سچ هميشه ڪوڙ جي ڪري بدنام رهيو آهي ڇو ته سماج ۾ ڪوڙ جو پلڙو ڀاري رهيو آهي ۽ ماڻهو ڪوڙ کي هضم ڪري ويندا آهن يا اهڙو سماج جڙي ويو آهي، جتي سچ جو ڪو قدر نه رهيو آهي. ان ڪري اهو پيراڊاڪس وجود ۾ آيو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي. پر ان پيراڊاڪس کي حسين ڪپري انتهائي ذهانت سان ڊيڪنسٽرڪٽ ڪري پيش ڪيو آهي ته اصل ۾ ڪوڙ تي ٻڌل سماجي جوڙجڪ ئي ڏوهاري آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اهو سٽاير يا گهري حقيقت سان واسطو رکندڙ طنز بيان ڪيو ويو آهي. مثال طور ڪوڙ جا بنياد ڪهڙا آهن، ڪوڙ ڇا جي ڪري ۽ ڪنهن جي ڪري حاوي آهي جهڙوڪ “ڪوڙ کي سڄو جهان سڃاڻي سندس ڪٽنب قبيلو ۽ وڏو راڄ ڀاڳ آهي. سياستدان، وڪيل، ليکڪ، ڳائڻا، فنڪار مطلب ته سڄي خلق ان جي پاسي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ پاڻ به آهيون ۽ سنگت به آهي”. مٿيون پيراگراف ڪوڙ جي انهيءَ ساخت تي ٺهيل سماج جي هلڪڙي جهلڪ آهي جيڪا حسين ڪپري ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي علامتي اظهار ۾ طنز به آهي ته افسوس جو عنصر به آهي. سماج جيڪڏهن صفا گهٽ ٻوسٽ وارو ٿي وڃي، عدم برداشت چوٽ تي چڙهي وڃي ته ليکڪ يا آرٽسٽ ڪنهن آرٽ وسيلي ان جو اظهار لائيٽر نموني ايئن ڪندو آهي جو ڳالهه ٿي به وڃي ۽ پت به رهجي اچي. نانگ به مري لٺ به بچي.
“ڪچهريون قائم” وارو مضمون فرانسس بيڪن واري يوٽيلٽيرين Utilitarian تصور جو ردعمل آهي. شيون صرف افاديت يا قيمت (Price) جي بنياد تي ڪونه ڏٺيون وينديون آهن پر قدرن ((Values جي بنياد تي به ڏسي سگهجن ٿيون. قدر ۽ قيمت جو جهيڙو يا تضاد بنهه پراڻو ته آهي ئي پر ان جو اصل چهرو جيڪو گلوبلائيزيشن يا ماڊرنزم ۾ ظاهر ٿيو آهي اهو ڀيانڪ آهي. ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پڇا ڪريو ته توهان جي ڳوٺ ۾ کير، مکڻ يا لسي جو وڪرو ڪڏهن کان شروع ٿيو آهي. هاڻي ڏُڌ يا گهريلو پراڊڪٽ جي شين جون قيمتون آهن. پراڻن وقتن ۾ انهن شين جو قدر هوندو هو. رويا بدلجڻ سان سماج اکيون ڦيريندا آهن، جنهن دور ۾ گهر جو کير وڪڻڻ گار ڏيڻ برابر هوندو هو ۽ ماڻهو اوطاقن تي جيترو کير، مکڻ يا لسي ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا، ان جو قدر هوندو هو، قيمتون نه هونديون آهن. هاڻي ته پڪل مانيون به آن لائين وڪرو ٿي رهيون آهن. ٿر ۾ تمام گهڻيون کنڀيون ٿينديون آهن، اڳ ۾ اهي مهمان جو قدر ڪري کارايون وينديون هيون پر هاڻي ٿر جي هوٽلن تي کنڀيون سڀ کان مهانگيون شيون ٿي ويون آهن. ديسي گيهه، ساڳ، پلر، چلڙا، لسي، ديسي ڪڪڙ جا آنا ڄڻ ته هاڻي اڻ لڀ ٿي ويا آهن ڇو ته انهن مقامي شين جون قيمتون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن. قيمتن ماڻهن کان قدر کسيا آهن. ايئن هاڻي ڪچهرين وارين اوطاقن جي جاءِ هوٽلن والاري آهي، جت سڄو ڏينهن ماڻهو جهڙي تهڙي چانهه پيو ويٺو آهي ۽ هوٽل وارو عزت کي ڇڏي پيسا ڪمائڻ لاءِ کير ۾ الائي ڪيترا ڀيرا پاڻي پيو وجهي چانهه پيو کپائي. حسين ڪپري ان قيمت ۽ قدر جي ڀيٽ مغربي ۽ مشرقي سماجن سان ڳنڍي ٿو. هو چوي ٿو “جيئن جرمنيءَ ۾ مشهور فلاسافر پيدا ٿيا تيئن سنڌ ۾ ناليوارا ڪچهري دان ٿي گذريا آهن. هُنن نظريا ڏنا، فلسفا ايجاد ڪيا، ڪتاب لکيا، پاڻ وارن همراهن ڳجهارتون گهڙيون، بيت ٺاهيا، چنگ وڄايا، جتي ڪٿي ڪچهريون ڪري پاڻ ملهايو!”. اهو سماج هاڻ ڪٿي بيٺو آهي؟ سوال ته اٿي ٿو نه.
ايئن سندن مضمون “خوشين جو هنر” به قيمتن بدران قدرن جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇو ته تعليم هاڻي مارڪيٽ جو وکر آهي. تعليم ماڻهن مان جيئڻ جو ڍنگ سيکارڻ بدران ڪمائيءَ جو ذريعو ٿي وئي آهي. جهڙوڪ “ماڻهو سال کن جي تربيت وٺي بجليءَ جا مستري ٿيو وڃن، ٻه سال لڳائي ڪوٽ سبڻ جا ڪاريگر ٿيو وڃن، ٽن سالن ۾ ڪمپيوٽر جا ماهر ٿيو وڃن يا ڪجهه سال پڙهڻ کان پوءِ وڏيون ڊگريون حاصل ڪري وٺن، يعني هر هنر تربيت سان سکيو وڃن. پر ڪي ماڻهو سورهن سال باقائدگي سان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ به ڪورا رهجيو وڃن. ايترو پڙهڻ جي باوجود به خوشيون ته پري جي ڳالهه آهي پر جيئڻ جو سليقو به نٿا سکن!” ڇو ته دنيا جا سماج افاديت جي جاءِ تي قيمتن کي اهميت ڏين ٿا. خوشين جو هنر انسان بڻائي ٿو. پيسن ڪمائڻ واري مشين نه. جڏهن ته زماني ۾ جيڪا ڊوڙ آهي، اها پيسي جي آهي. ايئن اهي لکڻيون سماجي جوڙجڪ جو اها پاسو ڏيکارين ٿيون جيڪو پاسو شعوري يا غير شعوري طور نظر انداز ٿيل آهي. ايئن “ولو بيگاني جي دنيا داري” ۽ “ماڻهو جي من ۾” مضمون سماج جي اهڙين روين جي انتهائي ڪاريگر انداز ۾ اکيل ٿيل آهي جو ماڻهو پڙهندي مسڪرائيندو به آهي ته سنجيده ترين پيغام به اخذ ڪري وٺندو آهي. ايئن مضمون “دل جي خبر ڪانه ٿي پوي” ۾ اهي موضوع اکيليا ويا آهن، جيڪي ماڻهو سماجي ڊڪ ڊوڙ سبب نٿو ويچاري، نڪي آس پاس جو ماحول انهن موضوعن تي سوچڻ جو موقعو ٿو فراهم ڪري. انهيءَ مضمون ۾ نه صرف لطيف سائين جي شعرن جي تشريح جهڙوڪ “ڪڏهن ڪڏهن هيئنڙا نٿو وڻين مون…” يا غالب جي دلِ نادان سان شڪايت جو اهڙو غير معمولي آرٽسٽڪ اندز سان استعمال آهي جو ماڻهو پڙهندي الف ليلوي داستانن جي عربين نائيٽس جي قصن يا شهرزاد جي ڪهاڻين ۾ گم ٿيو وڃي. پر ان سموري ماجرا ۾ انسان پنهنجي اندر جي هڪ هڪ لمحي يا احساس کي پيو پڙهندو ۽ سوچيندو آهي. مضمون “ڪتابن جو شوق” به لڳي ٿو فرانسس بيڪن جي مضمون Of Books جو ٻيو ورزن آهي. انهيءَ مضمون جي شروعات ئي سماجي ڏاهپ يا سهيوڳي صورتحال سان ٿئي ٿي. جهڙوڪ “ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه ۽ جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن، ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري”. هنن سٽن ۾ حسين ڪپري ڪهڙي نه سٺي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا ڳالهه سنجيدگيءَ سان ايندي اينٽي ڪلائيميڪس ۾ وڃي سماجي طنز تي دنگ ڪري ٿي. ماڻهو مرڪيو به پوي ته سماجي حالت يا ذهني سطح تي سنجيده غور ويچار به ڪري ٿو. ايئن طبيعت کي خوشگوار رکندي ڪتابن جي سمورن پهلوئن، استعمال، افاديت يا قدر ۽ قيمت تي لائيٽر موڊ ۾ گهڻي ڪم جون ڳالهيون ڪري ٿو وڃي.
ايئن هر مضمون پاڻ ۾ انتهائي اهم ادبي لطافت سان ڀرپور پيغام سمائي ٿو، جنهن جي پڙهڻ سان دل باغ بهار به ٿئي ٿي ۽ ساڳئي وقت ڏاهپ جا نقطا به ڏسي جهڙوڪ “عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان!” “عددن ۾ ڦاٿل هڪ شخص”، “محرم راز جي ڳولا” کان ويندي “سرمي واري سرڪار” تائين جا مضمون انتهائي راحت ڏيندڙ آهن.
مضمون پڙهڻ هن دور ۾ ڏکيو ڪم آهي پر حسين ڪپريءَ جا مضمون پڙهندي لڳندو آهي، افسانوي داستان پيا پڙهون. جنهن ۾ سنڌي، عربي، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جون چوڻيون ۽ عام مروج جملا پڙهندي مزاح يا سٽاير واري انداز ۾ به لڳندو آهي ته اسين يوناني ڏند ڪٿائن کان ويندي وجوديت، عمليت، تحليل النفسي، ساختيات، رد تشڪيل، جديديت يا جديديت پڄاڻان جهڙا فلسفا پيا پڙهون. ٻوليءَ ۾ جتي چاشني آهي اتي وسيع علمن جو ذخيرو ۽ وسيع تر ادب جو تجربو ۽ مطالعو به سمايل آهي. لڳي ٿو ماڻهو ويٺو فرانسس بيڪن جا مضمون پڙهي. جهڙوڪ يوسفي صاحب وارو مزاح پيو پڙهي. جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن کي اهو اعتراض به هوندو آهي ته اهي صرف اخباري ڪالم آهن ۽ انهن ۾ ڪنهن به نظريي جو پرچار نه آهي، رڳو روح کي راحت ڏيندڙ يا رڳو ڪن رس آهي ۽ من رس نه آهي. ڀلي اهي پيا اعتراض ڪن ۽ وڃي داس ڪيپٽل يا علي عباس جلالپوري پڙهن پر عام پڙهندڙ کي هيءَ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن جنهن سان دل جو بار به هلڪو پيو ٿيندو ته علم ۽ ادب جون نيون دريون به پيون کلنديون.
(پورو ٿيو)