانن جي ڪردار جي حوالي سان جيڪو معيار پاڪستان ۾ جوڙيو ويو آهي، اهو ڪٿي به ڪونهي. ڪوبه سياستدان ان ڪري ايماندار ۽ صادق امين هوندو جو اها ڳالهه ملڪي آئين ۾ لکيل آهي، اهو لازمي ناهي. ايمانداريءَ جو تعلق ڪنهن لکيل آرٽيڪل ناهي هوندو پر اهو ڪنهن به ماڻهوءَ جو پنهنجو گڻ هوندو آهي. اهو ڪنهن به شعبي ۾ رهي ايماندار ٿي سگهي ۽ ڪنهن به شعبي ۾ هوندي بي ايمان ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ رڳو صادق ۽ امين ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو ته پوءِ پارليامينٽ خالي لڳي پئي هوندي. هن وقت جيڪي سياسي اڳواڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن، اهي ڪنهن وقت پيپلز پارٽي ۽ نواز جو حصو هئا، انهن پارٽين سان هوندي اهي صادق ۽ امين ڪونه هئا پر پي ٽي آءِ ۾ اچڻ کان پوءِ اهي صادق امين ٿي ويا. هن وقت توشه خانه ۽ فارين فنڊنگ وارن ڪيسن کان پوءِ عمران خان نيازيءَ جي پنهنجي ايمانداري شڪي ٿي وئي آهي. هو آرٽيڪل 62/63 تي پورو نٿو لهي. تنهنڪري پارليامينٽ يا قومي اسيمبلي بهتر ٿي سگهي ٿي پر اها مڪمل طور ايماندار ماڻهن سان ڀريل هوندي اهو ممڪن ڪونهي.
جڏهن سياست کي ڪابه رياست مذهبي بنيادن تي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيندي آهي ته پوءِ ان سياست جو حال پاڪستان ۾ رائج سياست جهڙُو ٿي ويندو آهي. جڏهن ته سياست هڪ سائنس آهي، ان سائنس کي سماج ۾ عملي طور لاڳو ڪرڻو هوندو آهي. اسين سياستدانن کان اهي اميدون ڪريون ٿا ته اهي فرشتن جهڙيون صنفتون رکندڙ هوندا ۽ ڪنهن به ڏوهه ۽ اوگڻ کان پاڪ هوندا ته ائين دنيا ۾ ڪٿي به ممڪن ڪونهي. تنهنڪري سياستدان سٺا ۽ برا ضرور ٿي سگهن ٿا پر مڪمل طور انهن خوبين جا مالڪ نٿا ٿي سگهن. جن جي اميد ڪئي پئي وڃي.
پر سوال اهو آهي ته اها اميد ڪير ڪري رهيو آهي؟ هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جي پنهنجي ڪردار تي آڱريون کڄي رهيون آهن، جنهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي جيڪا ڀيل ڪئي سا تاريخ ۾ ڪڏهن ڪانهي ٿي. ان کان سواءِ عمران خان نيازيءَ پاڻ انهن ڪيسن ۾ جوابدار آهي، جن جي نوعيت اهڙي آهي جو هو پاڻ به اها دعوا نٿو ڪري سگهي ته هو هڪ ايماندار ماڻهو آهي. سياسي طور هر پارٽيءَ ۾ اوڻايون هونديون آهن، انهن اوڻاين کي ختم ڪرڻ يا انهن اوڻاين کي بهتر ڪرڻ جو موقعو هر سياستدان کي ملندو رهندو آهي.
هن وقت جيڪي ڪيس عمران خان نيازيءَ تي آهن، ساڳي نوعيت جا ڪيس نواز شريف ۽ مريم نواز تي هئا. نواز شريف جي ڪيسن ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿي سگهيو هو پر جيئن هن مان جان ڇڏائڻي هئي، تنهنڪري پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ کيس سدائين لاءِ نا اهل ڪيو ويو. جنهن جي سزا هو اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيو آهي. عمران خان نيازي اهو چوندو رهيو آهي ته کيس نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ سان نه ڀيٽو وڃي. جيڪڏهن ان ڀيٽ کي پاسيرو رکجي ته انهن ڪيس جو ڇا ڪجي، جن جي نوعيت عمران خان، نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ لاءِ ساڳي رهي آهي.
عمران خان نيازيءَ جي سياست کان اڳ ۾ سماجي طور جيڪو گند پي ٽي آءِ پيدا ڪيو آهي، اهو ان کان اڳ ۾ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيون ڪيتريون به هڪٻئي جي مخالف رهيون هجن پر انهن ڪڏهن به پنهنجن ڪارڪنن کي اهو ڪونه چيو ته ڪنهن مخالف سياستدان تي حملو ڪرڻو آهي، ان خلاف گار گند ڪرڻو آهي ۽ اهي جتي به وڃن ته انهن جو گهيراءُ ڪيو وڃي. جيئن ته عمران خان نيازي پنهنجي پارٽي اندر ان بيانيي کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ته هن کان سواءِ سڀ سياستدان چور ۽ ڪرپٽ آهن، تنهنڪري مڪي شريف ۾ به سياسي اڳواڻن خلاف جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ڪنهن به ريت برداشت جوڳو نه هو ۽ نه ئي وري اهو ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻن خلاف ٿيڻ گهرجي ها.
سياسي طور ڪنهن سان مقابلو چونڊن ۾ ٿي سگهي ٿو، ڪنهن بحث مباحثي ۾ ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪنهن به سياسي فورم تي ڪري سگهجي ٿو پر جهڙي ريت عمران خان نيازي طريقو اختيار ڪيو آهي، اهو سياسي اخلاقيات کي تباهه ڪري چڪو آهي. هن ملڪ ۾ سياست ڪنهن فرد جي چوڌاري نٿي گهمي پر پارٽين ۽ انهن ادارن جي ٽيڪ تي هلي، جيڪي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. هن وقت جيڪڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ آئي آهي ۽ اها سياسي ميدان ۾ هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ته مجموعي طور ان سان ملڪي ادارن جي همدردي شامل آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي جنهن پلان وسيلي ملڪي سياست ۽ ادارن کي تين وال ڪرڻ وارو هو، ان سان جيڪو نقصان ٿئي ها، ان جو پوراءُ ممڪن نه ٿئي ها.
ڪجهه ڏينهن اڳ جو بائيڊن پاڪستان جي ائٽمي پروگرام بابت جيڪو بيان ڏنو هو، ان کي ان سلسلي جي ڪڙي سمجهڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ عمران خان نيازي ڏنو هو. جنهن ۾ هن انهن کي غير محفوظ قرار ڏنو هو ۽ اهو ڄاڻندي به اهو معاملو بنهه حساس آهي، تنهن هوندي به هن نه رڳو اهڙو بيان ڏنو پر ان بيان تي هو قائم به آهي. پنهنجي اقتدار لاءِ اهو چوندڙ ته اهو اقتدار کي ٿڏي سگهي ٿو، اڄ اهو اقتدار خاطر ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. پر ان سان عمران خان نيازيءَ ڪنهن به ريت سياسي طور پنهنجو قد نٿو وڌائي سگهي. پر جيئن ته ميڙ گهڻو ڪري برائيءَ جي پويان هوندا آهن، انهن کي غلط ۽ صحيح جي خبر ڪانه پوندي آهي، تنهنڪري پي ٽي آءِ به هڪ اهڙي پارٽي بڻجي وئي آهي، جيڪا عمران خان نيازيءَ جي پويان عقيديمنديءَ ۾ هلي رهي آهي.
سياستدان خراب آهن، انهن ۾ ڪئين ڪمزوريون آهن پر سياست پنهنجي مزاج ۾ ڪو خراب شعبو ناهي. ان کي ڪنهن عقيدي پرستيءَ سان ڳنڍي مذهبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ کان بهتر آهي ته عوامي رنگ ڏجي. پر عمران خان نيازي جڏهن کان اقتدار جو مزو ماڻيو آهي، هن لاءِ سياست جو نالو رڳو اقتدار واري سياست ئي آهي.