ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ شهزادي جي ڪهاڻي-I

Editorial-Article- Rauf Nizamani

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست تي گھڻو ڪجھه لکيو ويو آهي ۽ اڃا به اهو سلسلو جاري آهي. بينظير جي شهادت کان پو سندس دوست ڀارتي صحافي شيام ڀاٽيا سندس شخصيت ۽ سياست تي هڪ اهم ڪتاب Goodbye Shahzadi- A political Biography of Benazir Bhutto لکيو. شيام آڪسفورڊ ۾ بينظير سان گڏ هو پر ٻنهي جا ڪاليج ڌار هئا. بينظير سان پنهنجي تعارف ۽ واقفيت متعلق هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت هو بي بي سي سان ڪم ڪندو هو. کيس انهن پاران بينظير جي انٽرويو ڪرڻ جو اسائنمنٽ ڏنو ويو. هن جڏهين بينظير سان رابطو ڪري انٽرويو متعلق چيو ته هن کيس چيو ته هو پنهنجي پي سان ڳالهائي پو کيس ان متعلق ٻڌائيندي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته بينظير آڪسفورڊ پاران سندس پي، جيڪو پڻ آڪسفورڊ جو شاگرد رهيو هو، کي اعزازي ڊگري ڏيڻ لا ڪوشش ڪري رهي هئي پر هن ۽ ڪجھه ٻين ان ڳالهه جي ان بنياد تي مخالفت ٿي ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي اوڀر بنگال ۾ ادا ڪيل ڪردار جي ڪري کيس اها ڊگري نه ملڻ گھرجي ۽ کيس اها ڊگري نه ملي. سندن دوستي اٽڪل ٽي ڏهاڪن بينظير جي شهادت تائين هلي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته هڪ صحافي جي طور هن مختلف سياستدانن جا انٽرويو ڪيا آهن پر سڀ کان گھڻا انٽرويو هن بينظير ڀٽو جا ڪيا. اهي انٽرويو هن گھڻو ڪري لنڊن، دبئي ۽ ڪراچي ۾ ڪيا.
بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي پهريون تعارف 1971 ۾ ان وقت ٿيو جڏهين هو پنهنجي پي سان شملا ۾ پاڪ ڀارت معاملن تي ڳالهه ٻولهه لا آئي هئي. بينظير جو چوڻ هو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت هو ته ذوالفقار علي ڀٽو بجائي مرتضيٰ جي کيس پنهنجو سياسي جانشين ڪرڻ چاهيو ٿي جڏهين ته ليکڪ جو خيال آهي ته اهو سڀ حادثاتي طور ٿيو. بيگم نصرت ڀٽو کي پنهنجي مڙس سان ڀارت اچڻو هو پر سندس بيمار هئڻ ڪارڻ بينظير کي ان وفد ۾ شامل ڪيو ويو. هو ٻڌائي ٿو ته اتي اخبارن ۽ شملا جي ماڻهن پاران کيس گھڻي اهميت ڏني ويئي. هو جڏهين ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لا قطار ڪري بيهندا هئا. ان ڳالهه اندرا گانڌي ۽ ٻين گھڻن کي پريشان ڪيو ته اخبارن ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۽ ان ۾ لاهن چاڙهن کي ايتري اهميت نه ٿي ڏني جيتري انهن بينظير کي ڏني ٿي. ساڳي وقت ڀٽو جي پنهنجي ڌي سان گھڻي محبت هوندي هئي. هو جڏهين پهريون ڀيرو 1968 ۾ گرفتار ٿيو ته ان وقت بينظير اي ليول ۾ هئي. هن کيس هڪ خط وسيلي پنهنجي پڙهائي تي توجهھ ڏيڻ لا چيو ۽ جڏهين هو هارورڊ ۾ هئي ته ڀٽو کيس لکيو ته تنهنجي پڙهائي وغيره تي گھڻو خرچ اچي ٿو جيڪو سڀ انهن هارين جي محنت جي ڪري ٿئي ٿو جيڪي اسان جي زمينن تي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته پنهنجي پڙهائي تي توجهھ ڏي ۽ جيئن واپس موٽڻ کانپو انهن ماڻهن جي خدمت ڪري سگھين.
فوجي بغاوت مهل ڀٽو پنهنجن ٻنهي پٽن کي ملڪ مان ڪنهن به ريت نڪري وڃڻ لا چيو جڏهين ته بينظير ۽ نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهڻ جو ئي فيصلو ڪيو. هي ٻيئي لاڳيتو ڏکيائين کي منهن ڏينديون رهيون. وقت بوقت کين قيد ڪيو ٿي ويو ۽ مٿن پابنديون مڙهيون ٿي ويون. بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي حوالي سان هن سندس دوست پيٽر گالبريٿ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو آهي. پيٽر جو پي گالبريٿ مشهور معيشتدان ۽ پو ڀارت ۾ آمريڪا جو سفير به رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سندس مداح هو ۽ سندس ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. هو جڏهين ڀارت ۾ سفير هو ته هو واهگه رستي پاڪستان آيو هو ۽ ڀٽي سرحد تي سندس استقبال ڪيو هو. بينظير جڏهين هارورڊ ۾ پڙهڻ ويئي ته ڀٽي کيس سندس سرپرست ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. جڏهين ته پيٽر کي بينظير سندس سگريٽ پيئڻ، وڏن وارن، اڍنگن ڪپڙن پائڻ ۽ بي فڪري طرز عمل ڪري پسند نه ڪندي هئي پر پو هن بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کيس گھڻو متاثر ڪيو. پيٽر بينظير سان آڪسفورڊ ۾ به گڏ هو ۽ هن سندس ڊبيٽنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري چونڊجڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. بينظير جي گرفتاري وقت پيٽر آمريڪا ۾ پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽي ۾ هڪ سينيٽر سان لاڳاپيل هو. هن اتي مختلف سينيٽرن کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بينظير سان پاڪستان ۾ جيڪي ڪجھه ٿي رهيو هو اهو غلط هو. ان وقت آمريڪا ۾ ريگن جي حڪومت هئي ۽ سوويت فوجن جي پاڪستان ۾ اچڻ ڪري آمريڪا لا پاڪستان جي اهميت وڌي ويئي هئي. ان ڪري هو جڏهين هتي آيو ته کيس ينظير سان ملڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. واپس آمريڪا وڃي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي ۽ مختلف سينيٽرن سان لاڳاپي ۾ آيو. ان ڪري ريگن انتظاميا تي به دٻا پيو. هو جڏهين وري پاڪستان ويو ته کيس اتي آمريڪي سفير به سٺي موٽ ڏني ۽ حڪومت پاران به کيس بينظير سان ملڻ جي اجازت ڏني ويئي. پر سندس بينظير سان ملاقات کان اڳ حڪومت کيس آزاد ڪري ملڪ کان ٻاهر علاج لا موڪلي ڇڏيو. هن اتي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته هو آمريڪا اچي ۽ اتي مختلف سينيٽرن ۽ ٻين بااثر ماڻهن سان ملاقات ڪري. جيتوڻيڪ ريگن انتظاميا پاران ضياالحق سان ويجھڙائي جي ڪري کيس گھڻي اهميت نه ڏني ويئي پر ٻين حلقن ۾ کيس چڱي پذيرائي ملي.

ڀٽو ۽ بينظير تي ڀارت نواز هئڻ جو الزام به لڳايو وڃي ٿو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو ڏنو وڃي ٿو ته ڀٽو جي ما خورشيد بيگم هندو مان مسلمان ٿي شاهنواز ڀٽو سان شادي ڪئي هئي. ان ڳالهه جي سڀ کي خبر آهي ته ڦاهي ملڻ کانپو ڀٽو جي شلوار لاهي فوٽو ڪڍيا ويا هئا ته جيئن ان ڳالهه جي پڪ ڪري سگھجي ته آيا سندس طهر ٿيل هئا. پر اها ڳالهه ثابت ٿي ته مسلمانن جيان سندس طهر ٿيل هئا. ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکڻ گھرجي ته جيتوڻيڪ ڀارت سان شملا ٺاهه سندس هڪ وڏي ڪاميابي هئي پر ساڳي وقت هن هڪ پاسي ڀارت سان هزار سالن تائين جنگ جي ڳالهه ڪئي ٿي ۽ ٻئي پاسي هن ڀارت جي ائٽمي پروگرام جي جواب ۾ پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪيو هو ۽ ان ڳالهه کي واضح ڪيو هو ته ڀلي گاهه کائڻو پئي پر پاڪستان پنهنجو ائٽمي پروگرام مڪمل ڪندو. بينظير لا اهو چيو وڃي ٿو ته هن سکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لا ڀارت جي مدد ڪئي. ساڳي وقت سندس راجيو گانڌي جي پاڪستان جي دوري وقت اها مفاهمت ٿي هئي ته سياچين کي هڪ غيرفوجي علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ ٻيئي ملڪ اتان پنهنجيون فوجون واپس گھرائيندا پر راجيو ڪجھه وقت کانپو ڪنهن پرڏيهي دوري تي ويندي جهاز مان کيس اهو نياپو موڪليو ته هو هن وقت اهو نه ٿو ڪري سگھي ۽ چونڊن ٿيڻ کانپو ان متعلق فيصلو ڪندو. ساڳي وقت بينظير پاران ڪشمير جي معاملي ۾ هڪ سخت موقف اختيار ڪرڻ پڻ ان سلسلي ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي ويو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button