ڪن ماڻھن کي پڙھندي ايتري ته وابستگي ٿي ويندي آھي، جو ائين ناھي لڳندو ته اُھي اسان کان ڏور آھن. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ جڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان ڪي ليکڪ يا ڪھاڻيڪار منھنجي دل جي تمام ويجھو ٿي ويا آهن. انھن ۾ ھو به تمام وڏو تخليقڪار ھو! معذرت، ھو نه پر آھي!
ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ۾ “آھن” ئي ھُوندا آھن، اُھي “ھُئا” ڪڏھن به ناهن ٿيندا. سنڌ جي اھڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن املھه ماڻھن ۾ حفيظ شيخ جو نانءُ نمايان آھي ۽ رھندو. ھُو جيڪو ھن سماج ۾ ڄمي ڦاٿو ھو، هن سماج ۾ صفا منفرد ماڻھو هو.
گذريل ڪجھه ھفتن کان الائي ڇو مون ھن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ ائين داخل ڪيو آھي، جيئن ڪو احساس اندر ۾ پالي، ان کي پچائي ڪاڳر جي ٽڪري تي لکي، عوام آڏو آندو ويندو آھي. بلڪل ائين ئي اڄ حفيظ شيخ منھنجي اندر ۾ پچي پڪو ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ سمجھان ٿو ته وسري ويل حفيظ کي سنڌ سان ملايان. ھا سنڌ سان جنھن سنڌ ھن کي وساري ڇڏيو آھي، جنھن سنڌ ھن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سنڌ ھن کي فقط سنڌي نصاب ۾ شامل ڪري پنهنجي دل ۽ ذھن جي تختين تان ئي ميساري ڇڏيو آھي.
حفيظ شيخ 10 ڊسمبر 1931ع ۾، ضلعي خيرپورميرس جي شھر گمبٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول شيخ جي گھر ۾ ڄائو. بقول ھن جي ڀيڻ خديجه جي ته “ھُو قد ۾ وچولو ۽ بدن ۾ ويڪرو ھو. اڪثر فري انداز ۾ ڳالھائيندو ھو ۽ سندس آواز ڪنن کي وڻندو به ھو. نھايت خلوص ۽ پنهنجائپ سان مخاطب ٿيندو ھو. ڪاوڙ ۽ جوش ۾ البت زور سان ڳالھائيندو ھو.”
ھُو گھر جي ماحول ۾ تمام گھٽ ھوندو ھو. جيئن مدرسي ۾ اٺ ڏينهن به نه پڙهي سگهيو ائين ئي اسڪول ۾ به فقط پنج درجن تائين مشڪل سان پڙهيو، جو اسڪول سان گڏ گھر به ڇڏڻو پئجي ويس. ان عمر ۾ ئي هن پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ بوٽ پالش ڪيا، ٻيا ڪم ڪيائين. حيدرآباد ۾ ننڍڙو هٽڙو کوليائين، وري واپس خيرپور موٽيو انھيءَ ساڳئي استاد وٽ جنھن وٽ پنج درجا پڙھيو ھو. ان وٽ هڪ ڏينهن 20 منٽ پڙھيو ۽ ميٽرڪ جا امتحان ڏئي. يارھون ۽ ٻارھون حيدرآباد ۾ پڙهي ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ بي اي جا چار سال اٺن سالن ۾ پورا ڪيائين. تنهن کان پوءِ لاھور مان ايم اي صحافت ڪيائين. ھُو محمد ايوب کھڙي جو پي اي رھيو، اي پي پي جو نمائندو رھيو. وفات مھل فيملي پلاننگ ۾ ڊويزنل انچارج ھو. جڏھن ڊيرا غازي خان ۾ ٽرانسفر ٿي ته اُتي ڪلثوم نالي ھڪ عورت سان لڳاءُ ٿيس ۽ شادي ڪيائين.
حفيظ شيخ بھترين صحافي ھوندو ھو. 1951ع ۾ جڏھن ھُو ميٺارام هاسٽل ۾ رھندو ھو، تڏھن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙن ۾ حفيظ به پنھنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. انھن ئي ڏينھن ۾ سائين جي ايم سيد جي اخبار “نواءِ سنڌ” ۾ ڪم ڪندو ھو. جنهن حوالي سان شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته؛ “حفيظ شيخ جو تعلق صحافت سان به رهيو هو. هو اٽڪل ستن سالن تائين ڪنهن اخبار جو نامه نگار ٿي رهيو هو. رڳو مشاهده نگار نه هو، بلڪه قومي درد رکندڙ نوجوان به هو. هن مالي مشڪلاتن جي باوجود به محنت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي، پنهنجي تعليم جاري رکي. زندگيءَ جي ڪٺن مرحلن ۾ هو سدائين جدوجھد ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن به پاڻ تي ياسيت يا قنوطيت حاوي ٿيڻ نه ڏنائين، تاهم ذهني طور بي اطميناني ۽ الجهن جو شڪار رهيو. هو انتهائي حساس طبع واقع ٿيو ۽ سرمائيدارانه نظام کي ئي، اخلاقي پستيءَ ۽ هر برائيءَ لاءِ ذميوار سمجهندو هو. هو انسان تي ڪنهن به قسم جي روڪ ۽ سماجي ٻنڌڻن ۽ مذهبي پابندين جي خلاف هو. سندس ڪهاڻين مان به اهو ئي باغيانه روح پيو جهلڪا ڏئي.”
جيئن ته حفيظ شيخ بنيادي طور صحافي هو، ان ڪري سندس ڪهاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اُپٽار ٿيندي نظر اچي ٿي. سندس لکيل ڪهاڻين ۾ “امان مان اسڪول ڪونه ويندس، مبارڪون، ٻه پاڇا، اديب، ٽواٽو.” شاهڪار ڪهاڻيون ليکيون وڃنس ٿيون. اُن کان سواءِ ٻين به ڪهاڻين کي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي ھيس. حفيظ جي اها ڪهاڻي “امان مان اسڪول ڪونه ويندس” يونيورسٽين ۾ سنڌي لازمي نصاب ۾ شامل آھي. حفيظ شيخ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڪردار پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ ٻار جو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. جا ڪنهن ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي پيش ڪري ٿي. جنهن ۾ استاد ۽ ٻار جو رويو، اسان جي سماج ۾ موجود تعليم جو نظام ۽ استاد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ۽ استاد جي ڊپ يا مار کان اهو ٻار ايترو ته ڇرڪي ويو آهي، جو هو ان خوف وچان مري وڃي ٿو. ان دور ۾ استاد جو ڪيترو مان هوندو هو، جو استاد جو ڊپ شاگرد جي ذهن مان نڪرندو ئي ڪونه هو. اڄ جي دور ۾ استاد جي ڪنهن شاگرد تي هٿ کڻي ته ان استاد جو پوءِ الهه واهي آهي. پر حقيقت ۾ هيءَ ڪهاڻي سماجي قدرن کي وائکو ڪندي لکي وئي آهي، جنهن ۾ استاد جيڪڏهن پنهنجي تشدد واري رويي کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي طريقي سان ٻارن کي پڙهائي ته هوند بهتر ٿيندو.
ڪڏھن ڪڏھن مون کي حفيظ جي ھر ڪھاڻي سندس آتم ڪٿا لڳندي آهي، جيئن ته حفيظ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنھنجي ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ جنهن مھل فوج ۾ ڀرتي ۽ عشق جو ذڪر ڪري ٿو ته ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ھُو پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي رھيو ھجي. جيئن ڪھاڻي “ٻه پاڇا” ۾ ذڪر ڪري ٿو. حفيظ شيخ هن ڪھاڻيءَ ۾ منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ جيڪو وڇوڙي کي ڏيکاريو آهي سو به ڪمال آهي.
حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ۾ حقيقي رنگ تمام گهڻو ملي ٿو. سندس موضوعن ۾ مقامي رنگ نمايان نظر اچي ٿو. جنهن لاءِ حفيظ شيخ “پن ٻوڙين پاتال” ۾ لکي ٿو ته؛ “منهنجون آکاڻيون بند ڪمرن ۾ ويهي، شراب جا پيگ چاڙهي ڪين لکيون وينديون آهن. اهي آکاڻيون زندگيءَ جو صحيح عڪس هونديون آهن ۽ اهي عڪس آئون جيئري جاڳندي جندڙي جي رنگن مان چورائيندو آهيان. منهنجي آکاڻين ۾ سرو جا وڻ، آلوچي جا درخت، زعفران جا گل ڪين اسرندا آهن. ٻه چار مرڪون، ٿورڙا لڙڪ ڪل اثاثو هوندو اٿن. انهن لڙڪن جا نقش جهٽڻ لاءِ آئون ڪيترا ڏينهن ويڳاڻو ٿي گهمندو وتندو آهيان ۽ پوءِ جيڪي پڙ پوندو اٿم، سو ڪنهن ڪنڊڙي ۾ ويهي لکي ڇڏيندو آهيان.”
ٻه پرچا “شاگرد” رسالي جا شايع ڪيائين. ھڪ روشن مغل نمبر ۽ ٻيو عام پرچو ڪڍيائين. حفيظ شيخ اڄوڪي ڏينهن 9 نومبر 1971ع ۾ اسان کان جسماني طور پري ھليو ويو، ھن کي اميدن ڀري قبرستان ڪنٽومينٽ حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. افسوس جو ھاڻ قبر به نٿي ملي.
حفيظ شيخ کي ھڪ مضمون ۾ سمائڻ مطلب سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ آھي. حفيظ جي زندگي، ڪھاڻين، ناوليٽ ۽ خطن کي پڙھڻ لاءِ 1997ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب “اڇو پکي واءُ” سھيڙيندڙ نصير مرزا پڙھڻ کپي ۽ سنڌ کي گذارش آھي ته وسري ويل حفيظ کي ياد ڪري، هن کي ھميشه لاءِ امر ڪيو وڃي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته حفيظ جي قبر تي لکيل ھي لفظَ حفيظ جھڙي ڪنھن ٻئي لاءِ لکيا وڃن.
“روح جا نارا جڏھن
ٺريو برف ٿيو وڃن ته
وهڪ بهجيو وڃي –
نه ميار توتي
نه ميار مونتي!”