جيتوڻيڪ هن به برناڊ شا وانگر اسٽريٽ لائيٽ جي بجليءَ تي پڙهي، مئٽرڪ ڪئي هئي. هو به لطيف وانگر چيچ ڏسي عاشق ٿيو هو. هن عشق ۾ پچي جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ شاعري وارو ڪتاب برسات ۾ گهر ڪري پوڻ سان ڳري ويو. هن کي جيڪا شاعري ياد هئي، اهائي سندس شاعري چوائي ٿي. سنڌ ۾ ڳايا ويندڙ 150 لوڪ گيتن مان 50 لوڪ گيت جمن دربدر جا آهن. سائين جي ايم سيد جي قبر تي به جمن دربدر جي شاعريءَ جي اها سٽ درج ٿيل آهي. سائين جي ايم سيد جهڙي فلسفي سياستدان به اها ڳالهه مڃي ته مون کي سياسي مايوسيءَ مان جمن دربدر جي شاعريءَ ڪڍيو آهي. اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ماما جمن خاص ڪيفيت ۾ اچي ويندو هو. سرمون پيل ڳاڙهين اکين ۾ کيس چمڪ اچي ويندي هئي. چوندو هو “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” واري هن جي شاعريءَ تي سائين جي ايم سيد کيس نالي سان سڃاڻڻ لڳو. هونءَ سائين نالا ڀلجي ويندو هو. پر هو ٻڌائيندو هو ته ان شاعريءَ تي مون کي ان ڪري به فخر آهي ته سائين مون کي نالي سان سڃاڻڻ لڳو هو.
ماما جمن ان شاعريءَ جو پسمنظر ٻڌايو هو ته 1983ع ۾ ڳڙهي ياسين جو احسان ميمڻ شهيد ٿي ويو هو. ان وقت هو حليم باغيءَ سان يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ گڏ رهندو هو. احسان ميمڻ جي شهيد ٿيڻ کان هڪ رات اڳ ۾ مون ساڻس ڪچهري ڪئي. مون کي ان جي شهادت تي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ وڏي تڪليف ٿي. ان جي شهادت تي مون اها شاعري ڪئي هئي. 26 مئي تي شهيد احسان ميمڻ جي شهادت جي ڏينهن جي مناسبت سان سن ۾ سائين وٽ ويا هئاسين. سائين حسب دستور گيت ٻڌائڻ لاءِ چيو. مون جڏهن “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” گيت ڳايو. شاعري ٻڌي سائين اڌ ڪلاڪ تائين چپ ٿي ويو ۽ پوءِ چيو ته “اڄ کان تون منهنجو استاد آهين. (ماما جمن ٻڌايو هو ته سائين اهڙي ڳالهه پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ به چئي آهي) تو هن گيت ۾ آواگون جو فلسفو سمجهائي ڇڏيو آهي. ضروري ناهي ته ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪنهن تي وحي ٿي لهن، پر ڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪنهن ڌنارن کان به چوائي ويندو آهي.”
هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٽانگو ۽ رڪشو تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ مان ميرپورخاص ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ويو هو. هو ٽي رپيا گهران کڻي ميرپورخاص ۾ امتحان ڏيڻ ويو هو. جنهن مان سوا رپيو هن جو ميرپورخاص پهچڻ تي ڀاڙو ٿي ويو ۽ باقي پوڻن ٻن رپين تي هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. هن امتحان جي تياري روڊ تي بجليءَ جي لڳل ٿنڀي جي هيٺان ويهي ڪئي ۽ پارڪن ۾راتيون سمهي امتحان ڏنو. امتحان جي آخري ڏينهن ۾ هن جي ڳوٺ واسي جيڪو ڪنهن بنگلي تي بورچي هو، تنهن کيس ڏٺو ۽ پاڻ وٽ رهايو. جتي هن امتحان جو رهيل پيپر ڏنو هو.
جمن دربدر جي عشق جي ڪهاڻي:
هو وڏو عاشق مزاج هو. جهڙي ريت لوڪ ڪهاڻين ۾ عشق مجازيءَ کان حقيقي عشق تائين جو سفر ٿيندو آهي. اهڙي ريت هن جو عشق به مجازيءَ مان شروع ٿيو، جيڪو پوءِ ڪنهن ماڻهو بدران سنڌ ڌرتي ۽ قوم ۾ تبديل ٿي چڪو هو. اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ سندس مشڪي رنگ ۾ ڳاڙهاڻ مائل رنگ چڙهي ويندو هو. ٻڌائيندو هو ته عشق هن جي زندگيءَ جا چوڏهن طبق روشن ڪري ڇڏيا. هو مئٽرڪ ڪرڻ کان پو نوڪريءَ لا تر جي وڏيرن جي بنگلن تي ڪاغذ کڻي چڪر ڏيندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ نوڪري ملڻ ايڏي ڏکي نه هئي، پر ان هوندي به هو نوڪري وٺي نه سگهيو. هو همٿ ڪري تعليم کاتي جي ڊي اي او وٽ به پنهنجا ڪاغذ کڻي ويو پر اتي به هن کي جواب مليو. هن بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي هوٽل تي ٻاهر واري جو ڪم شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن هو ڊي اي او جي آفيس ۾ جڏهن چانهه کڻي ويو، ته انهي آفيس وارا مٿس ڪاوڙجي پيا ته وري آيو آهين؟ هن اهڙي ورتاءُ تي ڪاوڙجي کيسي ۾ پيل پنهنجا سرٽيفڪيٽ انهن جي اڳيان ڦاڙيندي چيو ته اوهان نوڪري ته نه ڏني، پر هوٽل تي ڪم ڪرڻ ڏيندئو يا نه. پو هو ڏينهن جو هوٽل تي ڪم ڪندو ۽ رات جو لائبريري مان ڪتاب وٺي پڙهندو رهيو. هن انهي عرصي دوران ڪئين ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. هي اهوئي دور هو جڏهن هو عشق جي نون نيئرن جي پنجوڙن ۾ ٻڌجي ويو. عشق جي لڳل پيوند هن کي شاعر بنائي ڇڏيو. هن ٻڌايو هو ته کيس پهريون ڀيرو سڄي دنيا نئين انداز ۾ ڏسڻ ۾ آئي هئي. جهڙي ريت چوندا آهن سياري ۾ لوڪڙ ٽن ٽنگن تي هلندي آهي، جنهن بابت ماڻهو چوندا آهن. هي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن چارئي ٽنگون زمين تي رکيم ته زمين غرق ٿي ويندي. انهن ڏينهن ۾ ساڳي صورتحال منهنجي هئي، جمن دربدر ٻڌايو هو. هن سان اها ڪيفيت ان وقت ٿي هئي، جو جڏهن هڪ ڀيري ڪنهن هنڌ هوٽل جي چانهن پهچائڻ ويو هو ته در مان رڳو هڪڙي ٻانهن ٻاهر نڪتي، پر اها ٻانهن ڏسڻ سان ئي کيس ڪو اهڙو ڪرنٽ لڳو جو ڪٽلي هٿ مان ڇڏائي ويس. پو هو انهي عشق ۾ اهڙو ته وٺجي ويو، جو اونهاري جي موڪل ۾ هو جڏهن لاهور وئي ته ٻئي ڏينهن هو به هوٽل جي نوڪري ڇڏي لاهور روانو ٿي ويو. ريل تي هو بنا ڀاڙي جي فقط خانپور تائين وڃي سگهيو. ان کان پوءِ سترهن ڏينهن جو پنڌ ڪري هو لاهور پهتو هو. لاهور جي شهر ۾ اڃو بکيو هوندي هو وڃي داتا جي درٻار تي پهتو. جتي هن هڪ ملنگ کي ماني کائيندي ڏٺو ته بنا ڪنهن صلاح جي ان سان ماني کائڻ ۾ لڳي ويو ۽ هن اها ماني ايترو ته تڪڙو کائڻ شروع ڪئي، جو ملنگ ڏسندو ئي رهيو. هن ماني کائي ختم ڪئي، ان دوران ملنگ کيس غور سان ڏسندو رهيو. پوءِ ملنگ سندس دوست ٿي ويو. ملنگ ساڻس همدردي ڪري حال احوال ورتو. جمن دربدر کيس سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. ملنگ چيس ته تنهنجو ڪيس ڏکيو آهي. تون هيڏي لاهور ۾ پنهنجي ماڻهو کي بنا ڪنهن ڏس پتي جي ڪيئن ڳوليندين. ملنگ کيس صلاح ڏني ته لاهور ۾ پارڪ گهڻا آهن. تون ڪنهن پارڪ ۾ وڃي ويهه، متان اتي تنهنجي ملاقات ٿي وڃي. پو هن ملنگ جي ڏنل صلاح تي وڃي لاهور جو هڪ پارڪ وسايو. انهي دوران ملنگ کيس ٻڌايو ته جڏهن پنهنجو معاملو ڪنهن سان سلي نه سگهين ته پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾فقط شاعري تنهنجي مدد ڪري سگهندي. پو جمن دربدر انهي ڳالهه کي ڳنڍ ڏيئي، پارڪ ۾ اچي پنهنجي منهن ڳائڻ شروع ڪيو. هن ٻڌايو هو ته پوءِ شاهه جي شاعري، مارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ اردو جا ڪلام اکيون پوري پيو ڳائيندو هو.
هڪ ڏينهن هو اکيون پوري ڳائي رهيو هو ۽ جڏهن اکيون کوليائين ته ڏسي سوين ماڻهو هن جو راڳ ٻڌڻ لا مٿانئس بيٺل هئا ۽ ماڻهن مٿس پئسا به مٿان اڇلايا هئا. اهو ڏينهن اهو پنڌ هن جيڪو ڳائڻ ۾ هٿ وڌو ته اڃان ڳائيندو اچي. پو هو لاهور جي پارڪ ۾ روزاني ڳائڻ لڳو. راڳ دوران کيس پئسا به ملڻ لڳا ته ان مان هو ماني ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳو. هن جي راڳ ڳائڻ جي ڳالهه لاهور ۾ هنڌين ماڳين ٿيڻ لڳي. هن هڪ ڏينهن ڏٺو ته جنهن کي ڳولڻ لا هو لاهور پهتو آهي، اها به هن جو راڳ ٻڌڻ لا اچي پهتي. پو هو هن وٽ روز راڳ ٻڌڻ لا پنهنجي سهيليءَ سان گڏجي اچڻ لڳي. هن کيس نوان ڪپڙا به وٺي پارايا. هو هن جي سڀني گهر ڀاتين سان ملي جلي ويو هو. پوءِ جڏهن هن جي ٻن مهينن واري موڪل ختم ٿي ته هو ساڳي ريل ۾ واپس ميرپورخاص پهتا. هو عشق جي انهي ڏاڪي تي هو ته هڪ ڏينهن ان ڇوڪريءَ جي ما ايلاز ڪري کڻي پوتي پيرن تي وڌس ۽ چيائينس ته تون هوٽل تي ڪم ڪندڙ آهين. منهنجي ڌي لا وڌيڪ مسئلا پيدا نه ڪر. بس هن ڳالهه تان هٽي وڃ. هو هر وقت اها ڳالهه روئيندي ٻڌائيندو هو. چيائين منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. اکين اڳيان انڌ اچي ويو. ڇا ڪريان بس ان کي چمي ڏيئي موڪلايم ۽ ميرپورخاص ڇڏي اچي ڳوٺ نڪتس. ٻه سال ڪنهن سان به ڪونه ڳالهايم. چاچي چيو هن کي ڪو زهريلو جيت کائي ويو آهي. زهر لهندس ته پو ڳالهائيندو. انهي عرصي ۾ مون رڳي پئي شاعري ڪئي.