ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نومبر کي ننڊ نھ ٿي اچي!

Editorial-Article- Ajaz Mangi

پاڪستان ۾ سردي شروع ٿي رھي آھي. پاڪستان ۾ سياسي گرمي وڌي رھي آھي. مصر واري ماحولياتي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ بعد وزيراعظم شھباز شريف ملڪ واپس موٽڻ بدران پنھنجي وڏي ڀاءَ سان ملڻ لنڊن روانو ٿيو. اھا ملاقات ٻن ڳالھين جي ڪري تمام اھم آھي. ھڪ تھ عمران خان مٿان حملو ٿيو آھي. ٻيو تھ ھن مھيني وزير اعظم ملڪ جو آرمي چيف مقرر ڪندو. معنيٰ ھو اھو ڪجھھ ڪندو، جنھن تي هن وقت ھر سياستدان ۽ سياسي مبصر ۽ سياسي ورڪر جي اک آھي. انھن لاءِ ھن مھل تمام گھڻو اھم سوال اھوئي آھي تھ اھا اسٽڪ ڪنھن کي ملندي، جنھن جو اشارو آخري سمجھيو ويندو آھي. جيتوڻيڪ فوج جي ترجمان ڪجھھ ڏينهن اڳ واري پنھنجي تاريخي پريس ڪانفرنس ۾ ماضيءَ جون غلطيون تسليم ڪندي اھو اعلان ڪيو آھي تھ ھاڻي فوج ڪنھن بھ طرح سان سياست ۾ مداخلت نھ ڪندي. جڏھن تھ ان جي موٽ ۾ عمران خان مذڪوره پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي اھو چيو تھ ”جيتري سياسي پريس ڪانفرنس اھا ھئي، ايتري سياسي پريس ڪانفرنس تھ شيخ رشيد بھ نھ ڪندو آھي.“ عمران خان جي مٿان ٿيل حملو ملڪ جو تمام وڏو سياسي واقعو بڻجي ويو ۽ ھن مھل بھ عمران خان جي مرضيءَ مطابق ايف آءِ آر داخل نھ ٿيڻ وارو اشو ميڊيا توڙي سياسي سرڪلز جي مٿان ڇانيو پيو آھي. ڇو تھ جيڪي نالا عمران خان پيش ڪري رھيو آھي، انھن نالن ۾ ھڪ نالو ھڪ اھم آفيسر جو آھي. وفاقي حڪومت تھ وفاقي حڪومت پر عمران خان جي مرضيءَ واري ايف آءِ آر تھ ھن جي پنھنجي پنجاب حڪومت جو وڏو وزير بھ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. عمران خان جو پھريون مطالبو پنھنجي جاءِ تي ھاڻي تھ عمران خان اھو اعلان ڪيو آھي تھ ھو تمام جلد ھڪ ٻي آفيسر جو نالو بھ منظرعام تي آڻيندو، بقول عمران خان جنھن حملي واري ڏينھن ڪنٽرول روم ۾ ويھي ھن مٿان حملي جو جائزو پئي ورتو.
عمران خان جو اھڙو اسٽائيل ڏسندي ڇا اھو محسوس نھ ٿو ٿئي تھ عمران خان جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف ايترا شديد ٿي ويا آھن جو انھن جو تڪڙو سلجھاءُ پري پري تائين ڏسڻ ۾ نھ پيو اچي. عمران خان جي مٿان اھو الزام آھي تھ ھو فوج جي خلاف قوم کي ڀڙڪائي رھيو آھي ۽ عمران خان ان سلسلي ۾ چئي رھيو آھي تھ ھو صرف ڪجھھ آفيسرن جو مخالف آھي. ڇا ان قسم جو بيانيو بھ اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ قابل قبول ھوندو؟ ڪنھن بھ صورت ۾ نھ. ڇو تھ اسٽيبلشمينٽ منڍ کان وٺي پاڻ ۾ ڪنھن جي بھ مداخلت قبول نھ ڪندي آھي. ان معاملي تي اھا ھن وقت تائين ڪنھن بھ قسم جو ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. عمران خان جيڪا مبينا مداخلت ڪئي آھي، ان جو نتيجو بھ ھو ڏسي ويٺو آھي. ھاڻي چون ٿا تھ اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ دٻاءُ قبول ڪرڻ بدران عمران خان جي سياسي اسٽائيل خلاف پنھنجو ردعمل پيش ڪندي. ڇو تھ عمران خان جي تمام ڊگھين تقريرن ۽ پريس بريفنگس ۾ ڪو بھ ڊپ ڊاءُ محسوس ڪرڻ بدران کلي ڳالھائڻ وارو انداز اسٽيبلشمينٽ کي بلڪل بھ نھ ٿو وڻي. پنھنجي مٿان تنقيد ھونءَ بھ ڪنھن کي پسند نھ ھوندي آھي ۽ ان سلسلي ۾ جيستائين اسٽيبلشمينٽ جو سوال آھي تھ اسٽيبلشمينٽ ڪنھن بھ صورت ۾ اھو برداشت ڪري نھ ٿي سگھي تھ ھن جي خلاف تقريرون ڪيون وڃن ۽ ھن جي خلاف نعرا ھنيا وڃن. جڏھن تھ ھاڻي اھو دستور پيو ٿيندو وڃي تھ ھرڪوئي پرواھھ ڪرڻ کان سواءِ اسٽيبلشمينٽ جو نالو کڻي ان متعلق پنھنجي راءِ پيش ڪري رھيو آھي. اڳ ۾ اھو ڪو سوچي بھ نھ ٿي سگھيو. پر ھاڻي پاڪستان جو سياسي ڪلچر تبديل ٿي ويو آھي. ۽ ان جو ڪريڊٽ اڪثر ماڻھو عمران خان کي ڏئي رھيا آھن ھو چئي رھيا آھن اسٽيبلشمينٽ جي سلسلي ۾ زبان بنديءَ کي ختم ڪرڻ عمران خان جو ڪارنامو آھي. جڏھن تھ ھن کان اڳ ۾ ان قسم جون تقريرون ۽ ان قسم جا انٽرويو ميان نواز شريف بھ ڏنا ھئا. ميان نواز شريف ۽ مريم نواز ان سلسلي ۾ ايترو تھ اڳتي وڌي ويا ھئا جو پيپلز پارٽيءَ کي موجوده سرڪاري اتحاد مان نڪرڻو پئجي ويو ھو. ان حوالي سان آصف زرداريءَ ۽ مريم نواز ۾ ٿيل اھا جھڙپ بھ تاريخ جو حصو آھي، جيڪا استعفائن کان شروع ٿي ھئي پر ان جو اصل ڪارڻ ميان نواز شريف پاران شروع ڪيل اسٽيبلشمينٽ مخالف اسٽينڊ ھو. جڏھن آصف زرداريءَ کان پڇيو ويو تھ جھڙي طرح ميان نواز شريف سٺ تي ڪانٽو رکي ڳالھائي ٿو، تھڙي طرح ھو ڇو نھ ٿو ڳالھائي سگھي؟ تھ ھن جواب ۾ چيو ھو تھ ھن جي ڊوميسائيل جو مسئلو آھي. پي ٽي آءِ کي اھو مسئلو پيش نھ ٿو اچي. تحريڪ انصاف جو سربراھھ تھ سربراھھ پر ھن جا ٻين ۽ ٽين صف جا پارٽي اڳواڻ بھ اسٽيبلشمينٽ مخالف ڳالھائڻ جي سزا کائي چڪا آھن پر ھو پوءِ بھ باز نھ ٿا اچن.
اسٽيبلشمينٽ مخالف اظھار جي حوالي سان ھاڻي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ پاڪستان جي سياست ۽ سماج ۾ جيڪو خوف ھو، اھو خوف ختم ٿي چڪو آھي. خوف جو ختم ٿيڻ آسان نھ ھوندو آھي ۽ خوف جي ختم ٿيڻ سان جيڪو ماحول جڙيو آھي، ان ماحول ۾ نھ صرف اسٽيبلشمينٽ پر اسٽيبلشمينٽ جون حامي قوتون بھ حيران پريشان آھن. انھن کي بھ ائين محسوس ٿي رھيو آھي تھ سياست جو ھڪ دور ختم ٿي رھيو آھي. سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي مخالفت اصولي طور تي ھر ڪوئي ڪري ٿو. جڏھن اسٽيبلشمينٽ پاڻ اھو چوي ٿي تھ اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ مداخلت نھ ڪرڻ گھرجي تھ پوءِ ڪنھن سياسي پارٽيءَ کي ڪھڙو اعتراض ھوندو؟ پر ھن وقت محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھڪ قسم جو اعتراض شدت سان پنھنجي مجبوريءَ جو اظھار ڪري رھيو آھي. ڇو تھ عوامي حمايت ۽ شديد عوامي حمايت کي جڏھن پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ عيب سمجھيو ويو ۽ سياسي پارٽين کي سمجھايو ويو تھ روڊن ۽ رستن جي سياست ملڪ جي لاءِ ڪنھن بھ طرح سان بھتر ناھي تھ اقتدارپرست پارٽين جلسن جلوسن کي ڇڏي ڊرائنگ روم سياست شروع ڪئي. ھن وقت اھي سياسي پارٽيون تمام گھڻو پريشان آھن، جن جو عوامي پاپولرٽيءَ وارو بنياد ختم ٿي چڪو آھي. عمران خان کي تمام گھڻي عوامي حمايت حاصل آھي. ھو اقتدار پنھنجين شرطن تي وٺڻ چاھي ٿو.
عمران خان جي مسلسل وڌندڙ عوامي حمايت اسٽيبلسمينٽ لاءِ تھ پريشانيءَ جو ڪارڻ آھي ئي آھي پر پنجاب مان پنھنجو بنياد ڪمزور ٿيڻ تي پي ايم ايل بھ تمام گھڻي پريشان آھي. اھا پريشاني ميان نواز شريف کي وڌيڪ آھي. ڇو تھ ھو ڪڏھن پاڻ کي پنجاب جو پاپولر پٽ سمجھندو ھو ۽ ھاڻي جڏھن عمران خان وفاق توڙي صوبي ۾ اقتدار کان ٻاھر ويھي بھ مسلم ليگ ن کي شڪست ڏئي سگھي ٿو ۽ اھو صرف ڏکڻ پنجاب ۾ نھ پر لاھور ۾ بھ اھو ئي ڪجھھ ٿي وڃي ٿو تھ شريف خاندان جي پگھر ۾ شل ٿيڻ لازمي آھي.
ميان نواز شريف جو اھو خواب آھي تھ ھو پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي ڌيءَ کي پاڪستان جي پرائيم منسٽر ٿيندي ڏسي. ان لاءِ ھو ڪجھھ بھ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويٺو آھي. پر ھن ڀيري ھن کي پنھنجي ننڍي ڀاءَ جي وڏي ضد آڏو خاموش ٿيڻو پيو. جيتوڻيڪ مريم نواز تمام گھڻا نعرا ھنيا پر ھن جي ھڪ نھ ھلي. شھباز شريف بقول ميان نواز شريف جي تھ ”مشڪل فيصلو“ مڃرائي ويو. اھو مشڪل فيصلو ھن مھل وڌيڪ مشڪل بڻجي رھيو آھي. ڇو تھ پنھنجي مٿان ٿيل حملي کان پوءِ عمران خان جي عوامي حمايت ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ويو آھي. جيتوڻيڪ عمران خان کان ھيٺ تحريڪ انصاف ۾ قدآور شخصيت ڪا بھ ناھي. پر عمران خان اڪيلي سر جيڪو ڪجھھ بھ ڪري رھيو آھي، اھو ھن جي مخالف کي مٿي ۾ سور وجھڻ لاءِ ڪافي آھي. عمران خان جو اھو فيصلو حڪومت لاءِ گھڻو مشڪل آھي تھ ھو ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي لانگ مارچ شروع ڪري رھيو آھي. ھن جو مسلسل عمل ۾ رھڻ ظاھري ڳالھھ آھي تھ ھن جي مخالفن کي پريشان ڪري رھيو آھي.
پاڪستان ھن مھل پنھنجي نازڪ سياسي موڙ تان گذري رھيو آھي. ڇو تھ نومبر جو مھينو وڏي حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو آھي. اھو ڇو آھي؟ ڇو تھ ھن مھيني ۾ ملڪ کي ھن جو نئون آرمي چيف ملي رھيو آھي. جڏھن فوج پاڻ اھو باضابطا اعلان ڪري چڪي آھي تھ ھن جو سياست ۾ مداخلت جو ڪو بھ ارادو ڪونھي تھ پوءِ ھيءَ ھيڏو وڏو ڀونچال آخر ڇو برپا ٿي رھيو آھي؟
”بيخودي بي سبب نھين غالب
ڪڇ تو ھي جس ڪي پرده داري ھي“
اھو پردو سياسي رخ جي مٿان پيل بھ ھجي تھ ھر ڪنھن کي معلوم آھي تھ ان جي اندر ڪير آھي؟ ملڪ ۾ نئين چيف جو اچڻ ڪيترن ئي امڪانن ۽ انديشن جو مک موضوع بڻيل آھي. عمران خان پنھنجي موقف مٽائڻ ۾ ايتري تھ مھارت رکندو آھي جو ھن جو مقابل شايد ئي ڪوئي ڪري سگھي ۽ مزيدار ڳالھھ اھا آھي تھ ھو پنھنجي ھر مٽيل موقف جي حق ۾ نھايت سنجيدگيءَ سان منطق بھ پيش ڪندو آھي ۽ ھو سرعام چوندو آھي تھ موقف مٽائڻ وڏي ذھن جو ثبوت آھي. ڇو تھ وڏي دماغ واري کي مسلسل نوان نوان خيال ايندا آھن ۽ ھو نون خيالن جي حوالي سان پنھنجو خيال تبديل ڪندو رھندو آھي. ان ڪري اھا خامي نھ پر خوبي آھي. عمران خان جي تبديل ٿيل تازي موقف مطابق ھن جي ملڪ جي آرمي چيف جي مقرريءَ سان ڪا بھ دلچسپي ناھي. ھو ھاڻي سرعام چئي رھيو آھي تھ حڪومت جنھن کي وڻي تنھن کي آرمي چيف ڪري. اھو ھن جو مسئلو ناھي. جڏھن تھ اھو مسئلو اٿارڻ وارو ئي عمران خان ھو. عمران خان جيترو اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار تي ڳالھايو آھي، ايترو ھن مھل تائين ڪنھن بھ نه ڳالھايو آھي. پر پاڙي جي جھيڙاڪ مائيءَ وانگر ھن جي پوءِ بھ اھائي دعويٰ رھي ٿي تھ ”مون ڪجھھ چيو؟“ جيڪڏھن عمران خان ھن مھل تائين ڪجھھ بھ نھ چيو آھي تھ پوءِ آخر ڀنڀور کي باھھ ڪنھن ڏني آھي؟ملڪي سياست جي ڀنڀور کي باھھ ڏيڻ وارو آھي تھ عمران خان! ھن جو اقتدار ويو تھ ھو ايتري انتقامي موڊ ۾ اچي ويو جو ھن ملڪ جي سياسي سرزمين ٽامون ڪري ڇڏي.
اسلام آباد گرميءَ ۾ تمام گھڻو گرم ۽ سرديءَ ۾ تمام گھڻو سرد ھوندو آھي. ھي نومبر جا ڏينھن آھن. نومبر ۾ مارگلا جي مٿان ٿڌا مينھن وسندا آھن ۽ شھرِ اقتدار جا رھواسي ٻاھر ھلندڙ رم جھم جي ردم تي گرم ڪمبل اوڙھي سمھي پوندا آھن. پر ھن نومبر ۾ ڪنھن کي ننڊ نھ ٿي اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button