قومن جي سڃاڻپ، رسم رواج، تھذيب تمدن، ثقافت ۽ رھڻي ڪھڻي تاريخ جو حصو ٿين ٿيون ائين ڪردار به تاريخ جو جز ھوندو آھي ڪردار جي اھميت تاريخ کي پڙھڻ کان پو پوندي آھي. ڪردار ڪيترو منفرد ۽ ترقي پسند ھوندو آھي روحل وا جو ھڪڙو مسڪين ماڻھو وطن لا وطن جي محبت متعلق سوچيندو رھيو جنھن ڪردار جو نالو ماما جمن ساند ھو.
ماما جمن جو جنم 12 مئي 1944ع تي عمرڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ روحل وا ۾ عبدالرشيد ساند جي گھر ۾ ٿيو. ماما جمن ننڍپڻ کان ئي ذھين ٻار ھو ماما جمن ابتدائي تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. 1962ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ان وقت کان ماما جمن جي دل ۾ علم ادب وارو ڏيئو ٻريو جنھن کان پو لوڪ ادب ۽ شاعري جي شروعات ڪيائين.
ماما جمن کي ڊي اي او کان تعليم کاتي ۾ نوڪري گھرڻ تي ڇڙٻون نصيب ٿيون. انھي کان پو ماما جمن ھوٽل تي بيراگيري ڪرڻ شروع ڪــئي. سنڌ جي انھي آفيسر کي ڪھڙي خبر جنھن انسان کي ڇڙٻون ڏنيون آھن سو اڳتي ھلي سنڌ جو عظيم شاعر به ٿيندو. ماما جمن ڪيترائي ڊراما ڪيا انھن ڊرامن ۾ اداڪار ھجڻ سان گڏوگڏ ھدايتڪار به رھيو ڪيترائي اسٽيج ڊراما به رڪارڊ ڪيا. جنھن ۾ “لڱ به منھنجا لوهھ”
“ٽرڙو عاشق”، “جابر وڏيرو”، “سکن وارو سج “، “چنڊ لڳي ٿو لولو” ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما رڪارڊ ڪيا.
ماما جمن بيراگيري جي وقت کان مجازي عشق جي طرف مائل ٿيو. ان مجازي عشق واري سفر ۾ ماما جمن گھڻو روليو عشق جي پنڌ ۾ محبوبا سان ملڻ لا لاھور ڏي منھن ڪيائين محبوب کي ڳولڻ لا بکن ۾ مسلسل اٺ ڏينھن پنڌ ڪري لاھور جي ميدان تي پھتو داتا درٻار تي ننگر کان پو ڪنھن پارڪ ۾ ويھي ڳائڻ لڳو. ڪنھن وقت ڏسي ته پارڪ جي در مان ماما جمن کي موھي ڇڏيندڙ محبوبا داخل ٿي آھي. محبوب ته مليو. ڇوڪري ماما جمن جا حال ڏسي ڇوڪري ماما تي موھت ٿي پئي پر سندس ڪنھن طريقي سان ڇوڪري جي ما کي خبر پئي جنھن کان پو ماما جمن کي ان جي امڙ منٿون ڪيون ته منھنجي نياڻي کان پري وڃ پو اتان کان روئندو رڙندو وري انھي پارڪ ۾ اچي ويٺو جنھن کان پو ماما جمن سان گڏ آسمان به رونو جتي وري ڳائڻ کان پو مس ڪرائي جيترا پيسا ملي ويا موٽي سنڌ آيو جتي آريسر سان مليو ماما جمن آريسر صاحب سان حال اوريا جنھن کي مڪمل حقيقت ٻڌائي. سائين جي ايم سيد ۽ مخدوم طالب الموليٰ کي ماما جمن جي عشق واري سفر جي ڄاڻ ملي جڏھن سائين جي ايم سيد سان روبرو مليو ته سائين جي ايم سيد ماما جمن کي “دربدر” جي لقب سان نوازيو.
ماما جمن دربدر آريسر صاحب جو ساٿي ھو. قومي ڪمن ۾ ھر وقت گڏ ھوندو ھو، جنھن سفر ۾ ماما جمن دربدر مزاحمتي شاعري ڪرڻ لڳو ماما جمن دربدر ٽين دنيا جي عظيم سياستدان سائين جي ايم سيد کي
“وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو” شاعري ٻڌائي سائين کي اونداھين ۽ مايوسين مان ڪڍيو، ڪنھن صحافي ان وقت سائين جي ايم سيد کان سوال ڪيو ته توھان جي حياتي ۾ سنڌ نجات حاصل ڪندي؟ پو
سائين جي ايم سيد جواب ڏنو ھو ته اڳ ۾ انھي ڳالھه مونکي به فڪرمند ڪيو ھو پر جڏھن ماما جمن دربدر کان “وٺي ھر ھر جنم وربو مھراڻ ۾ ملبو” ٻڌو آھي يقين ٿي ويو آھي جيئن ڪنھن انسان کي اونداھين کان پو روشني جو جيئن رات کان پوءِ نئين صبح جو يقين تيئن ئي سنڌ جي نجات جي مونکي يقين آھي.
سائين جي ايم سيد ماما جمن کي پنھنجو استاد مڃيندو ھو، پو اڪثر ماما جمن کان سائين جي ايم سيد پڇندو ھو ته ڪا نئين شي لکي اٿئي پو اڪثر سائين، ماما جمن کان شاعريون ٻڌندو ھو. ماما جمن دربدر اڪثر چوندو ھو جڏھن کان مان سائين جي ايم سيد سان مليو آھيان مان انسان بڻجي ويو آھيان. ماما جمن دربدر ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو، سختين کان پو ماما جمن سنڌ جي عشق ۾ تر جيتري ڪمي محسوس نه ڪرائي.
مونکي ياد آھي ڏيڍ سال اڳ مان ائين دوستن سان گڏ عمرڪوٽ گھمڻ لا نڪتس ھوٽل تي مانجھاندي ڪرڻ کان پو اوچتو اھو پروگرام ٿيو ته ڇو نه سنڌ جي ان انمول شاعر سان ملاقات ڪجي ايئن کڻي پو روحل وا جي ھڪڙي ساند دوست سان رابطو ڪري روحل وا نڪري پياسين اسان ان کي ٻڌايو اسان ماما جمن سان ملڻ لا اچي رھيا آھيون. ائين روحل وا پھچي ماما جمن جي اوطاق طرف وڌياسين ڏسون ته اوطاق تي بزرگ صفت انسان ماما جمن سنڌي ٽوپي پائي اسان جي اچڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو.
اتي پھچي دعا سلام ٿيو، انھي کان پوءِ ماما جمن ڪجھه منٽن لا گھر طرف ويو. گھران لسي جي چوئري ۽ ماني جي ڳٺڙي کڻي اسان جي اڳيان اچي رکي. ماني جا ٻه گرھه ھڻي پو گلاس کن لسي جو پيتوسين. ائين وري ھڪ دفعو ٻيھر حال احوال ورتا اسان ٻڌايو ته سائين ائين عمرڪوٽ کي گھمڻ لا يونيورسٽي جا دوست خانه بدوشن جيان نڪري پياسين. ھوٽل تي ويٺي پروگرام ٿيو ته ماما جمن سان ملجي ڪجھه ٻڌجي ڪجھه ٻڌائجي پو ماما جمن دربدر چيو توھان يونيورسٽي جي دوستن ۽ جمن جي چاھيندڙ کي اھا شاعري ٻڌايو جيڪا جي ايم سيد کي به پسند آئي ھئي
پو شاعري جا ڪجھه لفظ سر سان ڳايا.
اھا ڳالهھ مان به مڃندس ته منھنجو ڪتابن پڙھڻ وارو شوق ماما جمن ۽ آريسر صاحب جي مزيدار قصن سبب ٿيو، ڇاڪاڻ سندن جا قصا ان وقت مزيدار لڳندا ھئا جيڪي اڪثر مونکي پنھنجي والد صاحب وٽان ٻڌڻ لا ملندا ھئا. اھي اسان لا مزيدار قصا ھئا پر حقيقتن سنڌ جي مزاحمتي ۽ سنڌ جي يگاني عاشق ماما جمن دربدر جي درد ڪٿا ۽ ڏک ھئا.
ماما جمن اڪثر ڪچھرين ۾ روئندو ھو جڏھن قومي ڪارڪن ماما کي ڀاڪرن ۾ ڀريندا ھئا ته ماما جمن دربدر چوندو ھو ته سنڌ جي پارت اٿو ڇاڪاڻ ته سنڌ لا مون، منھنجي ساٿي جي ايم سيد ۽ آريسر صاحب جدوجھد ۽ ڏک ڏٺا آھن.
ماما جمن جسماني طور اسان کان پري ضرور ٿيو آھي پر روحاني طرح اسان جي جسم ۾ سانڍيل آھي ڇاڪاڻ جو انھي جي شاعري کي روح، دل ۽ دماغ خوشي سان قبوليو توڙي پسند ڪيو آھي.
اھا 20 آڪٽوبر جي اڀاڳي رات قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لا ڏکوئيندڙ ۽ وڄ جيان ثابت ٿي. جڏھن رات وقت اوچتو سوشل ميڊيا تي پوسٽ اچڻ شروع ٿيا ته سنڌ لا ڌڙڪندڙ دل ۽ يگانو عاشق ماما جمن دل جي دوري پوڻ سبب سڀني کان موڪلائي ويو. ائين سنڌ جو شعور، ڏات ڌڻي، اديب، دانشور توڙي ساڃاھه وند ڌريون سوڳ ۾ پئجي ويون ڇاڪاڻ روحل وا جو غريب ماڻھو ۽ علم ادب جو امير انسان مھراڻ ۽ ملڻ واري واعدي تي پنڌ نڪري ويو آھي جيڪو سڀني کي مھراڻ ۾ ملڻ جو چئي ويو ھليو. ماما جمن پنھنجا ڏک، درد، تڪليفون، ميارون پاڻ سان گڏ کڻي روحل وا جي مٽي اوڍي ھميشه ھميشه لا سمھي رھيو. موٽي مھراڻ ۾ ملندو.