هن وقت چين ۽ آمريڪا وچ ۾ جيڪا سرد جنگ جاري آهي جنهن کي عرفِ عام ۾ معاشي يا واپاري جنگ به چيو وڃي ٿو. هر ڪنهن جي وات جي وائي لڳي پئي آهي. ڏهاڙيءَ جي بنياد تي اهڙيون خبرون اينديون رهن ٿيون ته آمريڪا چيني مفادن کي نقصان پيو ڏئي، تائيوان يا هانگ ڪانگ ۾ مداخلت پيو ڪري يا وري اهو ته يورپ جي سمورن ملڪن جون منڊيون چيني مصنوعات سان ڀريون پيون آهن ۽ هاڻي چين پنهنجي ڪاروباري سرگرمين سبب آمريڪا جي مارڪيٽ تي به قبضو ڪندو پيو وڃي. حقيقت اها آهي ته سرد جنگ جي خاتمي يا سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور بڻجي ويو هو. دنيا اندر ان جي اختيار کي للڪارڻ وارو ڪوئي ڪونه هو. پر جڏهن نائين اليون وارو واقعو پيش آيو. تڏهن دنيا اندر اهو سوال اڀريو ته ڇا آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي؟ پر آمريڪا ان کان پوءِ جهڙي نموني افغانستان تي ڪاههَ ڪئي ۽ دهشتگردي مخالف جنگ جي نالي ۾ سموري دنيا تي چڙهائي ڪندو رهيو ان منجهان ثابت ٿي ويو ته آمريڪا اڃان به طاقتور ۽ بااختيار آهي. پر جڏهن ڪورونا وائرس سامهون آيو تڏهن آمريڪا جي طاقت ۽ اختيار جي پت وائکي ٿي پئي. دنيا اهو سوچڻ لڳي ته آمريڪا پنهنجي سموري طاقت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ باوجود ايترو هيڻو آهي جو اهو پنهنجي شهرين کي صحت جي سهولت به نه ٿو ڏئي سگهي. اها رياست ڪهڙي ڪم جي جيڪا خوردبينيءَ ذريعي نظر ايندڙ جيتامڙي هٿان شڪست کائي وڃي. ٻيو واقعو افغانستان منجهان آمريڪا جو نڪرڻ هو. ان واقعي به دنيا اڳيان ڪمزور آمريڪا جي تصوير آندي. هر ڪو ئي اهو سمجهڻ لڳو ته آمريڪا هاڻي اڪيلي سر دنيا هلائڻ واري طاقت نه رهيو آهي. ان سان ٽڪر کائڻ لاءِ سوويت يونين ڀل نه به هجي پر ڪي ٻيا ملڪ ۽ رياستون آهن جيڪي آمريڪا کي ڏند ڏيکاري سگهن ٿيون. ان ۾ خاص ڪري روس ۽ چين شامل آهن.
نيپولين بوناپارٽ چيو هو ته چين کي سمهڻ ڏيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چين جاڳي پيو ته پوءِ اهو پوري دنيا کي جاڳائي ڇڏيندو. هن وقت به اهڙي صورتحال آهي. لڳ ڀڳ ٻن صدين تائين خمارن ۾ رهڻ کان پوءِ چين جاڳيو آهي ۽ هاڻي دنيا جي دانشورن جو خيال آهي ته چين آمريڪا لاءِ خطرو بڻجڻ لاءِ تيار آهي. ان کي للڪارڻ لاءِ تيار آهي. ان جي جاءِ والارڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪا جهڙي نموني ڪورونا وائرس جي معاملي کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ان تي ضابطو قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان چين لاءِ نوان رستا ۽ امڪان کولي ڇڏيا. پوري دنيا خاص ڪري پٺتي پيل دنيا ان ملڪ کي سپر پاور مڃڻ لاءِ نيٺ ڪهڙي نموني تيار ٿي سگهي ٿي جيڪو هڪڙي خطرناڪ پر پتڪڙي مخلوق سان منهن نه ڏئي سگهيو. جنهن جي سموري ترقي ۽ طاقت جو پول هڪڙي جيتامڙي جيوَ کولي ڇڏيو جيڪو طاقتور خوردبينيءَ کانسواءِ ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. ان جي ابتڙ ڏٺو وڃي ته چيني شهر ووهان جي اختيارين ان مسئلي کي وڌيڪ تڪڙو، وڌيڪ اثرائتي نموني ضابطي ۾ آڻي ڏيکاريو جتان اهو وائرس شروع ۾ ڦهليو هو.
اهڙيءَ طرح آگسٽ 2021 ۾ آمريڪا جو افغانستان ڇڏي وڃڻ ۽ سندس جاءِ تي طالبان جي حڪومت جڙڻ جنهن سان اهو ثابت ٿي ويو ته آمريڪا پنهنجي ويهه سالا افغان جنگ منجهان ڪجهه به حاصل ڪونه ڪري سگهيو هو. ان واقعي پڻ آمريڪا جي طاقت ۽ اختيار تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو. سينٽرل ايشيا جي ملڪن منجهان قدرتي وسيلا خاص ڪري تيل ۽ گيس جو استحصال ڪرڻ لاءِ آمريڪا جيڪو افغانستان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سا به ان معنى ۾ ڪامياب ڪانه ٿي سگهي ته ويهن سالن جي جنگ کان پوءِ به آمريڪا سينٽرل ايشيا منجهان تيل ۽ گيس حاصل نه ڪري سگهيو. عربي سمنڊ تائين پائيپ لائين وڇائڻ وارو سندس خواب اڌورو ئي رهجي ويو. ان جي ابتڙ چين انهن ملڪن جو پاڙيسري هئڻ جي ناتي ساڻن واپاري معاهدا ڪري سندن قدرتي دولت کي پنهنجي ۽ انهن جي حق ۾ استعمال ڪرڻ لڳي ويو آهي. ڳالهه نڪتي آهي معيشت جي ته هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ڪنهن به ملڪ جي معيشت ئي کيس دنيا ۾ ڀروسي جوڳو بڻائيندي آهي. معاشي طور تي سگهارو ملڪ ئي سپر پاور بڻجڻ جا خواب ڏسي سگهي ٿو. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1960 ۾ چيني معيشت آمريڪي جي ڊي پيءَ جو رڳو 11 سيڪڙو هئي جڏهن ته 2021 ۾ اها 67 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي. ان منجهان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن صورت حال جيئن جو تيئن قائم رهي ته چين ايندڙ ڏهن سالن اندر معاشي طور تي آمريڪا کان وڌيڪ سگهارو بڻجي چڪو هوندو.
چين ۽ آمريڪا جو اصل جهيڙو ۽ تضاد ته سرمائيداري ۽ ڪميونزم جو تضاد آهي. 1996 واري زماني تائين آمريڪا چين منجهان خطرو محسوس نه ڪندو هو. پر ان زماني ۾ جڏهن تائيوان ۾ پهريون ڀيرو صدارتي چونڊون پئي ٿيون، سمنڊ اندر تائيوان جي حدن ۾ چين پاران بيلسٽڪ ميزائيل جو تجربو ڪيو ويو. آمريڪا به ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ پنهنجا ٻه جنگي ٻيڙا موڪلي ڇڏيا جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ تضاد ويتر وڌي ويو. آمريڪا جهڙي نموني ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ موجود آهي ۽ چيني مفادن خلاف سرگرم آهي تنهن منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ اهو پڪ سان نه ٿو چئي سگهجي ته چين اهڙي حملي جو جواب نه ڏيندو يا ايتري تائين جو جوهري هٿيارن جو استعمال نه ڪندو. ٻئي عظيم طاقتون هڪ ٻئي جي سامهون آهن. هڪ ٻئي تي الزام تراشيءَ وارو ڌنڌو به عروج تي پهتل آهي خاص ڪري آمريڪا ته ان کي پنهنجي خصوصي حڪمت عمليءَ طور جيئن اڳ پنهنجي دشمنن خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي ائين ئي چين جي خلاف پڻ استعمال ڪندو رهي ٿو. چين ۾ جمهوريت ڪانهي. چين تائيوان تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي. چين جي خلاف هانگ ڪانگ وارا انقلاب پيا ڪن. چين ۾ اهڙا خطرناڪ جراثيم پيدا ڪيا پيا وڃن جيڪي پوري دنيا جي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا جهڙي نموني ڪورونا وائرس دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو. آمريڪا جي ابتڙ چين جي سياسي قيادت بار بار اهڙو اظهار ڪندي رهي آهي ته چين هڪ قطبي دنيا بدران گھڻ قطبي دنيا ۾ يقين رکي ٿو. ان ڪري چين جو اهڙو ڪوئي ارادو ڪونهي ته آمريڪا کي شڪست ڏئي دنيا جو بي تاج بادشاهه بڻجي ويهي. اهڙي دنيا کان بهتر آهي ته دنيا اندر هڪ کان وڌيڪ طاقتون موجود رهن ته جيئن طاقت جو توازن قائم رهي سگهي. پر آمريڪا بهرحال ان صورتحال منجهان به خطرو محسوس ڪري رهيو آهي ته دنيا اندر سندس چڱ مڙسيءَ کي خطرو آهي. خطرو اهو به آهي ته چين دنيا جي اڳيان هڪڙو متبادل سياسي معاشي نظام پيش ڪري ٿو جيڪو آمريڪي سياسي معاشي نظام کان بهتر آهي.
آمريڪا ۽ اولهه جي ٻين ملڪن جا معاشي ماهر چين جي خلاف پروپيگنڊا ڪندي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي اهو ٻڌائيندا رهن ٿا ته چين کين قرض ڏئي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيندو. پاڪستان جيڪڏهن چين جي ويجهو ويو ۽ ان کان قرض وٺڻ شروع ڪيائين ته پنهنجي خودمختياري وڃائي ويهندو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان چيني قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي وينداسين، اهو اسان کي اهو پيو ٻڌائي جيڪو اڳ ئي اسان کي پنهنجي قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسايون ويٺو آهي ۽ اهو به پنهنجي وجود جي پهرئين ڏينهن کان وٺي.
پاڪستان پنهنجي اوڀارئين سرحد تي هندوستان ۽ اولهائين سرحد تي افغانستان جي صورت ۾ ڦاٿل آهي. پنهنجي غلط ڏيهي پرڏيهي پاليسين جي ڪري پاڪستان آمريڪا ۽ ان جي سنگتين جڏهن ته اوڀر ۾ هندوستان سان مقابلي ۾ رهڻ ڪري ضروري آهي ته چين جهڙو پاڙيسري طاقتور ملڪ اسان جو دوست هئڻ گھرجي جيڪو بدقسمتيءَ سان اسان جو سربراهه بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته اسان اڳ آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيا آهيون. اڳتي چين جي سرپرستي گھرجي. اسان جهڙا ملڪ سرپرست کان سواءِ هلي به نه سگهندا آهن.
بهرحال، ٻنهي منجهان جيڪا به صورت بيهي، يعني مستقبل ۾ آمريڪا ئي دنيا جو اڪيلو سپر پاور بڻيو رهي ٿو يا وري چين ان کي پاسي تي ڪري پاڻ سپر پاور بڻجي ٿو. پاڪستان لاءِ سوچڻ جو مقام هوندو ته اهو ڪنهن سان بيهي؟ ڪنهن جو پاسو وٺي؟ پنهنجون وفاداريون ڪنهن سان جوڙي؟ ڇاڪاڻ ته چين بهرحال سندس پاڙيسري ملڪ آهي جيڪو سپر پاور بڻجڻ پيو وڃي ۽ جنهن سان هماليا جيڏي اونچي دوستيءَ جون پاڪستاني دعوائون پنهنجي جاءِ تي آهن. ٻئي پاسي آمريڪا آهي جيڪو هر بحراني صورتحال ۾ پاڪستان کي قرض ۽ امداد ڏيندو رهيو آهي ۽ يورپ سميت اولهه جي سمورن ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بهتر بڻائي رکڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.