سياري جي مند شروع ٿيندي ئي سنڌ جا آبادگار ان ڳالهه تي زور ڏيڻ لڳندا آهن ته شوگر ملون ترت هلايون وڃن. آبادگار شوگر مل مالڪن تي زور ڀريندا آهن ته نه فقط پوکيل ڪمند مناسب اگهن تي خريد ڪن پر ان سان گڏ شوگر ملن کي وقت سر هلائي سندن معاشي حالت کي ٽيڪو پڻ ڏين. پر گذريل ڪيترن سالن کان ڪمند جي آبادگارن ۽ شوگر مل مالڪن ۾ اهو تڪرار هلندو پيو اچي، جنهن جو هيستائين ڪو حل نه نڪري سگهيو آهي. جڏهن ته آبادگارن جي مطالبي کي ناجائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن سالن کان آبادگار اهو چوندا رهيا آهن ته انهن جي مطالبي کي ٻڌو وڃي، ان کي عملي شڪل ڏني وڃي پر جيئن ته سنڌ ۾ شوگر مل مالڪن جي هڪ هٽي آهي، ان ڪري اهي ڪنهن به ريت آبادگارن جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. ڪجهه ڏينهن سنڌ جي آبادگارن هڪ ڀيرو وري ڪن خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت کان ترت شوگر ملون چالو ڪرائڻ، هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ترت ڪڻڪ جو ٻج ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس نائب صدر ڊاڪٽر بشير نظاماڻي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيد نديم شاهه، زين شاهه، اسلم مري، طحه ميمڻ، حاجي عمر جمالي، يار محمد لغاري، ارباب احسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته هن وقت جڏهن مينهن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زرعي معيشت تباهي جي ور چڙهي وئي آهي ۽ آبادگارن جو وڏو مالي نقصان ٿي چڪو آهي، اهڙي وقت ۾ پاسما طرفان کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ملڻ جو بهانو ڪري شوگر ملون هلائڻ کان انڪار ڪرڻ سڌو سنئون زرعي معيشت ۽ آبادگارن سان دشمني برابر آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته شوگر ملون چالو نه ٿيڻ سبب ڪمند جي واڍي نه ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هڪ پاسي ڪمند سڪي رهيو آهي ته ٻئي طرف ڪمند واري زمين وقت سر خالي نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوک پڻ متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري حڪومت ان معاملي تي ترت اپا وٺي پاسما کي شگرملون چالو ڪرڻ لاءِ پابند ڪري ۽ ڪمند جو اگهه 400 روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري اهو نظر اچي رهيو آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جي وقت سر پوک نه ٿي سگهندي. ان کان سواءِ حڪومت پڻ ڪڻڪ جو ٻج ورهائڻ جي فيصلي باوجود مونجهاري ۾ پيل آهي، ان بابت پاليسي چٽي نه ڪري سگهي آهي ۽ ٻج جي ورهاست جو ڪو طريقو به طئه نه ٿي سگهيو آهي، جنهنڪري آبادگار ان معاملي تي مونجهاري جو شڪار آهن. اهڙي صورتحال مان اندازو ٿي رهيو آهي ته آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک لاءِ ٻج وقت سر ملي نه سگهندو ۽ پوک سخت متاثر ٿيندي، جنهن جا اثر ڪڻڪ جي وڏي پيماني جي کوٽ جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿيندا. سنڌ آبادگار بورڊ وفاقي حڪومت جي اعلان ڪيل ڪسان پئڪيج تي بي اطميناني جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته اهو پئڪيج مطمئن ڪندڙ ناهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ڊي اي پي تي جنهن سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي اهو حقيقت جي ابتڙ آهي، حڪومت ڊي اي پي جو اگهه 14000 روپيا ڄاڻائي 2500 روپيا سبسڊي جو اعلان ڪيو پر ان اعلان واري وقت به مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جو اگهه 11500 روپيا هو. ان ڪري حقيقي طرح ان اگهه جي بنياد تي سبسڊي ڏئي اهو اگهه 9000 روپيا مقرر ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته آبادگارن جو مطالبو جائز آهي، ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان سان عوام ئي لوڙيندو. پاسما کي گهرجي ته شوگر ملون هلائڻ جي جيڪا مقرر تاريخ آهي، ان تي ڪنهن به ريت شوگر ملون هلائي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن آبادگار پريشانيءَ کان بچي سگهن.