اعجاز
ڪميونسٽن جي ضد ۾ اچي هڪ نيم دماغ قومپرست دانشور چيو هو ته ”اسان وڏيرن جا مخالف ڪيئن ٿي سگهون ٿا؟ وڏيرا ته سنڌ جي ثقافت آهن“ جهڙي طرح وڏيرن جي سلسلي ۾ هڪ جاهل راءِ آڏو آئي هئي، تهڙي ريت ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي ڌاڙيلن کي به سنڌ جي ثقافتي سڃاڻ سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته وڏيرا، جاگيردار ۽ ڏوهاري هر قوم ۽ هر ملڪ جي مقدر جو حصو رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جي سياسي پرورش به ڪئي وئي آهي ۽ ان جا سماجي ۽ اقتصادي بنياد به فراهم ڪيا ويا آهن. ڇا ان ۾ ڪو شڪ آهي ته ايم آر ڊي جي تحريڪ جو بدلو وٺڻ لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت سنڌ تي ڌاڙيل بڇيا هئا. اهي ڌاڙيل ايترا ته وڌي ويا هئا جو ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کي اغوا ڪري ويندا هئا. ان دور ۾ پوليس ڪنواءِ کان سواءِ سفر ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. ان دور ۾ ڪيترا نه عجيب غريب نالا سامهون آيا هئا. پر اڄ اهي سمورا وقت جي واءُ ۾ ڪک پن ٿي ويا. سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر سبب نه صرف سنڌ جي معاشيات ۽ سنڌ جو معاشرو تمام وڏي مصيبت ۾ پئجي ويو هو پر سنڌ جا خوبصورت ٻيلا به ساڙي رک ڪيا ويا. سنڌ هن مهل تائين ڌاڙيل راڄ جي رهزنيءَ جي سزا ڀوڳي رهي آهي.
سنڌ جي تاريخ جا اهي سور هن وقت ان ڪري سار ۾ سري آيا آهن جو گذريل ڏينهن پنج پوليس اهلڪار نهايت بي درديءَ سان ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيا آهن. انهن جون تصويرون هن مهل تائين سوشل ميڊيا تي تري رهيون آهن ۽ انهن جي قتل جا تفصيل تمام گهڻي اذيت جو سبب بڻجي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ اهو خيال اچڻ فطري آهي ته ڇا سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ واپسيءَ جي راهه تي آهي؟ جيڪڏهن اهو ڏهڪاءُ وري وريو ته اهو نه صرف تمام وڏو الميو هوندو پر ان سان سنڌ جي تباهيءَ جو هڪ نئون سفر شروع ٿيندو. ڇو ته هن ڀيري جهڙي طرح سرڪاري گناهه يا غفلت سبب آيل ٻوڏ سنڌ جي ماڻهن جو هرڪو ترڪو کسي ورتو آهي ۽ ماڻهن جي سرڪار پاران ڪا به سهائتا نه پئي ٿئي ۽ سنڌ ۾ شديد ترين غربت تمام گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اهڙي ريت ڏوهن جو گراف مٿي چڙهڻ سمجهه ۾ اچڻ وارو عمل آهي. ڏوهن ۾ واڌ سبب سنڌ جو سماج اڃان به وڌيڪ مصيبت ۾ اچي ويندو. پر سرڪار پاران ان سلسلي ۾ ڪي به خاص اپاءَ نه ورتا ويا آهن. سنڌ سرڪار جي مجموعي روش ڏسي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ حڪومت هڪ طرح جي اسٽيٽسڪو کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ اها ڪنهن به قسم جي محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي سنوارڻ واري ايجندا تي سوچڻ به پنهنجي لاءِ وقت جو زيان سمجهي ٿي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو ته سنڌ جو سماج پنهنجي مخصوص قسم جي انارڪيءَ جي ور چڙهي ويندو ۽ اهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جنهن جو منظر اسان ماضيءَ ۾ نه ڏٺو آهي ۽ نه وري حال ۾ اسان مستقبل جي حوالي سان اهڙو ڪجهه سوچي به سگهون ٿا. ان جو مطلب ته اسان جي سوچ ۽ خيال کان وڌيڪ ۽ تمام گهڻو خطرناڪ قسم جو موڙ اسان جي قومي زندگيءَ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان کي روڪڻ ۽ ان جي مزاحمت ڪرڻ جا وسيلا اسان کي ڪنهن به طرح سان ۽ ڪٿي به نظر نه ٿا اچن. اهڙي صورتحال ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌڻ لازمي ٿي وڃي ٿو. اسان کي ان باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ۽ پنهنجي پاران موثر آواز اٿارڻو پوندو ۽ هڪ اهڙو سياسي پريشر پيدا ڪرڻو پوندو، جنهن سبب حڪومت ۽ رياست مجبور ٿي عوام جي مٿان هن ڪڙڪندڙ قهر کي روڪڻ جي سلسلي ۾ مناسب اپاءَ وٺن.
سنڌ ٻوڏ کان اول اهڙي نه هئي، جهڙي ٻوڏ کان پوءِ آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ صرف ماڻهن جا اجها ۽ انهن جا معاشي وسيلا نه لٽيا ۽ ڦريا آهن. پر ٻوڏ سبب سنڌ جو سنسار تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ان جا گهڻ طرفا نقصان ٿيا آهن. سنڌ جي سوچ مٿان جيڪي قاتل اثر پيا آهن، انهن جي تمام وڏي اپٽار ٿيڻ لازمي آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ماڻهو بک ۽ بيمارين ۾ مجبور تي ان رستي تي هلي پيا آهن، جنهن تي هلڻ جو انهن ڪڏهن سوچيو به نه هو. دنيا ۾ ڪو به عقل ۽ هوش وارو اهو نه چوندو ته ڏوهه صرف غريب ملڪن جي معاشرن ۾ ٿيندا آهن. ڇو ته آمريڪا ۽ يورپ جي سڌريل ملڪن ۾ جيڪي ڏوهاري ٽولا تمام گهڻي عياريءَ ۽ تمام گهڻي سفاڪيءَ سان آپريٽ ڪري رهيا آهن، انهن جو اسان جا ڏوهاري ته شايد تصور به نه ڪري سگهن. پر اها به حقيقت آهي ته غريب ملڪن جي معاشرن ۾ ڏوهن جو گراف تمام مٿي اڀريل هوندو آهي. ان جا مثال اهي آفريڪي ملڪ آهن، جن ۾ اڄ به تمام گهڻي لاقانونيت جو راڄ ڏسي پسي سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا غربت پيدا ٿي آهي، اها ڄڻ ته ڏوهاري فيڪٽر جي لاءِ پنهنجو پاڻ پوکيل ۽ پنهنجو پاڻ پچندڙ پوک آهي. اسان جيڪڏهن انگن اکرن تي نظر وجهون ته اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته ٻوڏ سبب صرف شين جي قيمتن ۾ وڌا نه آئي آهي پر ٻوڏ سبب معاشري ۾ تمام گهڻي منفي تبديلي پيدا ٿي آهي ۽ ان جي ڪري ڏوهن جو رجحان تمام گهڻو وڌيو آهي. ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ان جو واضح دليل آهي. ساڳي طرح سان جيڪڏهن اسان اخبارن تي نظر وجهون ته اسان کي ڏوهن جو تعداد هر ڏينهن وڌندو نظر ايندو. ان ماحول ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سوال اسان جي دماغ جو دروازو کڙڪائي رهيو آهي. ڇو ته اسان کي اهو به معلوم آهي ته جڏهن به ڏوهه وڌن ٿا، تڏهن اسان جي حڪومتي ۽ انتظامي سرشتي ۾ موجود ڪرپٽ ماڻهو ان مان لاڀ حاصل ڪن ٿا. انهن جي ڪني ڪمائيءَ جا نوان ذريعا پيدا ٿين ٿا. ان ڪري هو اهڙي رجحان جي خلاف عمل ڇو ڪندا؟ جنهن مان انهن کي فائدو ٿيندو هجي. اسان سنڌ جي ماضيءَ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جي حوالي سان اهو به ڏسي چڪا آهيون ته ڌاڙيلن سبب صرف سنڌ جي مڊل ڪلاس ئي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو هو. ڇو ته ڌاڙيل ڀر وارن شهرن مان ڀنگ جي لاءِ واپاري ۽ سکيا ماڻهو کڻي ايندا هئا ۽ انهن کان من پسند پئسا وٺي انهن کي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جا ڪرمنل وڏيرا به وڏي فائدي ۾ ڏٺا ويا هئا. ڇا اسان جي ماضيءَ جي رڪارڊ ۾ اهڙو ڪو مثال موجود آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ دوران ڪو سردار يا تمام وڏو ڀوتار يا ڪو پير ۽ مير اغوا ٿيو هجي؟ اسان اهو ڏٺو جڏهن به اغوا جو ڪو مشهور واقعو ٿيندو هو، تڏهن حڪومت وڏيرن ۽ ڀوتارن جي منٿ ميڙ ڪندي هئي ته هو پنهنجو قبيلائي ۽ راڄوڻو اثر استعمال ڪري اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي. اسان ته اهو به ڏٺو هو ته اڪثر ڌاڙيل پنهنجي ڏوهن جي ڪمائي وڏيرن وٽ رکندا هئا ۽ وڏيرا انهن کي سهولتون مهيا ڪري ڏيندا هئا. ان ڪري سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ ڀوتارڪو نظام ته ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙيلن جي خلاف نه رهيو آهي. ڌاڙيل ته وڏيرڪي نظام کي مضبوط ڪيو آهي. اسان جيڪڏهن ماضيءَ ۾ نه وڃون ۽ صرف گذريل ڏينهن واري واقعي ۾ وڏيرن جو ڪردار ڏسون ته اسان کي صاف نظر ايندو ته پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين انهن جا لاش پوليس کي نه ملي سگهيا. ڇا سرڪار جي بيوسي ۽ سرڪار جي ڪمزوريءَ جو ان کان وڏو ڪو مثال ٿي سگهي ٿو ته سرڪار پنهنجا اهلڪار بچائڻ ته پري پر انهن جا لاش به ڌاڙيلن کان حاصل نه پئي ڪري سگهي ۽ ان سلسلي ۾ انهن کي وڏيرن جو احسان کڻڻو پيو. وڏيرا سرڪار سان ٺاهي رکڻ لاءِ ان سلسلي کي ختم ڇو ٿيڻ ڏيندا؟ جنهن سلسلي مان انهن کي ٻنهي پاسن کان فائدو پوي.
هن وقت حڪومت ۽ پوليس پاران وڏي پئماني تي اعلان ٿي رهيا آهن ته هر صورت ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڌاڙيلن جي آپريشن جون تياريون ٿي رهيون آهن. ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ گهڻ طرفا اپاءَ وٺڻ ضروري آهن. ڇو ته ڌاڙيل فيڪٽر جي پيداوار ۽ ان جي واڌ ويجهه جا به هڪ کان وڌيڪ سبب آهن. ان سلسلي ۾ اسان کي سڀ کان اڳ ۾ ته پيش آيل واقعي جا پورا ۽ مڪمل تفصيل گهرجن. ڇو ته جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو لونءَ ڪانداريندڙ واقعو ٿيو آهي. اهو واقعو ڇو ٿيو؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ ان واقعي کان ڪيئن بچي سگهجي پيو؟ ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن کان بچڻ لاءِ لازمي طور تي هن واقعي کي هر رخ کان سمجهڻو پوندو.
حڪومت کي پنهنجن ادارن جي معرفت ڌاڙيل فيڪٽر جي پوري معلومات ڪٺي ڪري منظرعام تي آڻڻي پوندي. ڇو ته جنهن معاملي جي باري ۾ معلومات اڻ پوري هجي اهو معاملو ڪڏهن به مناسب طرح سان حل ٿي نه ٿو سگهي. ڌاڙيلن جي پيداوار جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڌاڙيلن کي ڪٿان ڪٿان مدد ملي ٿي؟ ڌاڙيلن جا ڪهڙا قسم آهن؟ انهن جو تعداد ڪيترو آهي؟ انهن جا بين الصوبائي رابطا ڪيئن ٿا پيدا ٿين؟ انهن کي ڪير تحفظ فراهم ڪري ٿو؟ پوليس ۾ انهن جا مددگار ۽ مخبر ڪير آهن؟ انهن کي هٿيار ڪٿان ملن ٿا؟ انهن جي طاقت جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ اهي سوال ۽ انهن جهڙا ٻيا ڪيترائي سوال صرف ۽ صرف تحقيق ذريعي ئي پنهنجا جواب ماڻي سگهن ٿا. سرڪار کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته ان کي صرف موجود ڌاڙيل ختم ناهن ڪرڻا پر ان کي ڌاڙيلن جي پيداوار جا سبب به سمجهي سوچي ملياميٽ ڪرڻا پوندا.
هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشري جو قيام تمام وڏي للڪار آهي ۽ ان للڪار جو جواب هن وقت تائين موجوده حڪومت نه ڏنو آهي. ڌاڙيل فيڪٽر ان للڪار جو حڪ حصو آهي.