ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اقتداري جنون جو “بيڪ فائر”

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

پي ٽي آئي جي اڳواڻ عمران خان جي اقتدار پرستيءَ جو جنون هن ملڪ جي تاريخ ۾ اقتدار پرستي جي سياست جيڪي به قدم، عمل، جڳاڙ ۽ سازشون ڪيون آهن هن انهن سڀني جو ريڪارڊ ٽوڙيندي نئون ريڪارڊ قائم ڪيو آهي جو پنهنجي اقتداري مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جيڪي جوڙ توڙ يا عوامي مينڊٽ جي ٽوڙڦوڙ لاءِ سيڪريٽ ڊيلز ڪيون انهيءَ کان وڌيڪ هن اقتدار ملڻ کان پوءِ اقتدار کي هلائڻ ۽ بچائڻ لاءِ اهي حڪمتِ عمليون اختيار ڪيون جنهن تي ڪو به غير جانبدار ماڻهو تعجب ۽ حيرت ۾ اچي ٿو وڃي. جڏهن هن جي دعوائن، تقريرن ۽ ” تبديلي” جي نعرن کي ڏسي ٿو پر دنگ ۽ انتها تڏهن ٿي ٿي وڃي جڏهن هو بي اعتمادي جي رٿ کي هڪ بهادر عوامي ليڊر جي ڪردار نڀائڻ بجاءِ اقتدار پرست جنوني شخص جو ڪردار ادا ڪندي پوري آئين کي ٽوڙيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي هدايتون ڏيندي اهو ڪم ڪرايو جنهن جو تصور ڪرڻ به هڪ سياسي ماڻهو جي لاءِ افسوس ناڪ ۽ شرمناڪ ٿي سگھي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هو اقتدار جي گدي نڪرڻ کان پوءِ اهڙو بي وزن ۽ بي ترتيب ٿي ويو آهي جو هن سرِ عام جلسن ۾ پنهنجي حڪومت جي خلاف آمريڪي سازش جو سائفر اسڪينڊل جو دليرانا ڪوڙ ته هنيو ئي پر هن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف کلي عام اهو چوڻ شروع ڪيو ته “نيوٽرل جانور هوندو آهي ” يعني هو انسان ۽ ملڪي وفادار تڏهن ٿيندا جڏهن سندس لاءِ اقتدار جي راھه هموار ڪن.
معاملو شڪوا شڪايتن کان وڌي تنقيد گاريون ۽ بداخلاقيات تائين پهچڻ کان پوءِ عمران خان جڏهن آخري وار لانگ مارچ جو اعلان ڪيو جنهن لاءِ بظاهر اهو چئي رهيو آهي ته هن جو لانگ مارچ نئين اليڪشن ڪرائڻ لاءِ صرف دٻاءُ هوندو پر هن جي خاموش ۽ سيڪريٽ حڪمتِ عملي جنهن جو اظهار به هن ڪيو آهي ته منهنجي خاموش پلاننگ آهي انهيءَ جو اعلان في الحال نه ڪندس پر هن ڪيترائي دفعا اهي اشارا ڏنا آهن ته لانگ مارچ جيڪڏهن نئين اليڪشن جي تاريخ جو ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگھيو ته پوءِ هڪ انقلاب يعني انارڪي پيدا ٿيندي ۽ ان انارڪي جو نقصان سندس نقطه نظر مطابق سڀ جو سڀ “حڪومت ۽ هينڊلرز” تي هوندو، اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئي ايس آئي جي سربراھه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي. 27 آڪٽوبر تي اها تاريخي پريس ڪانفرنس جنرل نديم انجم راولپنڊي ۾ آئي ايس پي آر جي سربراھه ليفٽينٽ جنرل بابر افتخار سان ڪئي.
بدنصيب هن خطي جي هن رياست اندر عوام کي اهو ڪجھه ڏسڻو ۽ ٻڌڻو پيو جيڪو پوري تاريخ ۾ ان انداز سان نه ٻڌو ويو آهي نه ڏٺو ويو آهي. آئي ايس آئي جي سربراھه جيڪي انڪشاف ڪيا آهن ته “غير آئيني ڪم نه ڪرڻ تي جانور سڏيو ويو، آرمي چيف کي تنقيد ڪندي مير جعفر ۽ مير صادق سڏڻ کان پوءِ اقتدار جي مفادي شرط تي سروس ۾ تاحيات واڌ جي لاءِ چيو ويو، جي آرمي چيف غدار آهي ته پوءِ تاحيات مدي جي واڌ جي ڇو آڇ ڪئي وئي؟ مون کي سروس جي سربراهي جي انٽرويو ۾ مون کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ جو بنيادي مسئلو ڪهڙو آهي؟ مون جواب ڏنو ته معاشي بحران پر اهو جواب عمران خان کي نه وڻيو ۽ هن چيو ته اصل مسئلو اپوزيشن آهي”.
انڪشافاتي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آئي جي سربراهن ڪنهن به الزام جي ترديد نه ڪئي آهي پر سندن خيال مطابق هنن جيڪو ڪجهھ ڪيو آهي اهو غير آئيني نه هو ڇو ته هو اڄ به اهو ئي ٿا چون ته اقتدار جي طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ آهي انهيءَ جي ڊيل کان سواءِ جڏهن اقتدار نه ملندو ته پوءِ غير قانوني ڇا جي؟ ان پريس ڪانفرنس ۾ آئي ايس آئي جي سربراھه هي به چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن بعد فوج يا آئي ايس آئي جو ڪنهن به چونڊ ۾ مداخلتي ڪردار ناهي رهيو هاڻي پوري اداري جو اهو متفقه فيصلو آهي ته هو سياست کان مڪمل طور تي الڳ ٿلڳ رهندا ايندڙ فوجي قيادت به سياست ۾ مداخلت نه ڪندي انهن شهيد صحافي ارشد شريف جي قتل تي بنيادي سوال هي اٿاريو ته “قتل مان فائدو ڪير پيو وٺي؟ ارشد شريف جي قتل متعلق اهم سوال ۽ هن کي ملڪ ڇڏڻ تي راضي ڪرڻ خاص ٿريٽ جو ٻڌائڻ ڪي پي سرڪار جي وزير اعليٰ جون هدايتون عرب امارت کان پوءِ ڪينيا جي طرف وڃڻ تي سوالن تي تفصيلي نقطه نظر پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو جنهن جو تفصيل پرنٽ ميڊيا ۽ ٽي وي چينلز تي اچي چڪو آهي.
پاڻ حڪومت ۽ اتحادين تي وڌيڪ بحث نٿا ڪريون سواءِ ان جي ته اها پريس ڪانفرنس هنن جي لاءِ وڏي سرپرائيز جو درجو رکي پئي انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ ٻنهي جنرل صاحبن هي به انديشا ڏيکاريا آهن ته لانگ مارچ ۾ دهشتگردي جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگھجي انهيءَ کان سواءِ جيڪڏهن حڪومت وقت فوج کي گھرايو ته فوج ان آرڊر کي مڃڻ جي پابند هوندي هي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پهريان هي به ٻڌايو ويو ته اهو اطلاع يعني پريس ڪانفرنس کان پهريان وزير اعظم کي آگاھه ڪيو ويو هو بقول ليفٽينٽ جنرل بابر افتخار جي ته پريس ڪانفرنس جي حساسيت جي متعلق وزير اعظم کي ٻڌائڻ لازمي هو. آئي ايس آئي جي سربراهھ جنرل نديم هڪ بنيادي نقطي تي فوڪس ڪندي چيو ته “فتني ۽ فساد جو خطرو هجي ته سچ جي ڊگھي خاموشي ٺيڪ ناهي مان هتي پنهنجي ذات لاءِ نه اداري لاءِ آيو آهيان جڏهن منهنجي اداري جي آفيسرن جوانن ۽ شهيدن تي تنقيد پئي ٿي ته مان خاموش نٿو رهي سگھان.”
پريس ڪانفرنس کان پوءِ ملڪ جي سياست ۽ ميڊيا ۾ جيڪو تهلڪو اچي ويو آهي ۽ جيڪو بحث شروع ٿي چڪو آهي يقينن ان ۾ هرهڪ جو نقطه نظر الڳ الڳ ئي هوندو پر هاڻي صاف ۽ چٽو هي نظر پيو اچي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هڪ اهڙي جدائي جي لڪير ڇڪجي چڪي آهي جنهن جو جلدي مٽجڻ تمام گھڻو ڏکيو نظر پيو اچي ڀلي عمران خان پنهنجي اقتداري جنونيت پرست نفسيات ۾ اهو سوچي ته هو پنهنجي دٻاءُ ۽ تنقيد سان اسٽيبلشمينٽ جي اندر هڪ وڏي وٿي پيدا ڪري ويندو ۽ اهائي وٿي هن جي لاءِ اقتدار جي راھه هموار ڪندي ليڪن اداري جي تاريخ ۽ ڊسيپلين اهو ٻڌائي ٿو ته اها وٿي پيدا ڪرڻ هاڻي انتهائي ڏکي ۽ مشڪل آهي هي پريس ڪانفرنس عمران خان جي جنوني اقتدار پرستي جي عملن جو هڪ “بيڪ فائر” ئي چئي سگھجي ٿو.
اسان کي ان مفروضي ۾ نه رهڻ گھرجي ته پارٽين جا ليڊر يا اقتدار ماڻيندڙ شخص تمام گھڻا باخبر ۽ هوشيار هوندا آهن هنن جون حڪمتِ عمليون گھريون ۽ گھڻ رخيون هجڻ جي ڪري هو پاڻ ئي ڄاڻيندا آهن ته ڪاٿي ڪهڙو قدم کڻڻو آهي پر اقتدار پرستي جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته پوري انساني تاريخ ۾ اقتدار پرست فرد جڏهن ۽ جيئن جيئن طاقت جي ڏاڪڻ تي چڙهندو ويندو آهي تيئن هن جي دماغ ۾ بيصبري ۽ غير سنجيدگي ته ايندي آهي پر انهي کان وڌيڪ هو بي رحم به بڻجي ويندو آهي ۽ اها ئي بي رحمي هن جي سياسي بنيادن ۽ بهترين رشتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هو عمل ۽ فيصلن ۾ اڪيلو ٿيندو ويندو آهي ۽ اهائي اڪيلائپ هن جو مستقبل اونداهي ۾ آڻي بيهاريندي آهي پر اهڙو ڪردار ڪڏهن به نه پاڻ کي غلط چوندو آهي ۽ نه وري پنهنجي اصلاح ڪرڻ پسند ڪندو آهي غلطي جا فارمل اعتراف به اهڙي ڪردارن وٽ اهڙائي هوندا آهن ته جيڪڏهن ماضي ۾ هن فيصلا ڪيا آهن جيڪي غلط يا نقصانڪار ثابت ٿا ته ان جو ملبو به هو ٻين تي ئي ڦٽي ڪندو آهي هن وقت عمران خان پنهنجي جارحانه ۽ جذباتي روين ڪري ايترو نقصان ناهي ڪيو جيترو هن جي اقتدار پرست جنونيت هن کي نقصان ڏنو آهي. سياست جي موجوده صورتحال ۾ هن جو پلڙو هر روز هلڪو ئي ٿيندو ويندو ۽ آهستي آهستي ڪندي هن جي ڪمزور ٻيڙي مان سندس ساٿي يا ٽولي جا ماڻهو لهڻ شروع ڪندا ايندڙ اليڪشن جيڪا ڪنهن به رخ کان هن جي حق ۾ ڏيندڙ نتيجا اچڻ تمام گھڻو مشڪل نظر پيا اچن نه رڳو ايترو پر هن وٽ جيڪو ڪجھه هن وقت به آهي انهيءَ جي هوندي به هاڻي صورتحال هن جي خلاف ئي ٿيندي ويندي ڇو ته سياست جا اليڪٽيبل ۽ سيڙپڪار جلد پنهنجو پاسو بدلائيندا ۽ اهو لالي پاپ ڪم نه ڪندو ڇو ته ان تي هن پريس ڪانفرنس هڪ خطرناڪ بيڪ فائر ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button