ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٿر ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاج

Editorial

سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو کاتو هجي، جنهن جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج نه ڪندا هجن. پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ ملازم احتجاج جو رستو اختيار ڪندا آهن. اهي پنهنجو آواز اعليٰ اختيارين ۽ ايوانن تائين پهچائڻ چاهيندا آهن ته جيئن سندن ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ انهن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون وڃن. ائين ٿو لڳي ته احتجاج ڪندڙن جو آواز ٻوڙن ڪنن تي پوي ٿو ۽ انهن جي حالت ۾ ڪوبه سڌارو نٿو اچي. سنڌ ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل سوين ملازم مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا رهندا آهن. اهي احتجاج سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقت بوقت ٿيندا رهندا آهن پر اصل ڳالهه اها آهي ته لاڳاپيل ادارا ۽ اختياريون انهن ماڻهن جي احتجاج کي ڪيئن ٿيون ڏسن، چا اهي انهن جي دانهن کي ٻڌي مسئلا حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ٿر ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. ان کان سواءِ انهن کي پگهارون به جاري نه ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري اهي پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيون آهن پر احتجاج ڪرڻ انهن جو حق آهي. ٻه ڏينهن اڳ به انهن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو آهي.
ٿر جي 444 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي 5 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ڪيو ويو، نه ئي پگهارون جاري ڪيون ويون آهن. مٺيءَ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن ٿر ڪول باءِ پاس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر گريش، اي سي حميد مغل ۽ ڊي ايس پي مٺي يونس بلوچ پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ليڊي هيلٿ ورڪرن پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف ماريه ڪولهي، رخسانه، سنگا، کينران، چنديرام ۽ ڪانجي جي اڳواڻي ۾ 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دبب ٿرڪول روڊ تي مٺيءَ کان ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ميرپورخاص ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 5 سالن کان پگهارن کان محروم آهيون، ٻار فاقاڪشيءَ تي مجبور آهن، 2018ع ۾ سنڌ حڪومت ٿر ۾ 444 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڀرتي ڪيو، اسان ڏورانهن ڳوٺن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آھيون. پنجن سالن کان مسلسل ايمرجنسي ڊيوٽي ڪرونا هجي پوليو هجي يا ٻيون مختلف ڊيوٽيون بنا ڪنهن الائونس جي ڪيون، پر اڃان تائين پگهارون ناهن مليون، نه ئي پڪو ڪيو وڃي ٿو. اسان بار بار احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيا ته ڪوڙا دلاسا ڏئي احتجاج ختم ڪرايو ويندو آھي، پر جائز مطالبا نٿا مڃيا وڃن. هنن وڏي وزير ۽ صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري پڪو ڪيو وڃي.
هن احتجاج مان اها خبر پوي ٿي ته ليڊي هيلٿ ورڪر ڪم جاري رکڻ ٿيون چاهين پر هنن جا اهي مطالبا جائز آهن ته گذريل پنجن سالن کان کين پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي پگهارون وقت سر ڏنيون پيون وڃن. انهن وٽ احتجاج کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي. پرامن احتجاج انهن جو حق آهي، تنهنڪري هيءَ معاملو اهم آهي، ان کي ڪنهن به ريت نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. 444 هيلٿ ورڪرن جو انگ گهٽ ناهي، هيءَ وڏو انگ آهي. انهن عورتن جا چلها سندن نوڪرين وسيلي ٻرن ٿا، جڏهن انهن کي وقت تي پگهارون نٿيون ملن ۽ پڪي ٿيڻ جو به ڪو آسرو ناهي ته پوءِ انهن وٽ احتجاج کان سواءِ ڪهڙي واٽ ٿي بچي. تنهنڪري صحت کاتي کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صحت کاتي کي هر حوالي سان انهن جي سهائتا ڪرڻ گهرجي. هر اهو ادارو جيڪو پنهنجي ملازمن جي مالڪي نٿو ڪري، ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ليڊي هيلٽ ورڪر پوليو واري مهم ۾ اهم ڪردار ڪنديون آهن، ٻارن کي ٽڪن کان وٺي عورتن جي بيمارين جي علاج لاءِ اڳڀريون هونديون آهن، تنهنڪري انهن جي مسئلن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. پر انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي ڪم کي وڌيڪ بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهن. صحت کاتي جي ملازمن کي پيش ايندڙ مسئلا وڏي وقت کان جاري آهن پر انهن مسئلن جو ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. جڏهن انهن مسئلن جو ڪو تدارڪ نٿو ٿئي ته ملازم اسپتالن ۾ ڪم ڪار ڇڏي ڏيندا آهن، جنهن سان عام خلق پريشان ٿيندي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿر جي ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مطالبا مڃيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button