ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قاتلانا سازشون ۽ سياسي جماعتون

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

عمران خان تي قاتلانا حملو هن جي لانگ مارچ جي دروان ئي ٿيو آهي، اهو قاتلانا حملو ڪندڙ هڪ جوابدار گرفتار ٿيل آهي جنهن کي حملي کان پوءِ ٻيو ٽارگيٽ وٺندي پي ٽي آئي جي ڪارڪن پڪڙي ورتو. عمران خان تي هي قاتلانا حملو جنهن ۾ هو زخمي ٿيو آهي هن جي هڪڙي ڄنگهھ ۾ گھرو زخم ڪندي گولي هڏي کي به ڪجھه متاثر ڪري وئي آهي ۽ ٻئي ڄنگھه ۾ به زخم رسيا اٿس، حملي کان ڦورن پوءِ پي ٽي آئي جي مرڪزي قيادت ان حملي جو الزام وفاقي وزير داخلا رانا ثنا الله، وزير اعظم ۽ هڪ برگيڊيئر جي مٿان لڳايو ٿو وڃي انهيءَ جو نالو ميڊيا جي اندر ظاهر ته نٿو ڪيو وڃي پر پاڻ سڀئي سمجھون ٿا ته اهو ڪهڙو نالو آهي. هن حملي جي تمام سياسي جماعتن ۽ پوري پريس سخت لفظ ۾ مذمت ڪئي آهي سڀني مذمت ڪندڙ ڌرين اهوئي مطالبو ڪيو آهي ته حملي جي مڪمل ۽ گھرائي سان جانچ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي سگھي هي حملو ڪهڙي گھري سازش جو حصو آهي ۽ اها سازش هن حملي کان پوءِ ڪهڙين ڪهڙين ڪاررواين جي پلاننگ ۾ عمل ڪندي.
هن ملڪ جي پوري تاريخ قاتلانا سازشن سان ڀري پئي آهي ۽ خاص ڪري اهي قاتلانا سازشون جن کي پاڻ ٻن حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا هڪڙيون اهي سازشون ۽ حملا جن کي کلي عام گولي ۽ دهشت جي زمري ۾ ڏسي ٿو سگھجي ۽ ٻيون پردي جي پويان اهڙيون قاتلانا سازشون ٿينديون رهيون آهن جنهن ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن کي مختلف حڪمتِ عملين جي ذريعي هٽايو ويو آهي ۽ قتل ڪيو ويو آهي جن جا پيرا اهڙي انداز ۾ لٽيا ويا آهن جو اهي چئن قدمن کان پوءِ هڪ ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا آهن پر هن ملڪ جي عجيب تاريخ به رهي آهي ته جيڪي کلي عام گولي ۽ دهشتگردي جي هٿيار سان حملا ڪيا ويا آهن.

انهن جي به پوري جانچ ناهي ڪئي وئي پر جي جانچ ڪئي به وئي آهي ته انهيءَ جي ڄاڻ نه عوام کي ڏني وئي آهي نه وري انهن کي ڪيسن کي فائلن ۾ بند ڪري ڪورٽن تائين پهچايو ويو آهي. پاڻ اهو ته ٺيڪ سمجھون ٿا ته دنيا جا طاقتور جاسوسي ادارا هن ملڪن جي اهڙين سازشين کي تمام گھرائي سان سمجھي ويندا آهن ۽ ڪيتريون سازشون ۽ رهزنيون اهي پاڻ پنهنجي حڪمت عملين ۽ پلاننگ سان ڪندا رهيا آهن هن خطي جي بدقسمتي اها رهي آهي ته هتي آزادي کان پوءِ پهريون قاتلانا سازش جو شڪار هن خطي جا سياسي اڳواڻ ۽ خاص طور تي اهي بابا قوم ٿيا آهن جن جي حوالي سان آزادي منسوب ڪئي وئي ٿي، مثال هندستان ۾ گانڌي جيڪو جديد عدم تشدد جو باني هيو پر آزادي حاصل ڪرڻ جو مک ڪردار هيو ۽ پوري دنيا تي هن جي ڪردار ۽ سياسي نظريي جا اثر پيا آهن پر کيس آزادي کان پوءِ ڪانگريس جي حڪومت هوندي آر ايس ايس جو سرگرم ڪارڪن نٿو رام گاندي تي گوليون هلائي کيس قتل ڪيو جنهن نٿو رام کي هاڻي بي جي پي جي هڪ وڏي سياسي اڪثريت پنهنجو سورمو ۽ ليڊر تصور ٿي ڪري.
اهڙي طرح محمد علي جناح جيڪو هتان جو بابا قوم آهي اهو پنهنجي بيماري جو عذاب ڀوڳيندي زيارت کان ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته کيس اهڙي ايمبولينس مهيا ڪئي وئي جيڪا بابا قوم کي کڻي وچ رستي تي ئي خراب ٿي وئي هو ان وقت تائين دم ڏنو جيستائين ٻئي ايمبولينس پهتي جناح صاحب جي موت کي سازش جو حصو ۽ پلاننگ چيو ويو نه رڳو چيو ويو پر سندس ڀيڻ فاطمه جناح کلي عام هي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي جي تحت هن جي مارڻ جي سازش ڪئي وئي. پهرين وزير اعظم لياقت علي خان کي راولپنڊي جي باغ ۾ جلسي جي دوران اڪبر پٺاڻ نالي ان ماڻهو قتل ڪيو جيڪو برطانيه جي حڪومت جو جاسوس هيو جڏهن برطانيه سرڪار هتان ٽپڙ ٻڌي وئي ته ويندي به پاڪستان حڪومت کي ان جاسوس اڪبر جي لاءِ پارت ڪري وئي هئي ته حڪومت پاڪستان هن کي وظيفو ڏيندي رهي ۽ هو وظيفو وٺندڙ هيو سرعام جلسي ۾ جڏهن هن وزير اعظم لياقت علي خان کي گولي هنئين ته ان وقت ئي موجود اهلڪارن کيس گوليون هڻي ماري ڇڏيو 70 سال گذرڻ تائين ڪا خبر نه پئجي سگھي ته لياقت علي خان کي ڪنهن قتل ڪرايو.
انهيءَ کان پوءِ تمام سياسي جماعتن جي اڳواڻن تي بد کان بدتر سازشن سان حملا ڪيا ويا آهن جن ۾ بلوچ رهنما، عطاالله مينگل جو پٽ ٻين ڪيترن اڳواڻن سان گڏوگڏ نواب اڪبر خان بگٽي جو قتل سياسي عمل جي دوران ذوالفقار علي ڀٽي تي پڻ قاتلانا حملو ٿيو هيو جيڪو سانگهڙ ۾ ٿيو هو ولي خان جي ڀاءُ ڊاڪٽر خان جو قتل يا ذوالفقار علي ڀٽي جي جوڊيشل قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽن کي ٽارگيٽ ڪندي مير شاهنواز کي فرانس ۾ زهر ڏياري قتل ڪيو ويو ته مير مرتضيٰ ڀٽي کي محترمه جي حڪومت هوندي ڪراچي ۾ پوليس مقابلي جو ڊرامو ڏيکاري قتل ڪيو ويو ۽ هن ملڪ جي تاريخ جو ڀيانڪ قتل جو سانحو خود متحرمه بينظير ڀٽي سان ٿي گذريو، جنهن کان پهريان ڪارساز تي استقباليه ريلي ۾ کيس ٽارگيٽ ڪيو ويو هو.
هڪ ڊگهي سازش، الزامن جي تاريخ موجود آهي اسان جي اڳيان عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فاضل راهو جي شهادت کي ذاتي دشمني جي لبادي ۾ ويڙهيو ويو اهي سڀئي سازشون ۽ حرڪتون جڏهن به ٿيون آهن تڏهن هر واقعي تي سياسي جماعتن جي اڳواڻن انهيءَ جي مذمت ته ڪئي آهي پر ڪڏهن به سنجيدگي سان ان سازش جو پيري کڻڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو صرف اخلاقي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي بيان بازي کان اڳتي ناهن وڌيا. سڀني جو ڪردار هڪجهڙو ئي آهي ڪڏهن ڪڏهن ته هي عمل ايترو ڏکوئيندڙ رهيو آهي جو بدترين ڀيانڪ قاتلانا حملن ۽ ڪارواين جو به سطحي انداز ۾ نوٽيس ورتو ويو آهي جڏهن محترمه جو قتل ٿيو هو تڏهن سڀني جماعتن تنقيد ڪندي مذمت به ڪئي هئي افسوس جو اظهار به ڪيو هو عذرخواهيون به ڪيون هيون پر پي ٽي آئي جي اڳواڻ عمران خان ان جي خاندان يا پارٽي سان ڪڏهن به عذرخواهي نه ڪئي هئي. اهڙي روين جو ئي نتيجو اهو نڪتو آهي ته سياسي پارٽين انهن سازشن کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ انهيءَ مان پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندن نقطه نظر اهوئي رهيو آهي ته هڪڙي پارٽي کي نقصان ٿو ڏنو وڃي يا کيس هٽايو ٿو وڃي ته ان جو کين فائدو ٿيندو يعني سياست جي ميدان مان وڏي رڪاوٽ هٽي وئي ان عارضي اقتداري حوس ۽ لالچ هڪ طرف پوري سياست کي ڪمزور ڪيو آهي ته ٻئي طرف سياسي اڳواڻن کي سازشن جو شڪار ٿيندي ڏسي تمام وڏو گناھه ڪيو آهي ۽ ان گناهھ جي سزا وقتن به وقتن تمام سياسي پارٽيون ڀوڳيندي اچن پيون.
عمران خان تي ٿيل هي حملو جيڪڏهن انهيءَ هڪ فرد جو عمل چئجي ته انهيءَ ۾ وزن تمام گھڻو گھٽ ۽ ڪمزور آهي ڇو ته جيڪو حملا آور ڏيکاريو ٿو وڃي ۽ ان جي بيان جو پوليس ويڊيو وائرل ڪئي آهي انهيءَ کي صرف اڪيلو سمجھڻ ٻئي غلطي ٿيندي يقينن ان جي پويان هڪ پلاننگ ۽ گھرائي هوندي پر جيڪڏهن واقعي ئي هي حملو ڪندڙ اڪيلو فرد آهي ۽ ان جي پويان ڪنهن جو به هٿ ۽ ڪو به پلانر ناهي جنهن کي نه مڃڻ جي باجود مڃجي به ته پوءِ اهو وڌيڪ لازمي ٿو ٿئي ته ان جي پوري تحقيق تمام گھڻي شفافيت سان عوام جي آڏو آڻجي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گھرجي خود پي ٽي آئي تي اها وڌيڪ ذميدار اچي ٿي ته هو ان جي تحقيقي شفافيت کي يقيني بڻائي پنجاب حڪومت جيڪا پي ٽي آئي جي پنهنجي ئي آهي انهيءَ تي دٻاءُ وڌو وڃي ته هو تحقيق کي شفاف ڪرڻ جي لاءِ هڪ واضح حڪمتِ عملي سان ٽيم جوڙي عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي اڳواڻن کي بليم گيم کان هٽي سازش جي گھراين تي وڃڻ جو اصول اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ اهوئي اصول کين اپنائڻ گھرجي ته اقتدار ۽ سياسي حاصلات کان وڌيڪ قاتلانا سازشن جي خلاف هڪ واضح ۽ چٽو موقف رکن ۽ تمام سياسي جماعتن کي گھرجي ته لفاظي ۽ لٻاڙ کان هٽي سنجيدگي سان سازشن خلاف ۽ قاتلانا حملن خلاف اصول اپنائن انهيءَ سان ئي جمهوريت ۽ سياست کي فائدو رسندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button