موجوده اتحادي حڪومت جنهن انداز سان حڪومتي وهنوار هلائي رهي آهي، ان مان اهو محسوس ٿي نه رهيو آهي ته ملڪ اندر ڪو سياسي بحران آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جا دورا، معمول مطابق ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزير کان وٺي وزير اعظم تائين، سمورا حڪومتي ۽ رياستي عهديدار پنهنجي پنهنجي انداز سان معاملن کي اڪلائي رهيا آهن. هينئر به حڪومتي عهديدارن جي پائيپ لائين ۾ پرڏيهي دورن جي ڊگهي لسٽ آهي. ملڪ جا معاشي معاملا بقول حڪمرانن جي درست ٽريڪ تي اچي ويا آهن، بس سياسي اڻبڻت معاملي کي الجهائي پئي. عمران خان جو لانگ مارچ بلڪل ڪميءَ جي رفتار سان اڳتي وڌي پيو، پر اهي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي مارچ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي ختم نه ٿي وڃي. ان جا هڪ کان وڌيڪ سبب سامهون اچي رهيا آهن. سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته لانگ مارچ، جنهن کي ڪي شارٽ مارچ به سڏين ٿا، اهو ڪنهن وقت روڊن ۽ رستن تي نظر اچي ٿو ته ڪنهن وقت عمران خان سميت سموري قيادت طاقتور حلقن سان ملاقاتن ۽ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ منظر تان غائب ٿي وڃي ٿي. منظر تان غائب ٿيڻ واري معاملي تي حڪومت جو موقف هڪڙو ته پي ٽي آءِ قيادت جو ٻيو آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته عمران خان کي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ اڌ رستي ۾ چيو وڃي ته هو باهه ۾ آڱرين ساڙڻ بدران سياسي طريقا اختيار ڪري. هن کي محفوظ رستو ڏيڻ لاءِ ڪي اعلان به ٿي سگهن ٿا. ضروري ناهي ته انهن تي عمل به ٿئي. پهرين ته اهي افواهه اچي رهيا هئا ته عمران خان اقتدار جي ايوانن مان نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ هو ڪنهن سگهاري قوت سان ڳالهائڻ لاءِ وري وري چڪر ڪاٽيندو. پر هاڻ سمورا ننڍا وڏا عهديدار پاڻ چئي رهيا آهن ته ان نوعيت جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن، پر انهن جا نتيجا انڪري نه نڪتا آهن ته عمران خان جي قول فعل ۾ تمام گهڻو تضاد آهي. عمران خان رات جي اونداهيءَ ۾ معاملن کي طئي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، هو رات جي اونداهيءَ ۾ هڪڙيون ۽ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته لانگ مارچ دوران پردي جي پٺيان ڳالهيون هلي رهيون آهن يا ختم ٿي ويون آهن؟
لانگ مارچ دوران عمران خان جي شارٽ ٿيڻ جو سندس مخالف هي سبب ڄاڻائين ٿا ته هو هينئر به جمهوري انداز سان معاملن کي حل ڪرڻ ۾ يقين نٿو رکي. هن جا آئيڊيل جيڪي اڳواڻ آهن،انهن جي Standing and Behavior مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهي One man Army آهن. پر ان جي باوجود کين پنهنجي عوام ڏانهن ووٽ لاءِ وڃڻو پئي ٿو. عمران خان وزير اعظم جي ڏينهن ۾ ٽن ملڪن جي سربراهه کي آئيڊيل بڻايو، جن ۾ سعودي عرب جو محمد بن سلمان، ترڪيءَ جو صدر اردوان ۽ ملائيشيا جو مهاتير محمد. اهي ٽئي اڳواڻ، دنيا جي بدترين حڪمرانن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. محمد بن سلمان تي الزام آهي ته هن پنهنجي شاهي خاندان مان مخالفن جي صفائيءَ جي شروعات ڪئي. هو هينئر به وڌ کان وڌ اختيارن تي قبضو ڄمائڻ چاهي ٿو. ترڪيءَ جي اردوان پنهنجن مخالفن خاص ڪري عبدالله اوڪلان ۽ ٻين مخالفن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو، اها خطرناڪ ظالماڻي روش آهي. ملائيشيا جو مهاتير محمد ڀلي پنهنجي ملڪ لاءِ سٺو حڪمران هو يا نه، پر مخالفن کي جنهن انداز سان چيڀاٽيو، ان جو ورلي مثال ملي ٿو. ساڳيو انداز عمران خان جو ملڪ اندر هو. هن جي مڙني الزامن، جيلن ۽ قيد بند جي صعوبتن باوجود، هن جا مخالف کيس سياسي طور مات ڏئي اقتدار ۾ اچي ويا. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان جي ذهن ۾ ڪهڙي نوعيت جي حڪمراني آهي. هن جي پارٽي شروع کان Solo Flight جي حامي رهي آهي. هينئر به اها اڪيلي سر ميدان ۾ نڪتل آهي. ان نوعيت جي سوچ، اهڙا ملڪ، جتي جمهوري قدر ڪمزور هجن، اتي انهن قدرن کي وڌيڪ ڪمزور ڪندا آهن. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ Plural سياسي سوچ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سويلين فورسز ۾ پارٽنرشپ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جمهوري ادارا ڪمزور آهن ۽ سياسي قيادت به خودمختيار ناهي. سياسي پارٽين کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڊيپ اسٽيٽ گهڻي سرگرم رهي ٿي. انڪري سياسي اڳواڻن جي باري ۾ عوامي سطح تي شڪ ظاهر ڪيا وڃن ٿا ته اهي آزادي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان اقتدار جي ايوانن ۾ نٿا پهچن. هاڻ ته اهي ڌريون، جيڪي، سياسي پارٽين کي اقتدار ۾ آڻين ٿيون، انهن به اعتراف ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته ڪهڙي سياسي ڌر يا اڳواڻ کي هو اقتدار ۾ وٺي آيا. ان سان عوام جي ووٽ جي طاقت جي اهميت به ختم ٿي وڃي ٿي. عام ماڻهو يا ووٽر ۾ اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته انهن جي ووٽ جي ڪابه اهميت ناهي، ڇاڪاڻ ته آر ٽي ايس جهڙا سسٽم ڪنهن به وقت هاءِ جيڪ ٿي سگهن ٿا ۽ چونڊ نتيجا تبديل ٿي وڃن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف، شايد پهريون ڀيرو يوٽيوبرز سان لاهور ۾ ملاقات ڪري، اهم مقرريءَ جي حوالي سان جيڪي انڪشاف ڪيا، انهن کي اوپن سيڪريٽ سڏيو وڃي ٿو. وزير اعظم پردي پٺيان هلندڙ معاملن کي دير سان ظاهر ڪيو، پر اهي ڳالهيون اڳ ئي وي لاگرز وٽ پهچي چڪيون هيون. انهن ايتري معلومات سامهون آندي جو وزير اعظم جي ڳالهه ڄڻ Out of Dated اطلاع لڳو پئي. پر ان جي اهميت انڪري آهي ته جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون، انهن جي تصديق ٿي وئي. ان سان گڏ اها ڳالهه چوڻ ته آئين ۾ سمورين مقررين جي حوالي سان اڳ ئي وضاحت ڪئي وئي آهي. جنرل ضياءَ جن اختيارن تي قبضو ڪيو هو، اهي پارليامينٽ کي واپس ڪيا ويا. اهي اختيار وزير اعظم کي ملڻ کانپوءِ صدر جي حيثيت علامتي ٿي وئي. انڪري هاڻ جيڪڏهن ڪا اهم مقرري ڪرڻي آهي ته اها وزير اعظم ئي ڪندو. اهو وزير اعظم جي صوابديد تي ڇڏيو ويو آهي ته اهو پنهنجو مائينڊ اپلاءِ ڪري معاملي کي سلجهائي. اهو الڳ سوال آهي ته ڇا اتحادي حڪومت ۾ وزير اعظم ايترو آزاد ۽ خودمختيار آهي، جو هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪا مقرري ڪري؟ ان حوالي سان عام سوچيندڙ سمجهندڙ به سمجهي سگهي ٿو ته فيصلا اتي ۽ انهن کي ئي ڪرڻا آهن، جيڪي بااختيار آهن. ڪي فيصلا لنڊن مان ٿيندا، ڪي اتحادي ڪندا، ڪي عسڪري هائوس مان ايندا ته ڪي ڪنهن ٻئي ذريعي معرفت ٿيندا. ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ اهڙن فيصلن ڪرڻ کان اڳ مشورا به ڪيا ويندا ۽ دٻاءُ به ايندا. ان جو مطلب سمجهي سگهجي ٿو.
پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري، جنهن وقت ايوان صدر ۾ موجود هو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت هڪڙو فيصلو ڏنو هو ته صدر جو عهدو غير سياسي آهي، انڪري اتي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي نٿي سگهي ۽ صدر ڪنهن سياسي معاملي ۾ حصو وٺي نٿو سگهي. پر صدر ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهي ٿو؟ صدر جي چونڊ سياسي بنيادن تي ٿي سگهي ٿي؟ سياسي پارٽيون صدر چونڊڻ لاءِ مخالفت ۽ حق ۾ ووٽ ڏئي سگهن ٿيون؟ سياسي پارٽيون صدر کي پنهنجي اميدوار طور نامزد ڪري سگهن ٿيون؟ ان سان گڏ هو ڪيترن ئي سياسي مرحلن مان گذري ايوان صدر ۾ پهچي ٿو پر هو عهدو سنڀاليندي ٻارهون نمبر کيڏاري ٿي وڃي ٿو! هن نوعيت جي فيصلن ڪرڻ وقت ڪيتري ڏاهپ استعمال ڪئي وئي؟ اهي سڀ ڳالهيون عقلمندن لاءِ سوچڻ جهڙيون آهن. هاڻ به ساڳيا اعتراض سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. صدر عارف علوي مڙني اعتراضن ۽ عدالتي فيصلن جي باوجود پنهنجي پارٽيءَ لاءِ طاقتور حلقن ۽ عمران خان ۾ ٽياڪڙي ڪري ٿو. هينئر به هو جوڙ توڙ ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو ۽ ڪري رهيو آهي. هيءَ سڀ ڪجهه ظاهري طور ۽ لڪ ڇپ ۾ ٿي رهيو آهي. ان مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته رياست جو سربراهه صدر، عدالتي فيصلن جون ڪيئن ڌڄيون اڏائي رهيو آهي؟ ان حوالي سان خبرون اينديون رهن ٿيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر صدر عارف علوي فنڪشنل ٿي ويو آهي. هو لڳاتار اننگز کيڏي رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن جو سياسي وزن ايترو ناهي جو اثرانداز ٿي سگهي، انڪري ڪي هاڪاري نتيجا سامهون نه اچي رهيا آهن.
اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل ناهي ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن سياسي ڊيڊ لاڪ وڌي رهيو آهي. عمران خان بيڪ ڊور ذريعي معاملن کي پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ گهري ٿو، پر پاڻي ايترو ته تارو تار ٿي ويو آهي، جو معاملا سلجهڻ بدران الجهي رهيا آهن. اها حقيقت آهي ته معاملن کي سياسي انداز ۾ حل نه ڪيو ويو ته ڪا ڳڙٻڙ به ٿي سگهي ٿي. پر اهو واضح ٿي رهيو آهي ته عمران خان جو معاملن کي سلجهائڻ جو طريقيڪار درست ثابت نه ٿي رهيو آهي. عمران خان ۽ مختلف قوتن ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. هاڻ ته باقاعدگيءَ سان ليڪو به نڪري چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان رستن ۽ روڊن کي گرم ڪري، اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته هو پاپولر آهي. پر اها ڳالهه مارچ ۾ شامل ماڻهن جي انگ مان درست ثابت نه ٿي رهي آهي. مخالفن جي ڳالهين کي ڇڏي سمجهي سگهجي ٿو ته ماضي ۾ اهڙي مارچ جو ڪو مثال نٿو ملي.