ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مدرسن ۽ اسڪولن ۾ تشدد جو شڪار ٻارڙا

Editorial

سماج ۾ عام طور تي تشدد ڏانهن اسان جو رويو اهو آهي ته ان سان انساني شخصيت بهتر ٿيندي آهي. جڏهن ته تشدد سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي. اسڪولن، مدرسن ۽ گهر ۾ ٻار عام طور تي تشدد جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. اهي اهڙين ڳالهين تي تشدد جو شڪار ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن به ريت تشدد لائق نه هوندا آهن. انهن معاملن تي ٻارن کي سمجهائي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو پر جيئن ته مجموعي طور سماج تشدد کي بهتر سمجهي ٿو. اهو ان کي ساراهي ٿو، ان ڪري اهو سلسلو جتي ڪٿي هلندڙ آهن. اسڪولن ۾ ٻارن کي هوم ورڪ نه ڪرڻ، سبق صحيح نه ٻڌائڻ يا ڪا شرارت ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. اٿ ويهه ڪرائڻ کان وٺي فوٽ پٽيءَ سان مارڻ، لٺ هڻڻ توڙي چماٽون وهائڻ کي عيب نه سمجهيو ويندو آهي. پر اسين ان پاسي ڌيان نه ڏيندا آهيون ته تشدد جسماني ۽ ذهني طور هڪ ٻار کي اذيت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏيندو. ايستائين جو تشدد جو شڪار ٿيندڙ ٻار سماج لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن ۽ اهي ان باهه کي ڪڍڻ لاءِ اڳيان هلي پاڻ به تشدد جي واٽ اختيار ڪندا آهن. اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهندو آهي ۽ تشدد هر جاءِ نظر پيو ايندو آهي. پر ڇا هيستائين تشدد وسيلي ڪي مسئلا حل ٿي سگهيا آهن. اسين اهو وساري ڇڏيندا آهيون ته تشدد مسئلن جو حل نه پر اهو پاڻ هڪ مسئلو آهي. ڪالهه هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي.
ٽنڊو جان محمد مدرسي ۾ پڙھندڙ يتيم شاگرد مولوي تي تشدد جو الزام هنيو آهي. شاگرد وقار خاصخيلي صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته برسات سبب ٻه ھفتا موڪلون ڪرڻ تي سندس ماءُ پاڻ مدرسي اچي مولوي کي چئي وئي ھئي ته برسات سبب پريشان ھئاسين، ان ڪري سندس پٽ مدرسي نه اچي سگھيو آھي، ھن کي مارڪٽ نه ڪجو. هن ٻڌايو ته سندس ماءُ جي وڃڻ کانپوءِ مولوي پيٽرول گھرايو ۽ ساڙي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ مولوي ٻن ٻين کٿابين جي مدد سان مون کي رسيءَ سان ٻڌي ڏنڊي ۽ تار سان تشدد ڪيو جنھن کان پوءِ آئون ھلڻ ۽ سمھڻ کان لاچار ھئس، مون تي نظر داري رکڻ لاءِ مولوي ٻن ٻين کٿابين کي مقرر ڪري رکيو ھو ته متان آئون مدرسي مان ڀڄي نه وڃان، ھڪ مھيني تائين مون کي مدرسي ۾ بند رکيو ويو. آئون ٻه ڏينھن اڳ مدرسي مان ڀڄي نڪتس ۽ گھر پھچي پنھنجي ماءُ کي حقيقت ٻڌايم. منھنجي حالت ڏسي منھنجو نانو خان محمد خاصخيلي ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي وٺي آيو، پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر پوليس روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف شاگرد تي تشدد جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس فريادي خان محمد خاصخيلي کي جھڏي مان طلب ڪري مولوي نذير حيدري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي. شاگرد جي مامي امير بخش خاصخيليءَ جو چوڻ ھو ته سراسر نانصافي ٿي آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس شاگرد تي تشدد ڪندڙ مولوي کي گرفتار نه ڪري سگھي هئي.
هن خبر ۾ جيڪو موقف ٻار پاران پيش ڪيو ويو آهي، ان کي پڙهي اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته مدرسن ۾ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٻارڙي جي ماءُ مولوي کي منع به ڪيو هو ته تشدد نه ڪيو وڃي پر تنهن هوندي به تشدد ڪيو ويو ۽ ٻار کي مدرسي ۾ واڙي ذهني عذاب ڏنو ويو. مدرسن ۾ رهندڙ هزارين شاگرد تشدد جو شڪار ٿيندا رهندا آهن پر اهي واقعا رپورٽ گهٽ ٿيندا آهن. جيڪڏهن رپورٽ ٿيندا آهن ۽ ڪيس ٿيندو آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون آهن ۽ ائين تشدد جو معاملو جيئن جو تيئن هلندو رهندو آهي. پر ڇا تشدد جي واقعن کان پوءِ ٻار سڌري ويا آهن. انهن جي شخصيت ۾ اها تبديلي اچي وئي آهي، جيڪا تبديلي استاد، مولوي يا مٽ مائٽ تشدد وسيلي ڏسڻ چاهين ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته تشدد جي ڪابه صورت ٻارن کي تبديل نٿي ڪري سگهي. اها انهن جي ذهني حالت کي وڌيڪ تباهه ڪندي آهي. انهن جي اندر ۾ خوف جنم وٺندو آهي ۽ اڳيان هلي اهي ذهني طور ناڪاره ماڻهو ثابت ٿيندا آهن. جيڪي سماج لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. تشدد جي حوالي سان ملڪ ۾ قانون موجود آهي ته ٻارن کي اسڪولن يا مدرسن ۾ مارڪٽ ڪرڻ غيرقانوني آهي پر تڏهن به مارڪٽ ٿيندي رهندي آهي ۽ اسين تماشو ڏسندا رهندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو به ٻارن تي تشدد ڪن ٿا، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button