ڪنهن کي علم ته ڇا پر ڪنهن جو اندازو به نه هو ته عمران خان جي مٿان ان لانگ مارچ دوران نه رڳو حملو ٿيندو پر هو گولي لڳڻ سبب زخمي به ٿي پوندو. اهو لانگ مارچ هن مهل لهوءَ جي رنگ ۾ رنگجي ويو آهي، جنهن لانگ مارچ دوران عمران خان جي ڪنٽينر مٿان هڪ عجيب شخص فائرنگ ڪري ڏني. اهو شخص جنهن جو موقف آهي ته هن عمران خان کي ان لاءِ نشانو بڻايو ته بقول سندس عمران خان عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. اهو بظاهر عام ماڻهو آهي پر ارشد شريف جي قتل کان پوءِ عمران خان جي مٿان حملو ۽ هن جي ويجهن ساٿين جو زخمي ٿيڻ ڪنهن وڏي سازش جو حصو به ٿي سگهي ٿو. پر جيئن ته هن جي مٿان حملو ان صوبي ۾ ٿيو آهي، جنهن صوبي ۾ هن جي پنهنجي حڪومت آهي. ان ڪري عمران خان جي پنجاب حڪومت هن معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ آزاد آهي. پر هن وقت اهو سوال اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته ڇا عمران خان پنهنجي مٿان ٿيل حملي کان پوءِ لانگ مارچ ختم ڪندو يا اهو لانگ مارچ هلندو رهندو، جنهن لانگ مارچ ۾ ڪپتان جو لهو به شامل ٿي ويو آهي. اهو لانگ مارچ ان حوالي سان تاريخي اهميت اختيار ڪري ويو آهي جو عمران خان پنهنجي مٿان ٿيل حملي کان پوءِ اهو چوڻ ۾ آزاد هوندو ته هن ملڪ لاءِ گوليون به کاڌيون آهن. ان حوالي سان هو پنهنجي عجيب غريب سياسي جهاد واري فلسفي کي به هاڻي فخر سان پيش ڪري سگهي ٿو. هو چئي سگهي ٿو ته هن جو مارچ حقيقي آهي. هن جو قافلو غازين جو قافلو آهي.
عمران خان جو اهو قافلو انهن خانابدوشن وانگر هلي رهيو آهي، جن کي منزل تي پهچڻ جي جلدي نه هوندي آهي. جن کي راهه تي رمڻ ۾ به مزو ايندو آهي. اهو قافلو جيڪو 4 نومبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻو هو، ان لاءِ هاڻي 11 ۽ 12 تاريخ ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته ان جي به ڪا پڪ ڪونهي. ڇو ته عمران خان اهو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن هن جي لانگ مارچ پنهنجي مقصد حاصل نه ڪيا ته اهو 10 مهينن تائين روان دوان رهندو. هڪ وقت اهڙو به هوندو هو جو هاڻي لنڊن ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهي پنهنجي ۽ قوم جي دل وندرائيندڙ الطاف حسين لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهو نعرو هنيو ويندو هو ته “اسان کي منزل نه پر رهنما گهرجي!”
ڇا عمران خان پنهنجن حامين ۽ حمايتين لاءِ اهو رهنما ٿي ويو آهي، جنهن جي قيادت ۾ هن جو قافلو تيستائين هلندو، جيستائين عمران خان کي اقتدار نه ملي. پاڪستان ۾ طويل ۽ اڻ کٽ لانگ مارچ جو هي نئون تجربو آهي. هونءَ به هڪ هنڌ تي کپ کوڙي ويهڻ ۽ هر شام جو شو تيار ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن هڪ شهر جي ڪلهن تي رکڻ کان گهڻو بهتر آهي ته هر شهر کي ڀرپور سياسي شو ڏسڻ جو حق ملي سگهي.
عمران خان پنهنجي قسم جو هڪ عجيب ليڊر آهي. هن ملڪي سياست ۾ نوان لاڙا ۽ نوان رجحان متعارف ڪرايا آهن. هن کان اڳ ۾ به سياسي گيت ۽ گانا ٺاهيا ۽ ڳايا ويندا هئا پر عمران خان انهن ۾ سازن ۽ آوازن جو هڪ اهڙو ته منظم آهنگ پيدا ڪيو آهي جو هاڻي هر پارٽيءَ کي پنهنجي وت آهر هڪ ڊي جي بٽ گهرجي، جيڪو سائونڊ سسٽم کي وڏي مهارت سان ڪنٽرول ڪري. جيڪو ليڊر جي تقرير مطابق گانا هلائي. پوري دنيا ۾ فلمون ٺاهيون وينديون آهن پر فلمن ۾ گانا فقط ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ئي وڌا ويندا آهن. انهن گانن کان سواءِ اهي فلمون ڪامياب نه ٿي سگهنديون آهن. ساڳي ريت عمران خان گانن کي جلسن لاءِ ضروري بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان جو اهو تجربو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو. ان جي ڪاميابيءَ کي ڏسندي ٻين پارٽين به ان انداز کي اپنايو. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته عمران خان پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ تمام وڏي تبديلي آندي آهي. هن جهڙي ريت پارٽي پرچم جون ٽوپيون ۽ گلي ۾ جهنڊي جون شالون متعارف ڪرايون، اهي هاڻي هر پارٽيءَ پاران پيش ڪيون وڃن ٿيون. ان حوالي سان عمران خان کي پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ ٽرينڊ سيٽر ليڊر جي طور تي ياد ڪيو ويندو.
پنهنجي ڪامياب سياسي گرن کي گڏي سڏي ملڪي سياست ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيندڙ عمران خان هن ڀيري هڪ نئون تجربو ڪري رهيو آهي. اهو تجربو آهي “بي انتها لانگ مارچ” يعني Endless Long March جو! هو هن ڀيري اهڙي لانگ مارچ کي منظرعام تي آڻي رهيو آهي، جيڪو آهستي آهستي ۽ ڌيمو ڌيمو هلي رهيو آهي. اهو لانگ مارچ جنهن جي حوالي سان اهو ٿي چيو ويو ته اهو هڪ خوني لانگ مارچ هوندو ۽ جنهن جي سلسلي ۾ اهي اڳڪٿيون ٿي رهيون هيون ته ان ۾ اهل نظر فردن کي هر طرف لاش ۽ لاش ڪرندا نظر اچن ٿا. پر عمران خان ان خوني مارچ کي شاديءَ جي اهڙي ڄڃ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هر وک تي نچندي، ڪڏندي، ڳائيندي ۽ وڄائيندي ويندي آهي.
اهو لانگ مارچ جيڪو هن مهل تائين چئن انسانن جي جان وٺي چڪو آهي. جنهن لانگ مارچ ۾ هڪ صحافي عورت ۽ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ هڪ عام شهري موت جي آغوش ۾ پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي عمران خان جي مٿان ٿيل حملي کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي. اهو لانگ مارچ اسلام آباد ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن داخل ٿيندو؟ ان سوال تي ته عمران خان به سوچي رهيو آهي. پر بي بي سي بقول عمران خان ٻن سببن جي ڪري پنهنجي لانگ مارچ جي رفتار سست ڪري ڇڏي آهي. هڪ سبب اهو آهي ته ان لانگ مارچ ۾ ايترا ماڻهو شامل ناهن، جيترن ماڻهن کي ڪٺو ڪرڻ جي عمران خان کي توقع هئي. عمران خان جو خيال هو ته هو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي لک ماڻهو ميڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. جڏهن ته هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن چيو ٿي ويو ته لانگ مارچ ۾ هڪ ملين ماڻهن کان گهڻو وڌي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ اهو به متوقع سمجهيو ٿي ويو ته ممڪن ته اسلام باد ٻه ملين ماڻهن کي احتجاج ڪندي ڏسي. پر نامعلوم سببن جي ڪري عمران خان جو لانگ مارچ سسندو ويو. لانگ مارچ کي سسندو ۽ سڪڙجندو ڏسي ڪپتان لانگ مارچ جي رفتار کي سست رکڻ جو فيصلو ڪيو. ان حوالي سان بي بي سيءَ جو خيال آهي ته جيستائين عمران خان پنهنجي توقع مطابق خلق ڪٺي نه ڪندو، تيستائين هو اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ لاءِ داخل نه ٿيندو. هونءَ به عمران خان کي اهو معلوم آهي ته هن جي سياست ۽ زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. جيڪڏهن هن وقت ماڻهو گهٽجي رهيا آهن ته اوچتو انهن ۾ بي انتها اضافو به ٿي سگهي ٿو. لانگ مارچ جي رفتار کي گهٽائڻ جو ٻيو سبب اهو بيان ڪيو پيو وڃي ته عمران خان آرمي چيف جي تبديليءَ سان لانگ مارچ جي اسلام آباد آمد کي ملائڻ چاهي ٿو. يعني هو اهو ٿو چاهي ته جنهن وقت نئين آرمي چيف جي مقرري ٿيندي هجي، ان مهل اسلام آباد ۾ ايترو گهڻو گوڙ ڪجي جو ان جا پڙاڏا پنڊيءَ تائين پهچي سگهن.
عمران خان جي مٿان هن جي سڀ کان وڏي مخالف ميان نواز شريف جو به اهوئي الزام آهي ته هو آرمي چيف جي مقرريءَ تي اثرانداز ٿيڻ چاهي ٿو. هو چاهي ٿو ته هن جي پسند جو آرمي چيف اچي. هڪ اهڙو آرمي چيف اچي، جيڪو هن جي مٿان شفقت ڀريو هٿ رکي. پاڪستان جي سياست ۾ اهو به عجيب موڙ آهي ته هاڻي سياسي پارٽيون پنهنجي پسند جو آرمي چيف مقرر ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ پيدا ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ اهو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن وڃي رهيو آهي. عمران خان کي ٻيا ڪهڙا لقب ملندا؟ اهو سوال هن لاءِ ڪنهن به طور تي اهم ناهي. ڇو ته هو انهن لقبن کان وڌيڪ اقتدار جو عاشق آهي. هو چاهي ٿو ته هن کي اقتدار ملي. هن کي اقتدار ملي ۽ اهڙو اقتدار ملي، جهڙو اقتدار هن مهل تائين ڪنهن کي نه مليو آهي. اها ڳالهه به عمران خان جو روح رنجائي رهي آهي ته هن جو نالو به انهن وزيراعظمن ۾ شامل آهي جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهيا آهن. عمران خان جي اها خواهش هئي ته هو هڪ اهڙو وزيراعظم بڻجي جنهن پنهنجو اقتداري مدو مڪمل ڪيو هجي. اها خواهش ته هر وزيراعظم ٿيڻ واري جي هوندي آهي پر اهو اعزاز عمران خان پنهنجي کاتي ۾ لکائڻ جو خواهشمند هو. پر اهو اعزاز هن کي نه ملي سگهيو. هن ڀيري هو جنهن عوامي حمايت سان اسلام آباد طرف وڌي رهيو آهي، ان ۾ هن کي اميد آهي ته هن جي حصي ۾ پڪو پختو ۽ مدو مڪمل ڪندڙ اقتدار ايندو. اهو لانگ مارچ جنهن جا نعرا ۽ جنهن جا هوڪرا ۽ جنهن جون دانهون عوامي مسئلن جي حل لاءِ ناهن پر اهي صرف ۽ صرف عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ آهن.
تحريڪ انصاف ڇاهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ذهين ۽ تخليقي ذهن واري سياسي مبصر کان اهو سوال پڇيو وڃي ته هو ان جو جواب اهو به ڏئي سگهي ٿو ته “تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي گهٽ ۽ عمران خان جي پرستارن جو هجوم وڌيڪ آهي.” عمران خان جي پرستارن وارا لفظ به شايد تحريڪ انصاف جي اصل ترجماني ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪافي ناهن. اهو لکڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته تحريڪ انصاف عمران خان جي عاشقن جو قافلو آهي. ان حوالي سان اسان اهو لکي سگهون ٿا ته عمران خان پنهنجن هزارن عاشقن جي قيادت ڪندي ان شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو “شهر اقتدار” آهي. اهو شهر اقتدار ڏيندو آهي. جڏهن ته ان شهر جو جاڙو ڀاءُ يعني راولپنڊي وري اقتدار کسيندو آهي.
تاريخ ۾ تمام مشهور لانگ مارچ ٿيا آهن. سياست ۾ چين جي انقلابي اڳواڻ چيئرمين مائوزيتنگ جو لانگ مارچ سڀ کان وڌيڪ سڏيو ۽ سڻيو ويو آهي. اهو هڪ عظيم لانگ مارچ هو. اسان مائوءَ جي لانگ مارچ کي ڪنهن به لانگ مارچ سان ڀيٽي نه ٿا سگهون. عمران خان جي لانگ مارچ ته هڪ سياسي عياشي آهي. هو هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ شغل ڪرڻ لاءِ پنهنجو قافلو ترسائي ٿو. هن جو لانگ مارچ هڪ حوالي سان جلسن جو مجموعو آهي. هو هر شهر ۾ جلسا ڪندو ۽ گيت ٻڌندو ۽ نعرا هڻندو وڌي رهيو آهي يا پوئتي هٽي رهيو آهي؟ ڪيئن چئجي؟ پر اهو ضرور چئبو ته حملي کان پوءِ اهو لانگ مارچ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اهو لانگ مارچ جيڪو سازشي سياست جي سرن تي وڌي رهيو آهي ۽ جنهن جو ڪپتان هاڻي پاڻ کي فخر سان غازي چورائي سگهي ٿو.