ھڪڙي ڳالھه سڀ کان اول صاف صاف لکي ڇڏيان ته جڏهن جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن عمران خان نيازي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندو ھو ۽ عالمي سطح جي سوڀ ۽ مڃتا ماڻيندو ھو ته مون کي ھن بھترين شخص کان ان ڏينهن نفرت ٿي ويئي جڏهن جنرل ضيا جھڙي اونداهي راڄ جي بدترين ڊڪٽيٽر کان ھن شخص ايوارڊ ورتو جنهن سان گڏوگڏ کيس ڪروڙين رپين جو چيڪ ملڪ جي غير آئيني ۽ غير قانوني صدر جنرل ضيا ڏنو ھو.
جنرل ضيا جي 17 آگسٽ 1988 تي ٿيل حادثاتي موت واري ڏينهن جڏهن چترال کان وٺي ڪيٽي بندر تائين ڪروڙين ماڻهن جشن پئي ملهايو ته فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ علائقن کي ڄڻ ته ڪو نانگ نه پر ارڙ بلا سونگي ڇڏيو هو. ان مھل سانجھي ٽاڻي آئون پنهنجي پرائمري اسڪول واري پاڙيسري دوست رشيد شيخ جي گهر روزانو جيان شام واري محفل ۾ ويٺل هئس ته اوچتو سندس ڊرائيور صابر ڊوڙندو ۽ سھڪندو سھڪندو اسان جي بيٺڪ واري ڪمري ۾ روئيندو رڙندو گهڙي آيو ۽ دانھون ڪري ٻڌايائين ته، “جيا صاب الله ڪو پيارا ھوگيا هئي” اسان جي سنڌين ته ڏھن سالن کان جدوجهد ڪري جيلن ۽ ڦٽڪن جون وحشتناڪ سزائون ڀوڳيون هيون، تن کي صابر قائم خاني جي روئڻهارڪي بيان مان ئي پڪ ٿي ويئي ته سندس ڳالهه ۾ وزن آهي ڇو ته ھو سيٺ رشيد شيخ جو وفادار ۽ سچو ملازم هو. ننڍپڻ جو يار رشيد ڊرائنگ روم مان ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ گهر اندران وڃي ٽرانزسٽر ريڊيو کڻي آيو.
انھن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ ملڪي اخبارن تي مڪمل سينسرشپ لڳل هئي تنهن ڪري اسان جا وطن واسي گهڻو ڪري بي بي سي اردو سروس يا آل انڊيا ريڊيو تان خبرون ٻڌڻ لاءِ هميشه اوسيئڙي ۾ هوندا هئا. پاڪستان جي سرڪاري ٽيليويزن پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي سمورين اسٽيشنز تان رڳو جنرل ضيا جي پبلسٽي ڪئي ويندي هئي. بهرحال رشيد ڀاءُ ٽرانزسٽر کڻي آيو ۽ سڄي سنگت آڏو وچين ميز تي رکيائين ته ڪجهه منٽن کان پوءِ بي بي سي ھندي سروس شروع ٿي ۽ اردو گاڏڙ ھندي ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي صدر جنرل ضيا الحق جو سي ون ٿرٽي اسپيشل ھوائي جھاز بھاولپور ويجهو باھه جي شعلن ۾ وچڙيل حالت ۾ آسمان تان شعلا ۽ چمڪاٽ ڪندو، ھڪ ننڍڙي ڳوٺ بستي لال ڪمال جي ٻنين ۾ اچي ڊٺو آهي. مليل ڄاڻ موجب جھاز ۾ چڙهيل سمورا اعليٰ فوجي ڪمانڊر ۽ سندن مھمان آمريڪي سفير رونالڊ رافيل به سڙي فوت ٿي ويا آهن. جنرل ضيا جرمني مان ڪروڙين رپين جي سرڪاري خرچ تي جيڪي ڏند ھڻائي آيو هو سي ڪونه سڙيا ۽ صحيح سلامت آهن.
اوهان پڙهندڙ دوستن لاءِ هيءَ تاريخي واقعا ان ڪري ٿو لکان ته عمران خان جي ذھنيت کي سمجهي سگهو. ھو ھڪڙو وڏو موقعي پرست شخص آهي. اڄ جنھن ملڪ جي طاقتور شخصيت ۽ سندس ساٿين خلاف رڻ ٻاري ڏنو اٿس، سڀاڻي صبح ساڻ کيس رڳو فون ڪري ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم جي ليڊرشپ کي ٽن مهينن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ زوريءَ مڃائي ورتو اٿم ته عمران خان شوڪت خانم اسپتال مان ٽپ ڏيئي اٿندو ۽ گاڏي ۾ چڙهي کيس وڃي پيرين پوندِي ٻيهر وزير اعظم ٺاهڻ جي پڪ ڏيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جو لانگ مارچ ھڪ ڪلاڪ اندر شارٽ مارچ ٿي وڃي!
مان اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان ته پاڪستان جي انڌي منڊي جمھوريت ھڪڙي ڪنٽرولڊ سسٽم جي ماتحت آهي جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جھڙي تونگر ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي فرزند سويلين حاڪم کان وٺي محمد خان جوڻيجي جھڙو برف وانگر ٿڌو ۽ ماٺيڻو، بي لوڀ ۽ بي لوث وزير اعظم به واڳ ڌڻين کي قبول ڪونه پيو. جنرل ضيا نه رڳو ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر پنهنجن ھٿن سان استخاره وسيلي منتخب ڪيل محمد خان جوڻيجي جھڙو معصوم انسان ۽ سويلين وزيراعظم به فقط ان ڪري ڊسمس ڪيائون جو ھو ڪوبه اھڙو ڪم نه ڪندو ھو جنھن سان آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي. ان جي ابتڙ اسٽيبلشمينٽ جو Hand picked ۽ جڳ مشهور کلاڙي عمران خان ته مخالف سياسي اڳواڻن توڙي سچ ڳالهائيندڙ ۽ حقيقت لکندڙ صحافين ۽ ٽي وي چينلز تي سياسي تجزيو ڪندڙ صحافين ۽ قانون مطابق فيصلا ڪندڙ اعليٰ عدالتن جي ججن ۽ انساني حقن سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ سان حق سچ خاطر ٽڪر کائيندڙ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عظمت کي قائم دائم رکندڙ انسانيت جي علمبردار عاصمه جھانگــيـر کان وٺي پشاور ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس مرحوم وقار احمد خان جي پراسرار موت تائين ڇا تڏھوڪي وزير اعظم عمران خان ڪڏهن بي ريا جاچ ڪرائي؟ جيڪڏهن سندس وس ۾ نه ھو ته ڇا کيس اهڙو مطالبو ڪرڻ جو به اختيار نه ھو! ڪيترائي جج ۽ صحافي عمران خان جي حڪومت ۾ نوڪرين مان ڪڍيا ويا ۽ گهڻن کي غيبي طاقتن مارائي ڇڏيو ته ڇا وزيراعظم عمران خان ڪنهن جي به تعزيت يا عذرخواهي ڪندي اوهان ڏٺو! ڇو ته سندس اھڙي حرڪت جي ڪري واڳ ڌڻي ڪاوڙجي نه پون ۽ کيس اسلام آباد جي ٻني گالا واري گهر اماڻي ڇڏين!
ھاڻي ٺوڪرون کائڻ کانپوءِ ڇا عمران خان سچ پچ عوامي ليڊر يا ڪو پرولتاري انقلابي ٿي چڪو آهي؟ جواب آهي ته ھرگز نه!
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته،The man is known by the company he keeps. مطلب ته “اوهان جي سنگت ڪھڙن ڪھڙن ماڻهن سان آهي، انهن دوستن کي ڏسي پرک ٿي ويندي آهي ته اوهان ڪهڙي فلم آهيو”
عمران خان جي دوستن ۾ يقين ڪريو ته مون کي ھڪڙو به اهڙو ماڻهو نه ٿو ڏسجي جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ هن بدنصيب ملڪ جي ڪروڙين ڏتڙيل ۽ پيڙيل غريب انسانن لاءِ ٽڪي جو به درد ھجي! پوءِ ڀلا ڇو پنجاب ۽ خيبر پختون خواھه جا لکين بيروزگار پڙهيل لکيل جوانڙا ۽ نياڻيون چرين جيان عمران خان جي ڪڍ لڳا آهن؟ ڇا ھو ڪو وڏو ائنٽي اسٽيبلشمينٽ ليڊر آهي؟ ھرگز نه! ڀاشن ڏيڻ مھل به هو اڌورو سچ ۽ اڌ ڪوڙ ڳالهائي ٿو. کيس شايد اھا ڄاڻ به نه ھجي ته بنگال، بلوچستان، فاٽا خاص ڪري وزيرستان ۾ سالن کان هليل ۽ اڄ تائين هلندڙ آپريشن ۾ عالمي ليکڪن جي ڪتابن، اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ٿيندڙ تجزين ۾ پنجابين جي نسل در نسل بدناموسي ٻڌي ٻڌي ڊجيٽل دور جو ستر سيڪڙو جوان جماڻ پنجابي شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاڻي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين انهيءَ بدنامي کي منتقل ڪرڻ نه ٿا چاهين.
پوءِ حقيقت ھي آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي ھن نئين نسل کي ٻيو ڪو مسيحا نه مليو ته ان ساڳئي عمران خان جا پوئلڳ ٿي ويا ڇاڪاڻ ته هن انهيءَ اسٽيبلشمينٽ کي چئلينج ڪيو آهي جيڪا ملڪ جي ڪرتا ڌرتا آهي. ايئن سمجهو ته انڌن ماڻهن کي سھاري واسطي لٺ ملي ويئي آهي. عمران خان تي ٿيل قاتلاڻو حملو نه ٿا ڄاڻون ته ڪنهن ڪيو آهي پر آفريڪا جي شهر نيروبي ۾ دلير ۽ بيباڪ صحافي ارشد شريف جي پراسرار قتل کان پوءِ نامور صحافين جي پاڪستان مان ڀاڄ اسٽيبلشمينٽ تي ايئن رت جا ڇنڊا وجھي ڇڏيا آهن جيئن سسئي جي ور پنھل ڄام کي گم ڪندڙ ڏيرن ڏوراڻن تي تاريخ منڌيئڙو گهمائي ڇڏيو آهي.