سترهين صديءَ ۾ جڏهن دنيا زرعي دور مان گذري صنعتي دور ۽ پوءِ سرمائيداريءَ جي هڪ هٽي واري دور ڏانهن وڌي رهي هئي ته سرمائي جو وڏو حصو ڪجهه ماڻهن وٽ ذخيرو پئي ٿيو. هڪ پاسي مظلوم ۽ پيڙجندڙ مزاحمت لاءِ، جڏهن ته ظالم ۽ پيڙيندڙ، ذخيرن ۽ غلامين جا نوان طريقا ڳولي هر شيءِ کي سرمايو سمجهي قبضاگير بڻجڻ لاءِ ڪوشان هئا. جنهن سبب هيٺيون طبقو ۽ خاص طور عورت گهڻي تڻي متاثر ٿي رهي هئي.
ناول “هڪ نوڪرياڻي جي ڪٿا” (The Handmaid’s Tale) ۾ ڪينيڊا جي ليکڪا مارگريٽ ايٽ ووڊ عورتن مٿان بيٺڪيتي روين جي وڌندڙ بار جي عڪاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو هڪ صورت ۾ عورت واد ادب ۾ اضافو به چئي سگهجي ٿو. سترهين صديءَ ۾ جڏهن موسمي تبديلين ۽ زهريلن مادن جي ڪري عورتن جي وڏي انگ ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي هئي. تڏهن “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” وانگر زرخيز عورتون رياست جي چڱن مٺن ۽ سرمائيدارن لاءِ اهم ۽ قيمتي ملڪيت هيون. عورتن جي پڙهڻ تي پابندي هئي ۽ ان مهل مرداڻي بيٺڪيت جا سماج تي خطرناڪ اثر پيا جو ڪمانڊرن جون زالون به صاف صاف ڪونه ٻڌائي سگهنديون هيون ته کين پيٽ سندن مڙسن سبب نٿو ٿئي. سو هو نوڪرياڻين کان اولاد گهرنديون هيون ۽ پنهنجن مڙسن کان جدا ڪري قيد بڻايل نوڪرياڻيون، جيئن ته ٻار ڄڻڻ جي اڃا قابل هيون. سو سٺي زندگيءَ جو مزو ماڻي به سگهيون پئي پر مڙهيل سيڪس سميت قيد، سزائون، پهرن ۽ نظربندين کان بچڻ لاءِ کين پڻ دعا گهرڻي پوندي هئي ته شل خدا ڪمانڊر کين ٻار سان نوازي وجهي.
هيءَ ناول لکڻ پويان هڪ بنيادي سبب ويهين صديءَ جي پڇاڙي (1980) ۾ ٿيندڙ عورتن جي حقن جي تحريڪن تي ساڄي ڌر جا شديد مذهبي ردِعمل به هئا، جيڪي عورتن خلاف هڪ خاص ۽ بي بنياد پروپئگنڊا يعني توليدي عمل روڪڻ يا حمل ڪيرائڻ، ڳورن جي نسل ڪشي سميت انهن جي پيدائشي شرح ۾ گهٽتائيءَ جو سبب بڻيا پئي. اهي ردعمل مذهبي بحثن ذريعي عورتن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا هئا. ساڳئي دور ۾ نيوڪليئر جنگين خلاف پڻ تحريڪون هلي رهيون هيون، جن عالمي جنگين دوران جاني مالي ۽ ماحولياتي نقصان پهچايا هئا. جن جي هاڃن کان مستقبل کي بچائڻ بنهه گهڻو ڏکيو هو. اڃا ته سرد جنگين وارو زمانو به هلندڙ هو ۽ انهيءَ ساڳي عرصي ۾ ليکڪه مارگريٽ ايٽ ووڊ جڏهن ايران جو مذهبي انقلاب (1978) ڏٺو، جنهن عورتن جي حقن کي گهڻو گهٽائي ڇڏيو ۽ ايراني عورتن تي سخت لباس ڪوڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، جيڪو هوبهو ڏسڻ ۾ سترهين صديءَ جي جِليئڊ (Gilead) جيئن هو، تنهنڪري هُن ناول “هڪ نوڪرياڻيءَ جي ڪٿا(The Handmaid’s Tale)-1985” سرجيو. جيڪو ڊسٽوپيائي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. جنهن ۾ انسانن جا قدر يرغمال بڻائي کين جنس، ذات پات، ڪم ڪار ۽ سيڪس جي بنياد تي ورهائي، انهن ۾ پيدا ڪيل متڀيد جي موضوع کي بحث هيٺ آڻي ٿو. نه فقط ايترو پر ناول پنهنجن سوالن ذريعي نظرياتي ڪٽرپڻي کي پڻ رد ڪندي سائنس جي انهن نظرين کي چيلينج ڪري ٿو، جيڪي مفروضي طور حڪومتن جي ڪڌن عملن کي ڍڪين ٿا ۽ ائين ناول عورت جي سوال کي اڀاري اهميت ڏي ٿو.
ناول جي خاص ڳالهه ناول جو آخري باب آهي، جيڪو ماضي ۾ سترهين صديءَ کان ويهين صدي تائين عورتن جي حقن سان ٿيل هٿ چراند ۽ واقعن کي مدِنظر رکندي، مستقبل ۾ موسمي تبديلين ۽ وري عورتن تي پدرشاهاڻي اختيار جي ڳڻتي ظاهر ڪري ٿي.
ناول جي ڪهاڻيءَ جو پسمنظر هن ريت آهي:
“گورن ڪمانڊرن نوڪرياڻين کي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ قيد ڪري رکيو هو. لٺيون، ٿُڏا، گاريون ۽ مڙهيل سيڪس مان هوءَ سڀ خفا ٿي چڪيون هيون. سندن اصلي سڃاڻپ انهن فرضي نالن مان ڳولڻ اوکي هئي، جيڪي کين فقط ڪمانڊرن جي ملڪيت ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هئا. سندن فرضي نالا غلامي ۽ محروميءَ کان وڌيڪ ڪجهه به ظاهر ڪري نه ٿي سگهيا. اهي محبت لاءِ واجهائي رهيون هيون، انهن قيدياڻين کي پنهنجن مائرن، ڀائرن، ڀيڻن جي سڪ ستائي رکيو هو. انهن جون اکيون پيار ڪندڙن کي ڏسڻ ۽ انهن جي ٻانهن ۾ پنڪيون کائي خواب ڏسڻ لاءِ تڙپي رهيون هيون. اهي بيڪار ۽ بنجر ڪمانڊرن مان تنگ هيون. تنگ ته سندن زالون به هيون، پر اهي ڪمانڊرن بدران قيدي عورتن کان اولاد گهرنديون هيون، جن لاءِ پڻ اولاد ڇوٽڪاري جو ذريعو هو. اهي جليئڊ سلطنت )انجيل مان اخذ ڪيل آمريڪا جو ٻيو فرضي نالو) جي پابندين کي ڪنهن حد تائين قبول به ڪري چڪيون هيون، ان ڪري اُهي پابنديءَ سان حڪم تي پوريون لهي رهيون هيون، حڪم بس هڪ هو:
“خاص لباس تي رکيل ڪم پورا ڪرڻ”
انهن لباسن جي رنگن موجب ڪم به ورهايل هئا ۽ عورتن جا قسم به! مثال طور گورن ڪمانڊرن جون زالون نيرو رنڱيل وڳو پائين، آنٽيون ناسي، دايون (Marthas) سائو رنگ اوڍين ۽ نوڪرياڻيون ڳاڙهي برقعي تي وڏي اڇي ٽوپي، مٿو ۽ منهن ڍڪين. آخري قسم جون ڳاڙهي برقعي واريون عورتون سيڪس ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ هيون ۽ ساون لٽن واريون دايون ڪمانڊرن جي شاهي گهرن جا ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ، ڇو ته اهي ٻار ڄڻڻ جي قابل نه رهيون هيون.”
آزادي انقلاب سان ملندي آهي ۽ انقلاب مضبوط پاڙون گهرندو آهي، ٻڌي ۽ ايڪو اها مضبوط پاڙ آهي. سو پهريون قدم کڻڻ لاءِ هڪ سبب ئي ڪافي هوندو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ناول ۾ ڪارڻ ته ڏيکاريو ويو آهي پر گڏيل مزاحمتي گَسَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو نه ويو آهي. ان جي ابتڙ ڪردارن ۾ نظام خلاف ڇِڙوڇڙ شخصي مزاحمت، چڙ ۽ ڪاوڙ ڀري وئي آهي. گڏ ٿيڻ لاءِ هڪ سبب ڪافي آهي: جيئن هن ئي ناول تي ٺهيل فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته:
“اهو انهن جو ئي ڏوهه آهي، جيڪڏهن هو نه چاهيندا هئا ته اسان ڪو گروهه بڻجون ته کين اسان کي وردي (ڳاڙهو لباس) نه ڏيڻ کپندي هئي”.
هيءَ ناول ڇوڪريون ضرور پڙهن، پر فيمينزم جي پرچارڪ عورتن کي هن ناول تي تنقيدي ۽ تعميري بحث به ڪرڻ کپن. ڇو ته ناول عورتن سان جڙيل نئين دنيا ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ ان ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته ڪيئن نه ڏکيو وقت خيالي دنيا جي ارتقائي عمل ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڪيئن نه عورت تي حاوي ٿيندڙ احساسن جي ردوبدل وقتن ۽ حالتن سان جڙيل هوندو آهي. سو ناول موضوعاتي حساب سان پڙهڻ جهڙو آهي. باقي اهو پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي ته هو ناول ۾ ڪيتري مُلائيت/عيسائيت ڏسي ٿو. ڪيتري گوناگونيت ۽ همه گيريت (totalitarianism) ڏسي ٿو. آخري باب (تاريخي نوٽ) پڙهندي لڳي ٿو ڄڻ هيءَ ناول اڻ ڄاول پڙهندڙن لاءِ لکيل هجي، جيڪي ماضي سميت پنهنجي حال لاءِ ڪيل اڳڪٿين کي پڙهي سگهندا.