تعليم روشني ۽ جهالت اونداهي آهي. سڌريل سماج پنهنجي مستقبل تي سيڙپ تعليم جي صورت ۾ ڪندا آهن. اهڙن ملڪن ۾ تعليم لا گهڻي بجيٽ مختص ڪئي ويندي آهي، نه صرف بجيٽ ۾ رقم رکي ويندي آهي، پر ان جو شفاف استعمال پڻ ٿيندو آهي، پر شروعات کان اهو الميو رهيو آهي ته، هتي تعليم جي شعبي لا هڪ ته ٿورڙي رقم رکي وڃي ٿي. ان جي شفاف استعمال جي حوالي سان پڻ سوال اٿندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سڄي ملڪ ۾ تعليمي انفرا اسٽرڪچر اهڙو ناهي، جنهن کي مثالي چئي سگهجي.
اسان جي ملڪ ۾ طبقاتي تعليمي سرشتو آهي. هڪ ئي وقت ٻه تعليمي سرشتا مروج آهن. هڪ خانگي اسڪولن جو مهانگو سرشتو ۽ ٻيو سرڪاري اسڪولن جو تعليمي سرشتو، جيڪو ناڪاري پروپيگنڊا جو شڪار ٿي منجي داخل ٿي چڪو آهي، جنهن کي اٿارڻ لا وفاقي توڙي سنڌ سطح تي ڪوششون جاري آهن.
اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي لا شاندار پاليسي (2008) جي تحت نظام ڪيو ويو پر 2008ع ۾ نئين حڪومت جي جوڙڻ جي سبب پورو تعليمي نظام درهم برهم ٿي ويو، جنهن جو ماضي ۾ مثال ملڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي. (سنڌ کا تعليمي نظام: مسعود حسين جعفري 2019). تعليمي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ تعليمي ماهرن جو عمل دخل گهٽ پر ڪامورا شاهي جو ڪردار وڏو رهندو آهي.
پر سنڌ صوبي ۾ تعليمي نظام جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ٻين صوبن کان مختلف آهي (ڊاڪٽر مريم چغتائي آگسٽ 2016-16 سنڌ ۾ تعليم نوائي وقت) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو، اهو مدي خارج ۽ موجوده تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ دور جي ضرورتن ۽ تقاضا موجب نه آهي. نصاب ئي ته بنيادي شي آهي. ٻارڙن کي ڇا ٿو پڙهايو وڃي، اهو اهم آهي، نصاب ٻارڙن جي نفسيات، خطي جي حالتن، تهذيب ۽ تمدن سان هم آهنگ ۽ جديد دور جي تقاضائن موجب هجڻ گهرجي، نڪي رٽافڪيشن هجي.
پر وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪيو آهي، سال 2018ع جي ايجوڪيشن پاليسي جي فريم ورڪ جي تحت مارچ 2020ع تي ايجوڪيشن پاليسي پلان 21-2020ع جي منظوري ڏني وئي، پهرين مرحلي ۾ پهرين کان پنجين جماعت جي ساڳي نصاب جي پهرين منظوري ڏني وئي. ٻي مرحلي ۾ ڇهين کان اٺي جماعت جي پلان ۾ منظوري ڏني وئي، هن پلان جو مقصد صرف ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪيو وڃي. (وفاقي ڪابينا ني نئين تعليمي پاليسي کي منظوري دي دي 26 فيبروري 2020ع خيبر ايجنسي).
ڪابينا جي دوران شفقت محمود جي چوڻي موجب هڪ جهڙو قومي نصاب جو مطلب هن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ هو ته ملڪ جي نجي ۽ سرڪاري اسڪول ايتري قدر مدرسن جي تعليم جو معيار به هڪ جهڙو هجي ۽ اسان جي ٻارن جي سوچ به هڪ جهڙي پيدا ٿئي. جيڪو فيصلو ڏاهپ کان وانجهيل آهي. هر صوبي جون پنهنجون حالتون، ڌار ثقافت، جدا نفسيات آهي. ان ڪري هڪجهڙو نصاب ٿاڦڻ سان بهتر نتيجا ملي نه سگهندا. اسان جو ملڪ گهڻ قوميائي گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي. ثقافتي رنگا رنگي آهي، تنوع آهي. انفراديت آهي، سمورن صوبن مان سنڌ ڪنهن حد تائين هڪ جهڙي نصاب واري فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي. ان سان تعليمي معيار تي اثر پوندو. وفاقي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ سهولتن جو فرق آهي. ڇا اهو هڪجهڙو نصاب ساڳيا نتيجا ڏئي سگهندو؟ ظاهر آهي ته وفاقي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن ۽ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن مان هڪجهڙو نصاب ساڳيا نتيجا ڏئي نه سگهندو. دراصل جيڪو نصاب لاڳو ڪيو وڃي ٿو اصل ڳالهه ان جي پڙهائڻ جي به آهي. اسان جي ملڪ ۾ سائنس اهڙي ريت پڙهائي وڃي ٿي. ٻڌو ۽ اعتبار ڪريو. اولهه جي ڪنهن مفڪر جو قول آهي ته، It is crime to teach science in the classroom ڊاڪٽر علي عثمان (21-2020ع) دنيا ۾ سامراجي طاقتورن جي هيٺان رهندڙ قومن جو جائزو وٺندي هڪ جهڙي نصاب نه هجڻ کي قوم جي ترقي نه ڪرڻ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو. بهتر نصاب سٺي نموني صرف تربيت يافته استاد ئي پڙهائي سگهي ٿو. ان ڪري بهتر تدريس لا استادن جي تربيت ضروري آهي. وفاقي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن لا ڀرتي ٿيندڙ استادن جي تربيت جو بهتر انتظام هوندو آهي.
وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ تعليم جي جديد طريقن جو ڪنهن حد تائين استعمال ٿئي ٿو. Audio-visual Aids جو استعمال ٿئي ٿو. توڙي جو وفاقي اسڪولن ۾ اهو طريقو گهٽ استعمال ٿئي ٿو، پر وڌيڪ سهولتون ميسر هجڻ جي ڪري انهن اسڪولن ۾ بهتر تدريسي طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. ڇو ته اصل ڳالهه اهو نصاب ٻارڙن جي ذهنن تائين اثرائتي نموني منتقل ڪرڻ آهي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ گهڻي ڀاڱي نصاب جي ٻارڙن جي ذهنن ۾ منتقلي جو واحد طريقو بليڪ بورڊ ۽ چاڪ جي استعمال ذريعي ئي هوندو آهي. وڏن شهرن جي ڪجهه سرڪاري اسڪولن ۾ آڊيو ويزيوئلي ايڊز جو استعمال ٿئي ٿو. باقي اسڪول اهڙي سهولت کان وانجهيل آهن. اوائل کان ئي انگريزي جي تدريس (مادري زبان سان گڏ) جي بهتر رٿا آهي. سنڌ ۾ هن ڀيري سخت ٽيسٽ مان گذاري استادن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ بيورو آف ڪريڪيولم قائم ٿيل آهي. ان جي انتظام هيٺ به استادن لا ٽريننگ ڪاليج هلندڙ آهن. اتي نه صرف نون ڀرتي ٿيل استادن جي تربيت جو انتظام هوندو آهي، پر وقت بوقت “ري-فريش” ڪورس به ڪرايا وڃن ٿا. پائيٽ جو ادارو به استادن جي تربيت لا ذميوار آهي. ان ڪري اهو واضح ٿيو ته، بهترين نصاب، هڪ تربيت يافته استاد ئي بهتر نموني سان پڙهائي سگهي ٿو. پر افسوس اها رسائي به صرف شهرن ۽ وڏن ضلعن تائين محدود آهي. باقي ٻهراڙين جي اسڪول تائين اڃا تائين ان رسائي جي کوٽ آهي.
اسان جي ملڪ جي صوبن ۾ ساليانو امتحاني سرشتو رائج آهي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ نصاب کي ننڍن ننڍن يونٽن ۾ ورهائي ان مان امتحان ورتو ويندو آهي. ايم سي ڪيوز وارو سرشتو به ڪارگر آهي. ڪٿي وري سيمسٽر سسٽم لاڳو آهي، جنهن ڪري شاگرد تي نصاب جو بار نٿو پوي. هاڻي ته پريزنٽيشن وارو طريقو به مروج آهي، پر اسان وٽ ساليانو امتحاني سرشتو لاڳو آهي. پر وفاقي زير انتظام اسڪولن ۾ گهڻي ڀاڱي اهو ئي سرشتو هلي ٿو. البت ڪورس کي ننڍن يونٽن ۾ ورهائي مرحليوار تياري ڪرائي وڃي ٿي ۽ سال جي آخر ۾ امتحان ورتو وڃي ٿو.
سنڌ جي سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن ۾ پڻ ساليانو امتحاني سرشتو لاڳو آهي. سڄي سال جي آخر ۾ 10-12 سوالن جي ذريعي شاگرد جي اهليت جي پرک ڪئي ويندي آهي. اهو سرشتو تنقيد هيٺ آهي.
(هلندڙ)