اھو ھڪڙو عجيب اتفاق آھي تھ عمران خان سان گڏوگڏ پاڙيسري ملڪ ھندوستان اندر اتان جي پراڻي سياسي پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس جو سربراھه راھول گانڌي بھ ھڪڙي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري رھيو آھي جيڪو سندس دعوى موجب ھندوستان کي مذھبي ۽ فرقيواريت جي باهھ کان آجائي ڏيارڻ لاءِ آھي. حالانڪ پاڪستان کي مذھبي فرقيواريت کان آجائي ڏيارڻ جو عمران خان جو ڪوئي ارادو ڪونھي. اڃان بھ اھو مذھبي ٽچ ڏيڻ جو شوقين آھي. حالانڪ مٿس حملو ڪندڙ وٽ بھ حملي جي جواز طور مذھبي ٽچ ئي آھي. ڇاڪاڻ تھ انتهاپسندي ھڪ اھڙي باھه آھي جيڪا دير سوير سڀني کي ساڙيندي.
ڪجهھ عرصي کان پاڪستاني سياست ۾ الزام تراشي ۽ جوابي الزام تراشيءَ جي بازار گرم رھي آھي. مطلب عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي ناپسنديده حصي ۽ وفاقي حڪومت تي الزام ھڻي رھيو آھي. ان جا ساٿي ۽ پارٽي ميمبر بھ اھڙي الزام تراشي ڪري رھيا آھن تھ ٻئي پاسي وري الزام ھيٺ آيل ڌريون انھن الزامن جا نھ رڳو جواب ڏئي رھيون آھن پر اھي پاڻ بھ الزام ھڻي رھيون آھن. خاص ڪري جڏھن عمران خان جي حقيقي آزاديءَ واري لانگ مارچ تي پراسرار حملو ٿيو تڏھن ھر پاسي کان اھڙي حملي جي مذمت ٿيندي رھي. حڪومت ھجي توڙي مخالف ڌر، سياسي پارٽين جا اڳواڻ ھجن توڙي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻ، ھر ڪنھن ڏک ۽ افسوس جو اظھار ٿي ڪيو. پر جڏھن عمران خان ان حملي جي ذميوارن ۽ ماسٽر مائينڊ طور ڪجھه مقدس نالا کنيا ۽ پنھنجي ئي پنجاب حڪومت کان انھن جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳو تھ ھر ڪنھن ان سموري واقعي کي ٻِي نظر سان نھارڻ ۽ ٻئي ماحول ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ھاڻي اھو سوال پيدا ٿي پيو تھ ڇا حملو واقعي بھ حملو ھئو يا ڪو ناٽڪ ھئو؟ ھاڻي اھو سوال پيدا ٿي پيو تھ ايترين گولين سان ايترا ماڻھو ڪيئن زخمي ٿيا؟ خان صاحب کي اھا گولي ٽنگ ۾ ئي ڇو لڳي؟ لڳي بھ يا محض ناٽڪ ڪيو ويو ھئو؟ وغيره وغيره. اسان جي ملڪ ۾ مظلوم کي ئي ظلم جو ذميوار سمجھڻ جي ريت پراڻي آھي. اھڙي نموني سياسي ميدان ۾ پاڻ چمڪائڻ لاءِ مختلف جتن ڪرڻ جي روايت بھ تمام پراڻي آھي. ان ڪري ٻنھي قسمن جون سازشي ڳالھيون ٿينديون رھيون.
سگھو ئي پوءِ تحريڪِ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتيءَ وارو قصو سامھون آيو جنھن ۾ ھن الزام ھنيو آھي تھ پنھنجي گھر واريءَ سان گھاريل ڪجھه انتھائي نجي لمحا رڪارڊ ڪري کيس ۽ سندس گھر واريءَ کي موڪليا ويا آھن. شايد اھو دڙڪو ڏيڻ لاءِ تھ اسان توھان جي ڪيترو ويجھا آھيون يا وري شايد اھو ٻڌائڻ لاءِ تھ اسان وٽ زال مڙس کان علاوه نجي لمحن جون رڪارڊنگ بھ آھن. ضرورت پئي تھ اھي بھ مارڪيٽ ۾ لاھينداسين. سواتيءَ جي انھن الزامن جي جواب ۾ ايف آئي اي تڪڙو جواب ڏيندي چيو تھ ان سموري وڊيو جي انٽرنيشنل معيار مطابق فارنزڪ ٽيسٽ ڪئي آھي ۽ ڄاتو آھي تھ وڊيو مڪمل طور تي جعلي ۽ من گھڙت آھي. عام طور تي اسان جي ملڪ جون ايجنسيون ايترو تڪڙو جواب تھ ڏينديون ڪونھن پر ھن معاملي ۾ صورتحال ڪجھه ٻِي پئي نظر اچي. ھڪڙو ماڻھو پنھنجي زال سان گڏ بھ رڪارڊ تي ھوندو، اھو ھن جمھوريه جو ئي ڏاج آھي. جيڪڏھن سواتيءَ جون واقعي ڪي ٻيون اعتراض جوڳيون وڊيو بھ آھن تھ پوءِ پنھنجي سموري پارسائيءَ جي دعوائن جي گناھن ۾ گتل ڪو ماڻھو بھ ھن جمھوريھ ۾ ئي ملندو.
ھن ملڪ ۾ اھم سياسي شخصيتن جا خون ھجن يا مٿن جاني حملا، ملڪي آئيني ادارن جون رپورٽون ان سلسلي ۾ ڀروسي جوڳيون بلڪل نھ ھونديون آھن. اھو ئي سبب آھي جو ھن ڀيري بھ ايف آئي اي وارن اعظم سواتيءَ واري وڊيو جي جيڪا انٽرنيشنل ليول جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائي آھي اھا رڳو وفاقي حڪومت کي ئي مطمئن ڪري سگھي آھي. ساڳي طرح شوڪت خانم اسپتال منجھان جيڪو علاج ڪرايو ويو ان منجھان بس عمران خان ئي مطمئن آھي. باقي نھ تھ ھر ڪوئي ان تي سوال ڪري رھيو آھي. گولي لڳل ھمراھه جنھن جو ھڏو بھ متاثر ٿي سگھي ٿو اھو ڪينسر اسپتال منجھان علاج ڪيئن ٿو ڪرائي سگھي؟ ان ڪري جو پنھنجي اسپتال کان علاوه ڪنھن ٻِي اسپتال تي کيس ڀروسو ڪونھي ۽ ٻين اسپتال وارن کي وري سندس ڪينسر اسپتال ۽ ان ۾ ٿيندڙ علاج ۽ ٽيسٽن جي نتيجن تي ڀروسو ڪونھي.
پڙھندڙ جي ذھن ۾ اھي سوال ضرور جنم وٺن ٿا تھ ڇا عمران خان تي حملو ان ڪري ڪيو ويو تھ جيئن سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿئي يا ان ڪري تھ جيئن ھُو ڊڄي وڃي ۽ پنھنجو لانگ مارچ اڌ پنڌ ۾ ئي ڦٽو ڪري؟؟ ان جي آس پاس موجود ماڻھو خاص ڪري سياسي ماڻھو ان منجھان سبق حاصل ڪندي پري ٿي بيھن؟ خان صاحب کي گوليءَ بدران شيشي يا لوھه جا ڪجھه ذرا ٽنگ ۾ لڳڻ واري جيڪا ڳالهھ آھي اھا اھو ثابت ڪري ٿي تھ مٿس حملو مٿي ڄاڻايل ٻنھي سببن منجھان ڪنھن ھڪ کي ذھن ۾ رکي ئي ڪيو يا ڪرايو ويو آھي. سڄي دنيا اندر ائين ٿيندو آھي تھ سياسي قتل جي پٺيان جيڪي طاقتون ھونديون آھن اھي ڪو بھ ثبوت نھ ڇڏينديون آھن. اھي سڀ ڪجھه ختم ڪري ڇڏينديون آھن. اھي جيڪڏھن مارڻ چاھيندا آھن تھ ماري ڇڏيندا آھن جيئن انھن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس اولاد کي قتل ڪيو ھئو. عمران خان پنھنجي مٿان حملي جي ذميوارن طور جيڪي ٽي نالا کنيا آھن انھن منجھان تھ اھو ئي ثابت پيو ٿئي تھ ھُو اسٽيبلشمينٽ کان حڪومت جي تبديليءَ جو مطالبو ڪري رھيو آھي. پر ان وچ واري خاموشيءَ دوران سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ ڇا ھُو ڊڄي ويو آھي تھ مٿس ٻيھر حملو ٿي سگھي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ سندس جان ھلي ويندي؟ يا ھُو اسٽيبلشمينٽ اندر ويٺل پنھنجي مالڪ کان ڪنھن نياپي سنيھي، ڪنھن ھدايت جي آمد جو انتظار ڪري رھيو آھي يا ھُو ڳجھي نموني سان ڳالھيون ٻولھيون ڪري سموري معاملي کي ھاڻي ڪنھن ٻئي نموني نبيرڻ چاھي ٿو جيڪو اڳ ھُو لانگ مارچ ۽ جھڳڙي ذريعي نبيرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھئو؟
زخمي ٿيڻ کان پوءِ عمران خان لانگ مارچ کي پنھنجي صحتمنديءَ تائين ملتوي ڪيو. پنھنجي پھرئين پريس بيان ۾ ھن حملي جي ذميواري جن تي عائد ڪئي ٿي، آئي ايس پي آر عمران خان پاران لڳايل الزامن جي نھ رڳو ترديد ڪئي بلڪ اھڙي بيان بازيءَ کي غير ذميواراڻو ۽ بي بنياد پڻ ڪوٺيو. لڳ ڀڳ ستن مھينن کان وٺي ملڪ اندر ھڪڙي سخت قسم جي بحراني ڪيفيت موجود آھي يعني جڏھن کان عمران خان کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو آھي، ملڪ اندر سياسي، معاشي، سماجي ۽ اداراجاتي حوالي سان تمام گهڻي تفريق ۽ نفرت وارو ماحول موجود آھي. 1970 ۾ ملڪ اندر جيڪي عام چونڊون ٿيون ھيون تن ۾ ووٽن جو ٽرن آئون 63 سيڪڙو کان ڪجھه وڌيڪ ھئو جيڪو ھن وقت تائين جو سڀ کان وڏو ٽرن آئوٽ آھي. ان کان پوءِ ملڪ اندر چونڊون تھ ٿينديون رھيون آھن پر ٽرن آئوٽ ڪڏھن بھ ان سطح تي پھچڻ تھ ٺھيو رھندو گهٽجندو رھيو آھي. ڪنھن بھ سرمائيدار جمھوري ملڪ ۾ اليڪشن دوران ٽرن آئوٽ جو مثال انساني جسم اندر رت جي دوري جيان ھوندو آھي. سو، جيڪڏھن پاڪستاني ماڻھو ووٽ ڏيڻ ۾ دلچسپي نھ ٿا وٺن تھ ان جو مطلب آھي ھن ملڪ اندر جمھوريت جو بلڊ پريشر لڳاتار گهٽجي رھيو آھي. جسم منجھان جان نڪرندي پئي وڃي. ھڪڙي پاسي عوام جو جمھوري عمل ۾ ويساھه ان سطح تائين ڪِريل ۽ ٻئي پاسي عمران خان تي حملي وارو واقعو ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال اھو واضح ڪري رھي آھي تھ معاملا اڃان وڌيڪ بگڙڻ ڏانھن پيا وڌن، ٺيڪ نھ پيا ٿين. جيڪڏھن اھا موجوده بحراني صورتحال ائين ئي جاري رھي تھ ٻاھرين ملڪن کان ڀل ڪيتري بھ مالي امداد ۽ قرض ملندو رھي، ملڪ جي اندروني حالت ٺيڪ ڪانھ ٿيندي. وقت گذرڻ سان پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ بڻجڻ ڏانھن وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندو ويندو جيڪو حڪمرانيءَ جي قابل نھ آھي. يعني اھڙو ملڪ جنھن تي حڪومت نھ ٿي ڪري سگھجي. جنھن کي ڪير بھ پنھنجي حڪم ھيٺ نھ ٿو رکي سگھي جيئن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ لکيل آخري ڪتاب ۾ قبوليو آھي. ھن ملڪ کي جاگيردار، سرمائيدار، اسٽيبلشمينٽ، ملان، بيوروڪريٽ ۽ آمريڪي ايجنٽن سميت ڪير بھ ھلائي نھ سگھيو آھي. ڪنھن بھ حڪومت کي ڪامياب قرار نھ ٿو ڏئي سگھجي. اھڙي صورت حال ۾ ظاھر آھي تھ بس اللھ واھي آھي.