
پاڪستان جو نيو ڪليائي پروگرام بحث جو موضوع رهيو آهي. بينظير جو چوڻ هو ته ان وقت جو پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن جو چيئرمين منير احمد خان ان سلسلي ۾ هڪ اهم ماڻهو هو جڏهين ته ڊاڪٽر قدير متعلق هو چئي ٿي ته هو رڳو هڪ ٽيڪنيشن هو جيڪو هالينڊ مان ان متعلق معلومات چورائي اتان ڀڄي پاڪستان آيو هو ۽ هتي ڀٽو کي پنهنجيون خدمتون آڇيون هيون. ايران، ليبيا ۽ اتر ڪوريا وغيره سان نيوڪليائي معلومات ونڊڻ متعلق ڊاڪٽر قدير جي ڪردار متعلق پڻ بينظير ليکڪ سان ڳالهايو آهي. ان جي تفصيل مشرف پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڏني آهي.
1988 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيل پارٽي بنيادن وارين چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. حڪمران ڪنهن به ريت اقتدار بينظير جي حوالي ڪرڻ لا تيار نه هئا. ان جي مقابلي لا سڀني مخالف جماعتن کي گڏي اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهيو ويو پر ان سڀ جي باوجود پيپلز پارٽي قومي اسمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت جي طور سامهون آئي. کيس اها توقع هئي ته صدر کيس حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندو. پر کيس حڪومت نه ڏيڻ لا مختلف حربا هلايا ويا. پيپلز پارٽي جي چونڊيل اسمبلي جي ميمبرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر کين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. نيٺ آمريڪي سفير رابرٽ اوڪلي کي ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پيئي تڏهين صدر پاران بينظير کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويئي.
اهو چيو وڃي ٿو ته بينظير جي ويهه مهينن جي پهرئين حڪومت جي دور ۾ ڪابه قانون سازي نه ڪئي ويئي. ڏٺو وڃي ته ان جا ڪارڻ هئا. کيس هر طريقي سان بي اختيار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ٽرائيڪا جيڪو رياست جي اهم معاملن متعلق فيصلا ڪندو هو ان ۾ عام طور صدر، آرمي چيف ۽ وزيراعظم شامل هوندا آهن پر هن ڀيري ان ۾ بجائي وزيراعظم جي ڳجهي اداري جو سربراهه شامل هو. جنرل اسلم بيگ پاران وزيراعظم کي اهو چيو ويو ته اها بچا ۽ پرڏيهي معاملن کان پري رهي ۽ انهن ۾ مداخلت نه ڪري. بينظير ليکڪ کي اهو به ٻڌايو ته کيس نيوڪليئر معاملن کان پري رکيو ويو. هن جڏهين صدر کي چيو ته هو ان متعلق لاڳاپيل سائنسدانن کان بريفنگ وٺڻ چاهي ٿي ته هن کيس چيو ته تنهنجو ان معاملي ۾ ڪجھه نه وڃي پر جڏهين هن ان معاملي کي ماڻهن ۾ کڻي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته صدر سائنسدانن کي کيس بريفنگ ڏيڻ لا چيو. ساڳي وقت پنجاب ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي جيڪو ڪنهن به ريت ساڻس سهڪار ڪرڻ لا تيار نه هو. ڪجھه عرصي کانپو حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويئي جيڪا ناڪام ٿي. انهن سڀني ڳالهين کانپو اٽڪل ويهه مهينن کانپو آگسٽ 1990 ۾ صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت اهو سڄو عرصو ڄڻ پنهنجي بچا جي جدوجهد ۾ ئي گذري ويو. 1993 ۾ کيس اقتدار ملڻ وقت ٽرائيڪا ٽٽي چڪو هو. جنرل اسلم بيگ رٽائر ٿي چڪو هو ۽ غلام اسحاق خان نواز شريف سان اختلافن جي نتيجي ۾ صدارت ڇڏي چڪو هو. پر ان دور ۾ به بينظير حڪومت جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي نه رهي. خاص طور عورتن جي حوالي سان ضيا الحق جي حدود آرڊيننس وغيره کي ختم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي ويئي. ان جي لا بينظير جو چوڻ هو ته آئين ۾ تبديلين لا کيس اسمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي گھڻائي جي ضرورت هئي جيڪا وٽس نه هئي. 1995 ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ رپورٽ شائع ڪئي جنهن ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو ويو ته بينظير حڪومت جي پنهنجي پندرنهن مهينن جي اقتدار ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي رهي.
ساڳي وقت اها ڳالهه به هئي سندس پنهنجي ئي آندل صدر سان ناتا پڻ خراب ٿي ويا هئا. سندس چوڻ هو ته مرتضيٰ جي قتل ۾ فاروق لغاري جو هٿ هو. صدر اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت سان حڪومت کي برطرف ڪرڻ لا صلاح ڪئي ۽ حڪومت کي ڪرپشن ۽ نااهلي وغيره جي الزامن سان برطرف ڪري ڇڏيو.
ان کانپو بينظير جي جلاوطني جو دور شروع ٿيو. ڪجھه عرصو هو لندن ۾ رهي پر سندس گھڻو وقت دبئي ۾ گذريو جيڪو سندس لا گھر کان ويجھو ۽ گھر کان پري ڄڻ هڪ ٻيو گھر هو. متحده عرب امارات جي امير شيخ زيد بن سالطان ذوالفقار علي ڀٽو سان پنهنجي دوستي جي ڪري بينظير کي دبئي ۾ هڪ عاليشان رهائش ڪنهن مسواڙ وغيره کان سوا ڏني پر ان ۾ رڳو هڪ شرط هئي ته هتي هو پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن سان ته ملاقات ڪري سگھي ٿي پر ٻي ڪا سياسي سرگرمي نه ٿي ڪري سگھي.
بينظير جو تعلق هڪ اهڙي پسمنظر ۽ خاندان سان هو جتي کيس ڪک ڀڃي ٻه نه ڪرڻو پوندو هو پر هن ليکڪ کي ٻڌايو هو ته ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هو مري جي اسڪول ۾ پڙهڻ لا داخل ٿي هئي ۽ پو هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ويئي هئي جتي کيس پنهنجا گھڻا ذاتي ڪم پاڻ ڪرڻا پوندا هئا. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته بينظير هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ڪڏهين به مايوسي ۽ ڪمزوري جو اظهار نه ڪيو هو پر جلاوطني کانپو جڏهين دبئي ۾ هن پنهنجي پنجاهين سالگرهه ملهائي ٿي جنهن ۾ سندس گھڻا دوست ۽ واقف به شريڪ ٿيا هئا جن ۾ پاڪستان مان آيل ماڻهو به شامل هئا ته ان تقريب ۾ بينظير هڪ نظم پڙهيو هو جيڪو اٽڪل پنجيتاليهه منٽ هليو. ان نظم ۾ بينظير جي هڪ مايوسي واري ڪيفيت هئي. هن پنهنجو پاڻ کي ملير جي مارئي جيان وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان پري محسوس ڪيو ٿي.
ليکڪ مشرف سان پنهنجي ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو ته هو بينظير جي صلاحيتن جو معترف هو پر سندس چوڻ هو ته هن بجائي ماڻهن جي ڀلائي لا ڪم ڪرڻ جي ڪرپشن وغيره ۾ پنهنجو وقت وڃايو ۽ هو ڪنهن به ريت کيس وري اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندو. پر اهڙو وقت آيو ته کيس بينظير سان ڳالهائڻ لا دبئي اچڻو پيو. آمريڪي جن مشرف جي ناراض ٿيڻ جي ڊپ کان بينظير سان ڳالهائڻ ۽ ساڻس ملڻ پسند نه ٿي ڪيو هاڻي انهن چاهيو ٿي ته هو مشرف سان گڏجي ڪم ڪري. مشرف ڪرپشن جا سڀ ڪيس ختم ڪرڻ ۽ ساڳي وقت ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي لا جيڪا قانون سازي ڪئي هئي ان کي به ختم ڪرڻ لا تيار هو. پر ليکڪ اهو خيال ڏيکاري ٿو ته ان سڀ جي باوجود ائين محسوس ٿيو ٿي ته هو بينظير کي اقتدار ڏيڻ لا تيار نه هو. ان جو مک ڪارڻ اهو ٻڌائي ٿو ته ڀٽو خاندان اسٽيبلشمنٽ کي ان ڪري ڏکيو پوندو هو جو اهي پنهنجي مرضي هلائيندا هئا ۽ سندن گھٽ ٻڌندا هئا.
ليکڪ ڀٽو خاندان ۽ خاص طور تي بينظير سان مرتضيٰ ۽ نصرت ڀٽو جي اختلافن جو ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مرتضيٰ به آڪسفورڊ ۾ هو پر ليکڪ جو ان سان هڪ رسمي تعلق هو. هو مرتضيٰ سان دمشق ۾ هڪ ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي اخبار پاران بيروت ۾ اولهه جي هڪ صحافي جي اغوا جي سلسلي ۾ دمشق جي هڪ هوٽل ۾ رهيل هو. مرتضيٰ به انهي هوٽل ۾ رهيل هو. هڪ ڀيري هو لابي ۾ ويٺو هو ته مرتضيٰ اتان لنگھيو. هن کيس آواز ڏنو جنهن تي مرتضيٰ فورن پنهنجو ريوالور ڪڍي پوئتي مڙي چيو ته ڪير ساڻس ملڻ چاهي ٿو. سندس ان انداز هڪ دهشت پيدا ڪري ڇڏي پر مرتضيٰ کيس سڃاڻي سندس نالو ورتو ته شيام تون آهين. پر هو ان دهشت ۾ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ پو مرتضيٰ ڪيتري دير تائين سندس در تي آواز ڏيندو رهيو. نيٺ هن در کوليو ۽ پو ٻنهي هوٽل جي تلا وٽ رات دير تائين ڪچهري ڪئي.
ليکڪ بينظير جي هڪ دوست هئڻ سان گڏ هڪ صحافي ۽ ليکڪ به آهي. هڪ پاسي جتي سندس دوستي ۽ محبت آهي ته ٻئي پاسي هڪ صحافي جو مختلف معاملن جي حوالي سان هڪ تنقيدي نڪته نظر به آهي. اهڙي ريت ڪتاب پڙهندڙ کي بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي مختلف پاسن کان آگاهي ڏئي ٿو.
(پورو ٿيو)