سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ جيڪو طبقو متاثر ٿيو آهي، اهو هاري آهي. ٻين جي زمين تي هارپو ڪندڙن لاءِ اڄ به ٻين ويلن جي ماني کائڻ مسئلو لڳو پيو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لاٿ اچي رهي آهي پر ڪٿي ڪٿي زمينن ۾ اڃا به پاڻي موجود آهي، جتي پوکي ڪرڻ ڏکي آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف هاري پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت 1800 ارب قرض جي مد ۾ ڏنا ويندا. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو قرض هارين کي واپس ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم شهباز شريف “هاري پئڪيج” تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ اعلان ڪيو آهي. هاري پئڪيج نيوز ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اهو قرض چار سئو ارب رپيا وڌيڪ آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ هارين جي روزگار جي بحاليءَ لاءِ خاص پئڪيج تيار ڪرايو آهي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بنا زمين وارن هارين لاءِ پنج ارب رُپيا سبسڊائزڊ قرض ڏنا ويندا، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ سمال ۽ اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز لاءِ ڏهه ارب رُپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڊي اي پي جي في ٻوريءَ جي اگهه ۾ 2500 رُپيا لاٿ ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي 12 لک بيگز ورهايا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر علائقن ۾ ننڍن هارين جا قرض معاف ڪيا پيا وڃن. ٻاهران پنج سالن تائين پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني پئي وڃي. شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ٽريڪٽر جا اگهه گهٽ نه ٿيڻ سبب اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته پنج لک ٽن يوريا درآمد ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻه لک ٽن يوريا درآمد ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته بيروزگار نوجوانن لاءِ جيڪي زرعي شعبي ۾ پنجاهه ارب رُپين جا قرض رکيا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت ڇهه ارب چاليهه ڪروڙ رُپين کان وياج جي شرح ۾ سبسڊي ڏيندي، کين سستو قرض ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي تصديق ٿيل ٻج جون 12 لک ٻوريون ورهايون وينديون، جنهن جي 25 سيڪڙو ادائيگي وفاق ڪندو. جڏهن ته 25 سيڪڙو ادائيگي ڪرڻ جا صوبا پابند هوندا. ان لاءِ 13 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان کان شاندار پئڪيج نه پيو ٿي سگهي. ان تي عملدرآمد جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان پئڪيج سان زراعت چئن کان ڇهن مهينن ۾ ايتري سگهاري ٿيندي جو ملڪي معيشت کي تمام گهڻي هٿي ملندي. هن چيو ته ٻوڏ سموري پاڪستان ۾ تباهي آندي، 40 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. ڪپهه ۽ چانورن جي فصلن کي نقصان ٿيو، اهڙي ريت ڪمند جي فصل کي به نقصان پهتو.
هاري اڳ ۾ ئي فصل تباهه ٿيڻ سبب برباد لڳا پيا آهن. انهن وٽ ايترو پئسو ناهي جو اهي پنهنجي مانيءَ جو بندوبست ڪري سگهن. اتي جيڪڏهن انهن کي فصل پوکڻ يا ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ قرض ڏنو ويندو ته اڳيان هلي اهي وري اهو قرض ڪيئن لاهي سگهندا. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته ڇا ان قرض جي رسائي حقيقي طور هارين کي ٿيندي. سنڌ ۾ هزارين بي زمين هاري آهن، جيڪي ڪنهن وڏيري يا زميندار جي ٻنيءَ تي هارپو ڪن ٿا. انهن کي جيڪڏهن قرض ڏنو ويندو ته اهو قرض زميندار حوالي ٿيندو. تنهنڪري هارين کي سکيو ڪرڻ لاءِ حڪومت جيڪڏهن ڪي اپاءَ کڻي رهي آهي ته بهتر ڳالهه آهي پر حڪومت کي ان ڳالهه تي ويچارڻ گهرجي ته اها هارين کي قرض ڏيڻ بدران امداد ڏئي. ڇاڪاڻ ته هاري اڳ ئي زميندار جي قرض هيٺ دٻيل هوندا آهن. جيڪڏهن وري به انهن کي قرض ئي ڏيڻو آهي ته اهو فيصلو ڪنهن به ريت انهن لاءِ لاڀائيتو ڪونه ٿيندو. سنڌ ۾ هيءَ اهڙُو وقت آهي، جڏهن فصل جي پوکائيءَ جو سلسلو شروع ٿي وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وقت سر فصل نه پوکيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي ويندي. جنهن سان عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. کاڌي پيتي جي شين جي اگهه وڌي ويندا ۽ عوام جي کيسي تي مالي بار پوندو.
اسين سمجهون ٿا ته هاري طبقو هن وقت وڌيڪ ڏتڙيل حالت ۾ آهي، ان ڪري ان جي وڌيڪ سهائتا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها سهائتا قرض وسيلي نٿي ٿي سگهي، پر امداد وسيلي ضرور ٿي سگهي ٿي. ان کان سواءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته هارين لاءِ رکيل پئسا هارين کي ملندا ۽ اهي ئي ان رقم جا اصل حقدار آهن.