ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

کاٻي ڌُر جو جمهوري اتحاد

Editorial-Article- Irshad Leghari

اول ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هن ملڪ اندر مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جو خواب ساڀيان لاءِ سرگردان آهي. هي ملڪ جيڪو سدائين آئين جي حڪمراني ۽ روشن خيال عوام دوست جمهوري قدرن کان وانجهيل رهيو آهي، تنهن ۾ هاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معاشي ۽ سياسي بحران ان سوال کي ويتر شديد بڻائي ڇڏيو آهي ته آخر اها ڪهڙي ڌُر آهي، جيڪا محڪومن جو وقار بحال ڪرائي ٿي سگهي؟ ڇو ته پنهنجي پارٽي بيهڪ ۽ ترجيحن ۾ وڏين اقتداري پارٽين جو رڪارڊ ايترو ته خراب ٿي چڪو آهي جو ماڻهو انهن مان وڌيڪ ڪابه اميد هاڻ ڪونه ٿا رکن. بس هڪڙي رسم آهي، جيڪا هلي هلي هاڻ پنهنجو سمورو ساءُ وڃائي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر دور جيان هن دور ۾ به اهڙين عوامي ڌرين جو اتحاد اڻٽر ٿي پيو آهي، جيڪي پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ سيڪيولر، ترقي پسند ۽ حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري هجن. ڇاڪاڻ ته اهڙين حقيقي عوامي ڌرين مان ڪابه ڌُر اڪيلي سِر اهي گهربل نتيجا نه ڏيئي سگهندي، جيترو ثمر اسان کي ڪوئي اتحاد ڏيئي ٿو سگهي.
سو اهڙي گهرج کي نظر ۾ رکندي ٻه ٽي ڏينهن پهرين سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ “ليفٽ ڊيموڪريٽ الائنس” جوڙيو ويو آهي. کاٻي ڌر جو اهو جمهوري اتحاد جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي “شهيد ڀٽو” ۽ ڪجھه ٻيون ڌريون شامل آهن. اهو اتحاد پنهنجي لاءِ ان ڪري به هڪ سٺو سنئوڻ آهي جو ان ۾ سڀ اهي ڌريون شامل آهن، جيڪي عوامي طبقاتي جدوجهد جو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڊگهو تجربو رکڻ سميت عوام اندر سُٺي ساک رکن ٿيون. اهو اتحاد پنهنجي سگهه ۽ جدوجهد سان اڳيان ڪهڙي ماڳ رسي ٿو؟ سو ته ايندڙ ڏينهن پاڻ کي پاڻهي ٻُڌائيندا هلندا پر پاڻ دل سان اهڙي وک جي آجيان ڪريون ٿا، جو وقت جي اها گهرج هئي ته اهڙو ڪو ڪارائتو سنگ جڙي ۽ اهو سنگ خيرن سان جڙي چڪو آهي.
دراصل پاڻ مُنڍ کان وٺي ان راءِ جا رهيا آهيون ته هن ملڪ جون مظلوم ۽ محڪوم قومون توڙي طبقا جيڪڏهن ڪنهن منظم گڏيل اتحاد ۾ پنهنجي گڏيل پُرامن جدوجهد سان ميدان ۾ لهن ٿا ته ان جا نتيجا پڪ سان لاڀائتا نڪرندا. ۽ هي نظام جيڪو رات ڏينهن عوام جي جمهوري آئيني انساني حقن کي جبري طور گُهٽي اسان کان لکڻ، ڳالهائڻ ۽ احتجاج جو حق کسڻ واري جيڪا ڏاڍائي ڪري رهيو آهي، تنهن جبر کي نه فقط روڪي ٿو سگهجي بلڪ آئين ۾ مليل جمهوري عوامي حقن جي حاصلات واري راهھ پڻ هموار ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ لازم آهي ته مظلوم قومن جو ڪو نئون اتحاد سامهون اچي. واضح رهي ته پونم کان پوءِ وري ڪو اهڙو اثرائتو فورم نه جُڙي سگهيو، جنهن ۾ سمورين قومن جي نمائندگي هجي. پر هاڻ ته معاملا به وقت جي ڦيري سان گهڻا تبديل ٿي چُڪا آهن ۽ ٻيو قومن جي نمائندگي ڪندڙ قيادت مان پڻ گهڻا اڳواڻ پرئين پار پڌاري چڪا آهن، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اڳوڻن اتحادن جا سمورا تجربا سامهون رکندي، وقت سان گڏ آيل تبديلين جي تناظر ۾ مظلوم قومن جو هڪ اهڙو نئون اتحاد جوڙجي، جنهن ۾ باقي بچيل ساکائتن بُزرگن سان گڏ انهن نوجوانن جي به نمائندگي هجي جيڪي معروض کي بهتر سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ظاهر آهي اهو ڪم قومن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين جو ئي آهي، سو اهڙين ڌرين لاءِ وقت جي ان سڏ پڙاڏي کي ٻُڌڻ ۽ ان جي مهلائتي ورندي ڏيندي هڪ ٻئي سان رلجي هڪ ٻئي جي سگهه بڻجڻ لازمي آهي. بهرحال هاڻ اچو ته ٿورو جائزو وٺون ته پاڻ بيٺا ڪٿي آهيون. هر ڪنهن کي پنهنجي اک آهي پر پاڻ اهو پيا ڏسون ته سنڌ وڏي تيزي سان قومي طبقاتي سوال جي نئين صبح ۾ سلهاڙجڻ وڃي رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ جي مجموعي شعور کي اهو سچ هاڻ بنادير تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ اتهاس ۾ اڳي ڪيئن به رهي هجي پر ان جي هاڻوڪي حيثيت هڪ مفتوح پرڳڻي واري آهي ۽ جن سنڌ کي فتح ڪيو، تِن سنڌ جي اختيار ۾ پنهنجو ڪمدار ان ئي طبقي کي چونڊيو آهي، جنهن طبقي جا ابا ڏاڏا سنڌ مٿان ڪاهي ايندڙ هر ڦورو جي درٻار ۾ ڪنڌ نوائي ساڻن وفاداري جا حلف کڻي ان شرط تي بخششون وٺندا رهيا ته اهي سنڌ جي لوڪ کي لتاڙڻ ۾ قبضاگيرن جو هر حوالي سان ساٿ ڏيندا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
هاڻ اتي سوال اهو آهي ته اهو ڪهڙو طبقو آهي، جيڪو پنهنجن ابن ڏاڏن کان سنڌ ۾ هوندي به سنڌ خلاف ڦورو طبقن جو ساٿاري بڻجندو آيو آهي؟ اهو طبقو آهي سنڌ جا جاگيردار، وڏيرا، پيراڻيون ميراڻيون گاديون ۽ ٻي اها موقعي پرست آفيسر شاهي آهي، جنهن جو ڪوبه دين ايمان ڪڏهن رهيو ئي ناهي.
ته پوءِ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ اهو آهي اڄ جو اهڙو سوال، جيڪو جيڪڏهن دُرست انداز ۽ رُخ ۾ نه سمجهيو ويو ته پوءِ سنڌ جي وجود جا وڍ اڃا به گهرا ٿي ويندا ۽ اسين پنهنجي ايندڙ نسلن مٿان تاريخ جو هڪ اهڙو ٻوجھه وجهي وينداسين جيڪو ٻوجھه لاهڻ ۾ کين زمانا لڳي ويندا. تنهن ڪري اچو ته ڏسون نجات ڇا ۾ آهي؟
جيڪڏھن فهرست جوڙڻ ويهنداسين ته پوءِ سنڌ کي درپيش خطرن جي فهرست الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي!! پر هتي پاڻ رڳو پنج نقطا في الحال کڻون ٿا ۽ پوءِ ڏسو ته سنڌ جي انهن نقطن کي ڪير ڪيئن ڏسي رهيو آهي. اهي پنج نقطا هي آهن.

  1. سنڌ جو سياسي اختيار
  2. سنڌ جو درياھه
  3. سنڌ جا قدرتي وسيلا
  4. سنڌ جي زمين
  5. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري
    ايئن پاڻ جڏهن مٿين پنجن ئي نقطن جي تهه ۾ وينداسين تڏھن خبر پوندي ته سنڌ کي مفتوح ۽ محڪوم بڻائي ويٺل اصل ۾ رياستي قوتون ئي آهن جيڪي قوتون انهن پنجن ئي پاسن کان ڪڏهن زبردستي ته ڪڏهن اٽڪل ۽ چالاڪي سان هڪ ٺڳي جو ٺاھه رِٿي، سنڌ کي پنهنجن مقامي ڪمدارن سان رلجي ڪَرٽي رهيون آهن. واضح ڪندا هلون ته اهي سمورا ڪمدار پاڻ کي سنڌ جي ايوانن ۾ ئي ملندا، پوءِ ڀل سندن تعلق ڪهڙي به ڌُر سان ڇو نه هجي. پر طبقاتي تعلق ۾ جيئن ته اهي سڀ هڪ ٻئي جا مِٽ مائٽ آهن، تنهن ڪري سندن مفاد به فطري طور ساڳيا آهن. اهي مفاد جيڪي سنڌ جي پورهيتن ۽ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين خلاف آهن.
    انهي سموري پسمنظر ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اسين سمجهي سگهون ته هي ڪنهن جي جنگ آهي؟ ته پوءِ ياد رکو هي جنگ عالمي – مقامي سرمائيدار ۽ سندن ڪمائو پٽن ۽ سنڌ سميت سمورين اصلوڪن پورهيت ڌرتي ڌڻين وچ ۾ جنگ آهي ۽ هي جنگ عوام کي ئي وڙهڻي پوندي.
    ان ڏس ۾ آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومي طبقاتي شعور سان سلهاڙيل ۽ مظلومن جي مزاحمتي تاريخ جو ادراڪ رکندڙ کاٻي ڌُر جي جمهوري اتحاد مٿان تاريخ جي اها ذميواري بيهي ٿي ته ان اتحاد ۾ شامل ڌريون فردي پسند ناپسند کان مٿاهون بيهي سنڌ جي دفاع ۾ هن محاذ کي ڪارائتو بڻائي ثابت ڪن ته اهي ئي عوام منجهان آهن ۽ هي اهو اتحاد ئي آهي جنهن جي گهڻي زماني کان گهرج هئي.
    پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جنهن سدائين ملڪ ۾ عوامي جمهوري جدوجهد جي مهنداري پئي ڪئي آهي، سا هاڻ به اها صلاحيت ۽ سگهه توڙي شعور رکي ٿي. سنڌ ۾ لوڪ سمجھه جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته:
    “مهل هٿان وئي ته سڀڪجهه ويو”
    تنهن ڪري سنڌ جي قومي طبقاتي شعور ۽ ساڃاهه کي پنهنجين پنهنجين ڪاميابين توڙي ناڪامين جو نئين سِر جائزو وٺڻ جي گهرج آهي ۽ جڏھن اهي ڌريون ڪنهن ٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻ بدران، مڪمل ايمانداري سان پنهنجو پنهنجو جائزو وٺنديون تڏھن پڪ ڄاڻو ته سنڌ کين ڀرپور موٽ ڏيندي.
    اها سنڌ جيڪا هن وقت سراپا اهڙيون صدائون بڻيل آهي، جن ڏانهن مرشد لطيف سسئي آبري ۾ هيئن اشارو ڪيو آهي ته:
    ساجَنَ ڪارَڻ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئي
    اَندرِ جَنيِن اُڃَ، پاڻي اُڃيو اُن کي.
    مطلب جيڪي سسئي جيان پنهنجي محبوب آدرش لاءِ ڪُڏي سُورن جي سُڃ قبولي اڳتي وڌن ٿا ۽ جهنگ بَر جهاڳين ٿا تڏهن آدرشن جا انقلابي انعام به انهن جي ئي اوسيئڙي ۾ ٿا رهن. تنهن ڪري اڳتي وڌي عوام کي ويساھه ڏياريو ۽ اهو انعام ماڻيو، جيڪو هر دئور ۾ عُشاق انقلابين ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button