ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار لکين ٻار

Editorial

جنهن ملڪ ۾ ٻار محفوظ نه آهن ته اهو ملڪ ڪنهن به ڄمار جي ماڻهوءَ لاءِ محفوظ نٿو ٿي سگهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ غيرمحفوظ هجڻ وارو تصور رڳو ٻارن تي لاڳو نٿو ٿئي پر اهو عورتن ۽ مردن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي ماڻهو جسماني تشدد کان وٺي جنسي تشدد جا شڪار ٿيندا رهندا آهن. نتيجي ۾ اهي ڪيترين ئي نفسياتي بيمارين کي ڀوڳيندا آهن. جنسي يا جسماني تشدد ٻنهي صورتن ۾ ٻارن جي شخصيت تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ اهڙي ريت اهي ٻار پريشانين جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي وڃائي ڇڏيندا آهن. ٻار جيئن ته آسان هدف هوندا آهن، تنهنڪري اهي اسڪولن، مدرسن ۽ گهرن ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. اهو سلسلو جيئن جو تيئن اڄ سوڌو جاري آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪيسن ۾ ڪابه پوئواري نه ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ هر هنڌ جاري رهندي آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي بابت پڌري ٿي آهي، اها ڇرڪائيندڙ آهي. اهو انگ لکن ۾ آهي. سڄي ملڪ ۾ جڏهن اهڙا واقعا ٿين ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته ٻارن کي ڪٿي به تحفظ ڪونه پيو ملي. اهي هر پاسي کان غير محفوظ لڳا پيا آهن. پر ملڪ جي سمورن ٻارن کي هر حوالي سان تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ان حوالي سان ٻارڙن جي مرضن وارن ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 5 لک 50 هزار ٻارڙا جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿين ٿا. جڏهن ته فقط ڪجهه سئو ڪيس ئي منظرعام تي اچي سگهن ٿا. سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر نعيم ظفر ٻڌايو ته زيادتيءَ جو شڪار ٿيندڙن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ٻئي شامل آهن. ميڊيا تي ايندڙ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا ننڍڙو حصو آهن، حقيقتون ان کان وڌيڪ خوفناڪ آهن. قانون موجود آهن پر عملدرآمد نه آهي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر طفيل محمد چيو ته گهڻا ٻارڙا پنهنجي گهر ۾ ئي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. گهرن مان ڀڄندڙ ٻارڙن جو ٻاهرين دنيا ۾ استحصال ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر 6 مان هڪ ٻار جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي وڃي ٿي. 46 لک ٻارڙين جي شادي 15 سالن کان گهٽ عمر ۽ هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي شادي 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ٿي وڃي ٿي. مٿي ڄاڻايل رپورٽ موجب جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن جا ڪيس بنهه گهٽ رپورٽ ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ٿين به ٿا ته قانون هوندي به انهن تي عملدرآمد نٿو ڪيو وڃي. نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو ٻارن کي پنهنجي جنسي بک جو نشانو بڻائين ٿا، اهي آزاد رهندا آهن ۽ اهڙا ڪيترائي ٻار انهن جي ور چڙهي ويندا آهن. جن سان اهي جنسي ڏاڍائي ڪندا آهن يا وري جنسي تشدد ڪري اذيت ڏيندا آهن. تنهنڪري هر سال 5 لک کان مٿي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن جي پوئواري ٿيڻ گهرجي. انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي. ان کان سواءِ ٻارن جي اهڙي تربيت پڻ ڪئي وڃي جو اهي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيڻ کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهن. ڇاڪاڻ ته ٻار جڏهن ان عمل مان گذرن ٿا ته اهي ڳالهه ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ ائين ڪيس به داخل نه ٿي سگهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جي مٽن مائٽن ۾ به جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت پڻ آهي ته اهي ڪهڙي ريت پنهنجن ٻارن کي ان ظلم کان بچائي سگهن ٿا. ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ هڪ پاسي ته رياست جو ڪم آهي پر ٻئي پاسي انهن ماڻهن جو ڪم پڻ آهي، جيڪي ٻارن جي ويجهو رهن ٿا ۽ ٻارن سان انهن جو ڪو رشتو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ رپورٽ اسان جي سماج جو آئينو آهي. ان جي روشنيءَ ۾ اسان کي ٻارن کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ عملي طور تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا ته جيئن ٻار بنا ڪنهن عذاب جي زندگي گذارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button