آمر پرويز مشرف جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جيئن چونڊون ٿيون ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته نواز ليگ پنجاب ۾ حڪومت سنڀالي پر تنهن هوندي به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ سياسي بيان بازي جاري رهي. ان وقت جي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي توشه خاني واري ڪيس ۾ نا اهل ڪرائڻ لاءِ نواز شريف ڪارو ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ جا چڪر ڏيندو رهيو ۽ نيٺ يوسف رضا گيلانيءَ کي نا اهل ڪرائي هن ساهه پٽيو. ڪجهه سالن کان پوءِ اهو ساڳيو ڪارو ڪوٽ عمران خان نيازي پاتو ۽ هن نواز شريف کي نا اهل ڪرائي سندس حڪومت جو خاتمو ڪرايو، پر هو اها ڳالهه وساري ويٺو ته جيڪو ماڻهو ڪارو ڪوٽ پائي ٻئي کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ٿو، اهو به ڪنهن ڏينهن نا اهل ٿي سگهي ٿو. ڪالهه اهو ئي ڏينهن هو جو عمران خان نيازيءَ کي توشه خانه ڪيس ۾ نا اهل ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن عمران خان نيازيءَ کي آئين جي آرٽيڪل 63 ون پي ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137، 173 تحت نا اهل قرار ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن جي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان نيازي هاڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ناهي رهيو. هن جي سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي. عمران خان تحفن ۽ گوشوارن کي ظاهر نه ڪيو. هن جي پيش ڪيل بينڪ رڪارڊ تحفن جي قيمت سان هڪجهڙائي نٿا رکن. عمران خان نيازي جواب ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو منجهيل آهي.
فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس کي سيڪشن 190 ٽو تحت عمران خان خلاف قانوني ڪارروائيءَ جي شروعات ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي. سيڪشن 174 موجب عمران خان کي ٽن سالن جي جيل يا هڪ لک رپيو ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون.
عمران خان سدائين پنهنجو پاڻ کي ملڪ جي ٻين سياستدانن کان اتم ۽ ايمانداز چوندو رهيو آهي. پر توشه خانه ڪيس کان پوءِ سندس ايمانداريءَ تي نه رڳو سوال اٿڻ لڳا پر هو ان ڪيس کان پوءِ اليڪشن ڪميشن تي به الزام هڻندو رهيو ۽ اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو به ڪندو رهيو آهي. جڏهن اليڪشن ڪمشنر سندس ئي صلاح سان لڳايو ويو هو. پر جڏهن سندس حڪومت ختم ٿي وئي ته هن فوج تي اهو الزام هنيو ته اليڪشن ڪمشنر لاءِ هنن نالو ڏنو ۽ چيائون ته اسان جو ماڻهو آهي. خير انهن سڀني ڳالهين جو هوندي به هو هاڻي نا اهل ٿي چڪو آهي ۽ کيس ڪورٽ ۾ ان فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن کان پوءِ ڪورٽ فيصلو ڪندي ته هن جي نا اهلي برقرار رهي يا ختم ڪئي وڃي. اسلام آباد هائيڪورٽ پاران هر حوالي سان کيس رليف ملندو رهيو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جج زيبا کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ جج اطهر من الله عمران خان کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏي ها پر هن لاءِ اسلام آباد هائيڪورٽ ئي وڏي رليف جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. هاڻوڪي آيل فيصلي کان پوءِ به گهڻا امڪان اهي آهن ته جج اطهر من الله ئي وڏو رليف فراهم ڪندو.
سياسي طور تي ڪنهن کي نا اهل قرار ڏيڻ جي روايت ملڪ ۾ ڪجهه سالن کان هلي رهي آهي. هونئن ته اها ڪا سٺي روايت ناهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن جو سياست جهڙي اهم شعبي تان ويساهه کڄي ويندو آهي. پر جيئن ته ان جو سهارو وٺي عمران خان نيازي پاڻ اقتدار ۾ آيو هو، هو چونڊون کٽي اقتدار ۾ ڪونه پئي اچي سگهيو، ان ڪري نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ لازمي هو. جنهن معاملي تي نواز شريف کي نا اهل ڪيو ويو هو، ان تي به هن جو نا اهل ٿيڻ ممڪن نه هو پر جيئن ته اهو فيصلو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ڪري چڪي هئي ۽ جج ثاقب نثار به قانوني گهرجن کي پاسيرو ڪري فيصلو لکي ڇڏيو هو، تنهنڪري نواز شريف کي سياست کان پري ڪيو ويو.
هن وقت جڏهن عمران خان نيازيءَ کي نا اهل ڪيو ويو آهي ته ان تي گهڻي خوش ٿيڻ جي به ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان لاءِ رليف جا رستا وري به موجود آهن ۽ جيئن ته شايد خاقان عباسي ڳالهه ڪئي آهي ته نا اهلي بهتر عمل ڪونهي، مقابلو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي. پر ان ڳالهه کي عمران خان نيازي سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن هو ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار هجي ها ته 2018ع وارين چونڊن ۾ سياسي ميدان ۾ لهي مقابلو ڪري پر هن پهرين نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سمورو زور لڳايو. پنهنجي لاءِ سڄو ميدان صاف ڪرايو ۽ جڏهن کيس لڳو ته هاڻ سندس ئي پارٽيءَ جي حڪومت اچڻي آهي ته هن لاءِ سڀڪجهه آسان ٿي ويو هو.
هن مرحلي تي پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ اڳواڻن کي غُور ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي رڳو ٻين سياستدانن کي نا اهل ڪرائڻ ۽ انهن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا هوندا ته اهي ساڳيا داءُ انهن تي به استعمال ٿي سگهن ٿا ۽ هاڻوڪو فيصلو به ائين ئي آهي. جيڪڏهن سياسي ميدان کي سياستدانن کان خالي ڪيو ويندو ته نه سياست مضبوط ٿيندي ۽ نه ئي نئين قيادت جنم وٺي سگهي ٿي. ان ڪري ان خال کي اها قوت کي ڀريندي جيڪا سدائين سياستدانن کي استعمال ڪندي رهي آهي. جيڪا جڏهن چاهي ڪنهن به سياستدان کي نا اهل ڪري ڇڏي ۽ جڏهن چاهي اقتدار ان حوالي ڪري ڇڏي.
عمران خان نيازي چوندو رهيو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان اقتدار ۾ ڪونه آيو هو ۽ نه ئي ان نرسريءَ ۾ پليو آهي. پر حقيقت ۾ هو سڀ کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جو دادلو ٻار رهيو آهي. ايترو دادلو جو اسٽبلشمينٽ پنهنجي ساک به داءُ تي لڳائي ڇڏي ته جيئن هن کي هڪ ڀيرو وزير اعظم جي عهدي تي ويهاريو وڃي. وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ هو نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جي مٿي جو سور ٿي ويو هو پر هن ملڪ جي سڄي سياسي ماحول کي تباهه ڪيو. مذهبي ڪارڊ کي وڌ کان وڌ سياست ۾ استعمال ڪيو. هن وقت به هو مذهبي ڪارڊ کي استعمال ڪري رهيو آهي. جڏهن سياستدان عوامي سگهه وسيلي چونڊون نه کٽيندا آهن ۽ عوامي سياست کي پٺي ڏئي رڳو اسٽيبلشمينٽ جي سهاري هلندا آهن ته انهن کي نا اهل ڪرائڻ مسئلو ڪونه هوندو آهي. سياستدانن جي ڄنڊا پٽ ۾ اهي پنهنجي لاءِ نا اهليءَ جا رستا هموار ڪندا آهن، نتيجي ۾ اهي نه رڳو سياسي طور ڪمزور ٿيندا آهن پر اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ سگهارو پڻ ڪندا آهن.
ان ڳالهه جا امڪان گهڻا هئا ته توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان نيازيءَ کي نا اهل ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ان ڪيس جي نوعيت ئي اهڙي هئي ۽ جيئن ان کان اڳ به ساڳين ڪيسن ۾ ملڪ جا ٻيا وزير اعظم به نا اهل ٿي چڪا هئا، ان ڪري ان فيصلي کان مختلف فيصلو نه پئي ٿي سگهيو.
اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ جهڙي ريت سياسي بت تيار ڪندي ۽ انهن کي ڊاهيندي رهي آهي، اهو سلسلو جيڪڏهن بند نٿو ٿئي ته پوءِ نا اهلي وارو سلسلو به ڪنهن نه ڪنهن ريت هلندو رهندو. نتيجي ۾ سياستدانن جو سياست وسيلي پيدا ٿيڻ ممڪن نه ٿي سگهندو ۽ نه ئي اها تبديلي اچي سگهندي. جيڪڏهن تبديليءَ جو نالو عمران خان آهي ۽ جنهن کي اسٽيبلشمينٽ عوام جي مٿي ۾ هنيو آهي ته پوءِ اها تبديلي تباهي ته آڻي سگهي ٿي پر ان سان ملڪ ۾ ڪا بهتري نٿي اچي سگهي.
هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ سياستدانن کي سوچڻ گهرجي ته اهي پنهنجي ويڙهه سياسي ميدان ۾ جاري رکڻ ٿا چاهين يا وري عدالت وسيلي هر فيصلو وٺڻ ٿا چاهين.