ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيراسٽامول جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو

Editorial

صحت کاتي بخار جي دوا پيراسيٽامول جي اگهن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي وزارت فارما سيوٽيڪل ڪمپنين کي پيراسيٽامول دوائن جي اگهن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏيڻ بعد 3 نومبر تي صحت کاتي طرفان دوائن جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ 21 آڪٽوبر تي مشهور دوا ساز ڪمپني گليڪسو اسمٿ ڪلائن ڪنزيومر هيلٿ ڪيئر پاڪستان لميٽيڊ پيناڊول جي پيداوار بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو هو ته دوائن جي اگهه ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب ڪمپني کي نقصان ٿي رهيو آهي.
بخار جي دوا ۾ واڌ کان پو اهو ثابت ٿي ويو آهي ته هي حڪومت عوام جي حڪومت چئي نٿي سگهجي. جيڪڏهن هي عوام جي حڪومت هجي ها ته پيراسٽامول جي اگهن ۾ واڌ نه ڪري ها پر هن عوام جو تر جيترو خيال ڪرن بدران دوا ساز ڪمپني آڏو گوڏا کوڙيندي عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو. هن حڪومت جي اچڻ سان عوام لاءِ مسئلا گهٽيا ته ناهن پر وڌيا آهن. عام واهپي واريون شيون ته غريب جي پهچ کان مٿي ٿي ويون آهن پر هاڻي ته دوائون به مهانگيون ڪيون پيون وڃن. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ملڪ ۾ صحت جا اڳ ۾ مسئلا گهٽ آهن جو پيراسٽامول جي اگهن ۾ واڌ ڪري غريب مريضن جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي؟
سرڪاري اسپتالن ۾ نه مناسب دوائون ٿيون ملن ۽ نه ئي اتي صفائي سٿرائي جو جوڳو بندوبست ٿيل هوندو آهي. اڪثر اهي به دانهون ٿينديون رهن ٿيون ته ڊاڪٽرن سميت اسپتالن جي عملي جو مريضن سان سلوڪ به سٺو ناهي هوندو. هونئن ئي ملڪ ۾ صحت جي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي. مٿان پيراسٽامول جهڙي دوا ۾ واڌ صحت جي مسئلن ۾ اڃا به واڌارو آڻيندي.
دنيا جي سڌريل ملڪن اندر جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ جن شعبن تي وڌيڪ توجهه ڏنو وڃي ٿو، اهي صحت ۽ تعليم جا شعبا آهن ۽ ان جي ابتڙ، اسان وٽ هتي، انهن ٻنهي شعبن سان ئي جٺ ٿيندي رهي آهي. حڪومت پيراسٽامول جي اگهه ۾ واڌ جو فيصلو ته ڪيو آهي، پر ڇا هن اهو سوچيو آهي ته ان سان انهن مريضن، جيڪي “آڻين ۽ چاڙهين” هيٺ زندگيءَ جو گهنگهر گهلڻ تي مجبور آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هو اهڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ چوٽ چڙهيل مهانگيون دوائون وٺي سگهندا؟ هتان جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اهائي رهي آهي ته سدائين عوام جي مفادن کي پٺي ڏني پئي وئي آهي. ملڪ ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪو شعبو عوام دشمن بنيادن تي بيهاريل آهي ته اهو آهي صحت جو شعبو.
ملڪ جي اڪثريتي آبادي ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، اها ڪيئن اهڙين مهانگين دوائن جو بار سهي سگهندي؟ هتي ته روزگار جا مناسب وسيلا موجود نه هئڻ جي ڪري صحتمند ماڻهو ئي خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ته پوءِ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جهڙا فيصلا ڪري حڪومت عوام جي ڪهڙي خدمت ڪرڻ وڃي رهي آهي. هي اهي ئي حڪمران آهن جن عوام دوستيءَ جون وڏيون دعوائون ڪيون هيون. لوڊشيڊنگ کان ويندي مهانگائي، صحت، تعليم ۽ بيروزگاريءَ جهڙن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر جڏهن اهي ئي حڪمران اقتدار ۾ آيا ته عوام دشمنيءَ ۾ ماضيءَ جي حڪمرانن کي به پوئتي ڇڏي ويا. موجوده وفاقي حڪومت جو آخر اهو ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي، جنهن مان عوام دوستيءَ جي جهلڪ نظر ايندي هجي؟ نه ملڪ ۾ عزت ڀريو روزگار آهي ۽ نه ئي معاشي خوشحالي. ماڻهو ته رڳو بجلي لوڊشيڊنگ جي ڪري ئي ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. روزگار، صحت، تعليم ۽ مناسب اگهن تي عام واهپي وارين شين جي فراهميءَ جو مسئلو ته ٿي بعد جي ڳالهه! اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام جي لاءِ جيڪڏهن ڪي سهولتون ۽ سهنجايون پيدا نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ وڌيڪ ڏچا ته پيدا نه ڪري. اسان سمجهون ٿا ته بخار جي دوا پيراسٽامول ۾ واڌ جو فيصلو اڳ ۾ ئي مهانگائي جي ماريل عوام جي اهنجن ۾ ٻيڻي واڌ آڻي ڇڏيندو. تنهنڪري، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيراسٽامول جي اگهن ۾ واڌ سميت عوام جي روزمرهه جي زندگيءَ سان واڳيل شين جا آسمان کي ڇهندڙ اگهه گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button