هي حقيقت آهي ته سموري دنيا ۾، ڪنهن به ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام کي اڻٽر سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن سياسي اتفاق راءِ به ختم ٿي وڃي ۽ سموريون سياسي قوتون Opposites ۾ سفر ڪرڻ يا Behave ڪرڻ شروع ڪن ته صورتحال کي سنڀالڻ وارو ڪوبه نيوڪليئس نه بچندو آهي، ان سان گڏ اهي قوتون جيڪي استحڪام جون ضامن هونديون آهن، اهي به وکرڻ شروع ٿينديون آهن. جيڪڏهن ملڪي ادارن ۾، ڪنهن به سبب جي ڪري وائڙائپ شروع ٿئي ته معاملن جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. انڪري اهو انتهائي ضروري هوندو آهي ته هر صورت ۾ استحڪام کي برقرار رکجي. هي ڳالهه به سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اهي ڌريون جن کي طاقتور سمجهيو ويندو آهي، يا اهي هر بحراني صورتحال ۾ توازن پيدا ڪنديون آهن، انهن ڏانهن شڪ وچان آڱريون کنيون وڃن ته صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندي آهي.
دنيا جا اهي ملڪ، جتي رياستي ۽ حڪومتي فيصلا، ايوانن بدران رستن تي ڪرڻ جي عادت آهي، يا سمجهيو ويندو آهي ته فيصلا، اسٽريٽ پاور جي ذريعي ئي ڪري سگهجن ٿا، اتي صورتحال کي سلجهائڻ آسان نه هوندو آهي. سموري دنيا ۾ جدوجهد جا طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، هينئر، سڀ ڏسي سگهن ٿا ته جن ملڪن ۾ هر پنجن ڏهن سالن کانپوءِ مارشل قوتون اقتدار جون واڳون سنڀالينديون هيون، گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي هئي يا ان نوعيت جا ٻيا قدم، جن کي انقلاب جو نالو ڏنو ويندو هو، هينئر، اهي طريقا مدي خارج ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جدوجهد جا طريقا تبديل ٿي ويا آهن ۽ جدوجهد لاءِ ايڪٽرز به نين صورتن ۾ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٽيڪنالوجي هر جدوجهد جي ماءُ بڻجي وئي آهي، پر اسان جي وٽ صورتحال ئي الڳ آهي. اسان وٽ به سياست کي جنگ جو ميدان سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته موجوده دنيا ۾ ووٽ جي پرچي وجهڻ جي اجازت هجي يا اها شفاف هجي ته Once for all سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو يا ٺيڪ طرف، معاملا وڌڻ شروع ٿي ويندا. پر اسان وٽ ايتري ته Involvement آهي، جو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي سري پڪڙڻ سان معاملا سلجهندا. ڪي حلقا يا ڌريون اهڙيون به آهن، جيڪي صورتحال کي سلجهائڻ بدران ڊيگهه ڏينديون رهيون آهن يا ڏينديون رهن ٿيون. انهن قوتون کي جيڪي ڪم ڪرڻ گهرجن، اهي هو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
هينئر ته اعتراف به سامهون اچڻ شروع ٿيا آهن، هي اشارن ۾ چيو پيو وڃي ته هيل تائين جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، اهو ٺيڪ نه هو. جن سياسي گهوڙن جي چونڊ ڪئي وئي يا جن کي اهم هنڌن تي ويهاريو ويو، اهو عمل به درست نه هو. شايد ايترو چوڻ ڪافي ناهي، معاملن کي سلجهائڻ لاءِ مڪمل پيڪيج جي ضرورت آهي. هي ڪم ڪجهه حلقا ڪري سگهن ٿا، انهن قوتون، جيڪي وڌيڪ Trouble پيدا ڪن ٿيون، انهن کي سمجهائي سگهجي ٿو. پر سرچاءُ وارو گس اختيار ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. اسان وٽ گذريل ڪجهه سالن کان لٺ جو جواب باٺي سان ڏيڻ يا Tit for Tat واري صورتحال آهي. انڪري معاملا سلجهڻ بدران الجهي رهيا آهن. جيڪڏهن معاملا پنهنجي ليکي، جيئن جو تيئن رهيا ته پوءِ ان جا نتيجا سڀئي سمجهي سگهن ٿا. هي ڳالهه سڀ سمجهن به ٿا ته معاملا گهڻا پرڀرا هليا ويندا، جيڪڏهن انهن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو. ان جي باوجود ڊگهي رسي ڏني وئي آهي، ائين لڳي ٿو ته مادر پدر سڀ آزاد آهن، انهن کي جيڪو ڪرڻو آهي، اهي ڪري وٺن، جڏهن ڳالهه صفا ڳوري ٿي ويندي، ان کانپوءِ مداخلت جون ڳالهيون ٿينديون. سازشي ٿيوريز هينئر کان هر زبان تي آهن. انهن کي پيدا ڪندڙ به موجود آهن. جنهن قسم جي ٻولي استعمال ٿي رهي آهي ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کي جيڪو ٽول هٿ ۾ ڏنو ويو آهي،اهو ان کي تخليق ڪندڙن کي به تباهه ڪري رهيو آهي.
جن عمران خان جي لاهور جي لبرٽي چوڪ تي ڪنٽينر تي بيهي تقرير ٻڌي، انهن مان باقي ڳالهين کي ڇڏي ڪري هو چئي رهيو هو ته هو اسلام آباد انڪري نه وڃي رهيو آهي ته حڪومت کي تبديل ڪرڻو آهي، پر هن جي انداز مان لڳو ٿي ته وفاقي گادي واري شهر ۽ ان جي پاڙيسرين کي پيغام ڏيڻ وڃي رهيو آهي ته “مان، ان پوزيشن ۾ آهيان، جو ڪجهه به ڪري سگهان ٿو”. جيستائين لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ اسلام آباد پهچن ٿا، اوستائين عمران خان جي سياسي سگهه ڪيتري رهجي ويندي،هي به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته هينئر کان ئي، ڪجهه قوتون سامهون اچن پيون، جيڪي، عمران خان جا پير ڪڍڻ جون ڪوششون ڪنديون، انهن کي واضح لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کين ڪرڻو ڇاهي. هي ڳالهه ته سامهون اچي چڪي آهي ته فيصل واوڊا جهڙو ماڻهو، جيڪو عجيب غريب ڪرتب ڏيکاريندو رهيو آهي، اهو منظر تي ان وقت ظاهر ٿيو،جنهن وقت هڪ صحافي جو پرڏيهه ۾ قتل ٿيو. هن ان قتل ۽ لانگ مارچ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه چيو، اهو اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي. موجوده وقت ۾، فيصل واوڊا جي گهڻي اهميت ناهي، پر انهن ڳالهين جي انڪري اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته اهي عمران خان جا غار يار ڪري رهيا آهن.
جنهن وقت لاهور جي لبرٽي چوڪ تان لانگ مارچ شروع ٿي رهيو هو، ان وقت ميڊيا تي هي خبرون به آيون ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن. پرويز الاهي ۽ ان جو پٽ مونس الاهي، جيڪي عمران خان جا اتحادي آهن، اهي آهستي آهستي پاڻ کي سمورين سياسي سرگرمين کان پرڀرو ڪري رهيا آهن. هنن لاهور ۾ رهڻ پسند نه ڪيو ۽ اباڻي شهر هليا ويا. ان دوران پنجاب اسيمبلي جي پنجن ميمبرن نه صرف پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، پر ايم پي اي شپ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان سان يقينن پرويز الاهي جي نالي ماتر اڪثريت به ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن لانگ مارچ جي پڄاڻي کان پهريان ئي پنجاب جي گورنر وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو يا وفاقي حڪومت ڪو خطرناڪ قدم کنيو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. ان سان گڏ عمران خان جي حمايت ۾ صرف ڪي پي ڪي جي حڪومت رهجي ويندي، ماضي ۾ به عمران خان جي سگهه اهائي حڪومت رهي، پر اها وفاق ۾ حڪومت جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهي هئي. هينئر ماضي جي مقابلي ۾ صورتحال گهڻي مختلف آهي. ان وقت جيڪي قوتون، عمران خان ۽ ان جي سياسي ڪزن قادري پٺيان بيٺل هيون، اهي هينئر پاڻ کي “غير سياسي” سمجهن ٿيون. انهن قوتن تي زور ڀريو پيو وڃي ته هو پنهنجي پراڻي اسائينمنٽ تي اچي وڃن، پر اهو ممڪن نظر نٿو اچي. ميان نواز شريف جي حڪومت جنهن طريقي سان گهر ڀيڙي ڪئي وئي، ان لاءِ پڇتاءُ موجود آهي. جيڪا ماضي ۾ غلطي ڪئي وئي، ان کي ٻيهر ورجائڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي. هينئر ايترو ئي ڪافي ناهي ته رڳو ماضي تي پڇتاءُ ظاهر ڪجي، اهي قوتون جيڪي ماضي تي ملال جو اظهار ڪري رهيون آهن، انهن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪو سُٽ لاڳاتار الجهي رهيو آهي، ان کي سلجهائي ڪيئن سگهجي ٿو. هينئر ڪيتريون ڳالهيون جيڪي اهم مقررين جي حوالي سان ٿيون پئي، اهي ختم ٿي ويون آهن. حڪومت توڙي عمران خان، جيڪي به آڇون ڪيون پئي، اهي درست نه هيون. هي ڳالهه ته بنهه درست نه هئي ته ڪنهن سرڪاري ملازم کي ايوب خان جيان فيلڊ مارشل يا سموري حياتي لاءِ عهدي تي ويهاريو وڃي. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اسان لاڳاتار Space پيدا ڪري رهيا آهيون، اهي قوتون موجود آهن،جيڪي ان خال کي ڀري سگهن ٿيون. هي نه پيو سوچيو وڃي ته ان سان ملڪ اندر جمهوري عمل کي ڪيترو فائدو يا نقصان ٿي سگهي ٿو. هي معمولي نوعيت جون ڳالهيون ناهن، پر انتهائي سنجيده قسم جون آهن، هي ئي اسان جو مائينڊ سيٽ آهي. انڪري اسان کي سياسي ڊسڪورس تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي ته ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون.
ڪجهه حلقا چئي رهيا آهن ته معاملا ايترا آسان ناهن، جو انهن کي هڪ جهٽڪي سان حل ڪري سگهجي. ان حوالي سان سمورين سياسي قوتن کي آن بورڊ وٺڻو پوندو. هي ڪم سياسي ۽ غير سياسي قوتون ڪري سگهن ٿيون، پر ضروري آهي ته اهو ڪم سياسي قوتن کي ڪرڻ ڏنو وڃي. هيل تائين، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ملڪ جي اڪيلائپ آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ٿي ته مٿان عدم استحڪام منهن ڪڍيو آهي. ان جا ڏورس اثر سامهون ايندا. ان جي قيمت طاقتور قوتن کي نه پر ڪمزور طبقن، يعني عام ماڻهو کي ادا ڪرڻي پوندي، هي اهي عام ماڻهو آهن، جيڪي پهريان ئي پريشان آهن، هو پنهنجن ٻچن کي ٻن ويلن جو ماني ڳڀو کارائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، هي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.
جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي بحران کي حل ڪرڻو آهي ته ان حوالي سان بنگلاديش جو ماڊل خراب ناهي. هي الڳ ڳالهه آهي ته اتي صرف بنگالي قوم جي اڪثريت آهي، پر هي گهڻ قومي ملڪ آهي، هِتان ۽ هُتان ۾ فرق هي آهي ته اهي قوتون جيڪي اقتدار کي پنهنجي گوڏي هيٺان رکنديون هيون، اهي ڪمزور ٿي ويون، سمورا معاملا سياسي ڌرين جي حوالي آهن، اهي معاشي توڙي سياسي صورتحال کي بهتر طريقي سان هلائي رهيون آهن. انهن قوتن کي ڌِڪي پاسيرو ڪيو ويو آهي، جيڪي هر ڀيري مشڪلاتون پيدا ڪنديون هيون. بنگلاديش کي گذريل پنجن سالن کان ڏسو ته اهو صحيح گس تي آهي، اسان کي پنهنجن معاملن کي سلجهاڻئو آهي، ان حوالي سان وڏي پيماني تي سرچاءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻي آهي.