ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غربت جي شرح ۾ واڌ

Editorial

ملڪي معيشت جي حالت سڀني کي ساري پئي آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جيئن تباهيءَ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو هو، ان ڏينهن کان وٺي اها بهتر نه ٿي سگهي آهي. نتيجي ۾ جهرندڙ معيشت جو سڌي ريت عام ماڻهوءَ تي پيو آهي. ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ عوام تي معاشي بار پڻ وڌي ويو آهي. ان کان سواءِ ملڪ ۾ بيروزگاري به وڌي رهي آهي. جنهن جي ڪري به غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ان کان اڳ ملڪي تاريخ ۾ غربت ايتري ڪانه وڌي هئي ته هن وقت ان ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، جنهن جو اعتراض حڪومتي نمائندا پڻ ڪري رهيا آهن. پر ڇا غربت جي خاتمي لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن وٽ ڪي اهڙيون رٿائون آهن، جن وسيلي حالتون بهتر ٿي سگهن. سنڌ جي وڏي وزير پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته ملڪي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس صوبي جي معيشت اڃا تائين دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مجموعي غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75 ڏهائي 5 سيڪڙو غربت رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي آهي ته معيشت کي 6 کان 7 سيڪڙو وڌايو وڃي ته جيئن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ هر سال 6 لک کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون وڃن پر اها حڪمت عملي 11-2010ع جي ٻوڏن، ڪرونا وائرس ۽ هاڻي 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ 49 هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام/25 هين ابتدائي ڪمانڊ ڪورس جي 35 اي ايس پيز کي خطاب ڪندي چئي، جن ۾ 9 عورتون پڻ شامل هيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي جو راڄڌاني ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو ملڪ جو خاص مالياتي ۽ واپاري مرڪز آهي، سنڌ جي معيشت به ملڪي معاشي صورتحال جيان دٻاءُ جو شڪار آهي. وڏي وزير موجب سنڌ ۾ مجموعي طور تي غربت جي سطح بلند آهي، جيڪا 43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اها شرح 75 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي. هن چيو ته سنڌ کي معيشت ۾ 6 کان 7 سيڪڙو سالياني واڌ جي ضرورت آهي ته جيئن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ نجي شعبي ۾ 600000 کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون وڃن ۽ اهوئي سبب آهي ته صوبي ۽ ملڪ جي ترقيءَ جا وڏا محرڪ سرڪاري خرچ ۽ سرمائيداري پيداوار آهن. مراد علي شاهه چيو ته تازي ٻوڏ صوبي جي سمورن شعبن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسان 2010ع جي ٻوڏ کي منهن ڏنو، پوءِ ڪورونا وائرس ۽ هاڻي 2022ع ۾ وڏي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي آفتن ۽ ٻين مسئلن باوجود سندس حڪومت ترقياتي پورٽ فوليو کي ترجيح ڏني آهي، جهڙوڪ نتيجن تي ٻڌل انساني ترقي، سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائي، ڪراچي ۽ ٻين شهري مرڪزن تي ڌيان ڏيندي شهري ترقي، پاڻي ۽ صفائيءَ جون اسڪيمون شروع ڪرڻ، رابطن کي بهتر بڻائڻ، مربوط زراعت لاءِ پاڻي کي محفوظ بڻائڻ شامل آهن. پنهنجي موثر پاليسين بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت صوبي ۾ آسان ڪاروبار ڪرڻ ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم سڌارا ڪيا آهن، جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ جي درجابندي 128 کان 108 (2019 کان 2020) تائين بهتر ٿي وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عام ماڻهو جهڙي ريت ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو آهي، ان کي سهارو ڏيڻ لاءِ حڪومت کي تڪڙا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. ملڪي معيشت کي رڳو پرڏيهي ملڪن کان قرض وٺي نٿو هلائي سگهجي پر ملڪ ۾ موجود جيڪي به وسيلا موجود آهن، انهن کي بهتر نموني ڪتب آڻي بهتر ڪري سگهجي ٿو. درآمد تي ڀاڙڻ بدران برآمد تي زور ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن هن وقت 43 سيڪڙو ماڻهو غربت جو شڪار آهن ته اهو انگ اڃا به وڌي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ڪا بهتر صنعت ناهي، ڪي اهڙا ڪارخانا نه آهن، جن ۾ مزدور طبقي کي ڀرتي ڪري سگهجي ۽ انهن کي سٺو روزگار فراهم ڪري سندن معاشي حالت بهتر ڪئي وڃي. تنهنڪري حڪومت کي ايمرجنسي بنيادن تي غربت جي خاتمي لاءِ ڪي اهڙيون رٿائون شروع ڪرڻ گهرجن جن سان ايندڙ وقت ۾ غربت جي شرح گهٽائي سگهجي ۽ عوام جي معاشي حالت پڻ بهتر ڪري سگهجي. پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن صنعت جي شعبي کي رڳو ڪراچي تائين محدود نه ڪيو وڃي. سنڌ ۾ جيڪي به ننڍا وڏا شهر آهن، انهن ۾ ننڍيون توڙيون وڏيون صنعتون لڳايون وڃن. ماڻهن کي هنر سيکاريا وڃن. ان کان سواءِ ملڪ ۾ سياحت جي شعبي کي هٿي ڏني وڃي، ان ۾ به روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ ماڻهن جي گهڻي انگ کي روزگار سان لڳايو وڃي. ٻي صورت ۾ غربت جي شرح ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي رهندي ۽ اهو سلسلو ڪنهن به ريت پڄاڻي تي نه پهچندو. غربت جي شرح ۾ واڌ جو اعتراف ڪرڻ بهتر عمل آهي، پر رڳو اعتراف ڪرڻ سان ان کي گهٽائي نٿو سگهجي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان لاءِ عملي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن هر شعبي ۾ ترقي پڻ ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button