ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بي فيض سياست جو نوحو

Editorial-Article-Hameed Soomro

ملڪ ۾ تبديليءَ جي سفر تي نڪتل عمران خان جي سياست جو تازو يو ٽرن بي بي سي ڊاٽ ڪام موجب اھو آھي ته مٿس 3 نومبر واري حملي کان پوءِ جاري ۽ ساري لانگ مارچ ۾ ھاڻي ڪوئي مارچ نه ٿيندو بلڪه شھر شھر جلسا ٿيندا. جمع تي گجرات، ڇنڇر تي لالا موسي، کاريان، سرائي عالمگير جڏھن ته اڳئين ڏينھن جھلم ۽ پوءِ ڪا خبر ناھي ته اھو مارچ اسلام آباد ڪڏھن پھچندو ۽ ڪڏھن ڪٿي پڙاءُ ڪندو.
اپريل 2022ع ۾ عدم اعتماد ذريعي ھٽڻ کان پوءِ واري تياري ڪيل بيانيي مان، سائفر، ھڪ معمولي سفارتڪار ڊونالڊ لُو ذريعي آمريڪي سازش، امپورٽيڊ حُڪومت نامنظور، چيف آف آرمي اسٽاف جي تقرري سندس صلاح مشوري سان ٿيڻ جي ڳالھه گم آھي ته اڳ ۾ ڪيل اھا ڳالھه به ھاڻي ڪرڻ عمران خان ضروري نٿو سمجهي ته نواز شريف، شھباز شريف ۽ زرداري جهڙن چورن جو نامزد ڪيل چيف آف آرمي اسٽاف قبول ناھي. ٽي نومبر تي وزيرآباد ۾ ٿيل حملي واري ايف آءِ آر ۾ خان جي نامزد ڪيل ماڻھن وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڪائونٽر انٽيليجنس جو پري پري تائين ذڪر ڪونھي، بلڪه انھي حملي جي ردعمل ۾ پشاور ڪور ڪمانڊر جي گهر ٻاھران احتجاج جي ايف آءِ آر جنھن ۾ دھشتگرديءَ جون شقون به شامل آھن، خيبرپختونخواه حڪومت پنھنجي ڪارڪنن تي ئي ڪاٽي ڇڏي آھي. ڊِي جي ايس فيصل نصير کي ھٽائڻ جي ڳالهھ ھاڻي سپريم ڪورٽ ۽ صدر مملڪت وٽ وٽ خط جي صورت ۾ پھچائي وئي آھي جنھن ۾ صدر مملڪت کي فوج جي سپريم ڪمانڊر ھجڻ ياد ڏياريو ويو آھي. 3 نومبر جي واقعي کان پوءِ لانگ مارچ ختم ڪري ضلع ھيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج جي سڏ جي عمر ھڪ ڏينھن کان مٿي نه وڌي سگهي ته اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏھن ته 10 نومبر تي وزيرآباد ۾ مارچ وري شروع ڪندي خطاب ۾ چيو ويو ته فوج ۽ جنرل باجوہ خلاف سوشل ميڊيا ۾ پروپئگنڊا بند ڪئي ويئي ۽ اڳ ۾ موجود اھڙيون سموريون پوسٽون ھٽايون وڃن ۽ ان سان گڏ اھو اعلان به ڪيو ويو ته اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ جاري ڌرڻا ختم ڪيا وڃن. بهرحال انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته خان سان ھڪ ھجوم گڏ آھي جنھن ۾ فوجي قيادت ۽ ايجنسين جا حصا، ريٽارڊ فوجي خاص ڪري آفيسر رينڪ وارا، فوجين ۽ ڪامورن جا خاندان، اعليٰ عدليه جا حصا، ٽِي وي چينل، صحافي، دانشور، اينڪر، ججن، جرنيلن فوجين جا ٻار ٻچا، شوبز، راندين جا سيليبريٽي انھن جا خاندان ۽ انھن جا نوجوان جن کي خبر ناھي ته ملڪ ۾ جهيڙو ڇا تي آھي. جن جي بقول ته نواز شريف پاناما جزيرن جيڪي مالديپ جزيري جي ويجهو آھن، تي قبضي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موچڙا کائي ملڪ کان ٻاھر آھي. سياست جي سندن مائرن کي خبر آھي جن کان ھنن اھو ڪجھه ٻڌو آھي. راڳ رنگ ھل ھنگامو آھي جنھن تي ماڻھو ۽ خلق گڏ آھي ۽ نعرو تبديليءَ جو آھي، جنھن بابت به ڪنھن کي ڪا خبر ناھي ته اھا ڪھڙي تبديلي آھي ۽ سندس ڀيٽ وري محمد علي جناح ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو سان آھي. ڀٽو جي پيپلز پارٽي سماجي تبديليءَ جو پروگرام کڻي آئي هئي، جنھن روٽي ڪپڙي ۽ مڪان جو نعرو ڏنو. سندس پارٽيءَ ۾ ھاري تنظيمون، شاگرد تنظيمون، مزدور تنظيمون، ٽريڊ يونيون موجود ھيون جنھن ۾ ماڻھو صفبنديءَ ۾ سلھاڙيل ھئا. توڙي جو عملي طور تي اھا پارٽي اقتدار ۾ اچڻ سان انھي پروگرام تان ھٽي وئي پر بينظير به جڏھن 1986 ع ۾ لاھور ۾ جلاوطني ختم ڪري واپس آئي ته انھي وقت به انھي پارٽيءَ ۾ پيپلز ليبر بيورو، ٽريڊ يونينن، ھاري ڪميٽين، شاگرد تنظيمن ۾ صفبندي ذريعي سلھاڙ ٿيل ھئي پر تحريڪ انصاف جي منشور ۾ نه وري نعرن ۾ سماج ۾ موجود تضادن جو ذڪر آھي نه وري سماج جي مختلف حصن جي صفبندي ئي نظر اچي ٿي. زرعي سڌارا، ھارين لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ، مزدور لاءِ روزگار ۽ ان جو تحفظ، شاگردن کي يونين ٺاھڻ جي حق سميت سندن گهرجن جو تعين، عورتن جا حق، صنفي تشدد ۽ اڻبرابري، ملڪ ۾ ڊيڄھڙو بڻجي ويل کنڀيل ماڻھو، انتھاپسندي خلاف پروگرام سميت سماج جي پيڙھيل وسيع پرتن جا مطالبا غائب آھن.
اڄ کان ذري گهٽ پندرهن ڏينھن اڳ 28 آڪٽوبر تي شروع ڪيل مارچ جي نعرن مان بيروزگاري،غربت، بدحالي ٻوڏ ۽ ساڍا ٽي ڪروڙ دربدر ماڻھو ۽ انھن جي بحاليءَ جو ذڪر غائب آھن. انھيءَ مارچ جي گوڙ شور ۾ سماج جي پيڙھيل طبقن حصن جو ذڪر ڪونھي. ننڍا صوبا ۽ انھن جي آئيني حقن جي تحفظ جو ذڪر ڪونھي، آئين جي بالادستي، ميڊيا جي آزاديءَ جي ڳالهھ گڏهه جي مٿي تي سڱ ھجڻ جيان گم آھي. ڀارت، ايران، پاڙيسرين سان لاڳاپا، پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪا خبر ڪونھي. ايران ۽ افغانستان ۾ عورت تحريڪ تي وات ۾ مڱ پيل آھن. جڏھن ته خلق ھلي آھي تبديلي آڻڻ.
شايد ويجهي ماضي ۾ آسپاس جي ملڪن ۾ ھيءَ اڪيلي تحريڪ آھي، جنھن ۾ عوام ۽ سماج جي مختلف پرتن جا نعرا ئي گم آھن. عمران سان ھڪ ھجوم گڏ آھي جنھن جو ڪنھن طبقي سان ان جي مفادن سان نعري جي حد تائين به ڪوئي تعلق ناھي.
معروف ناول نگار “چارلس ڊڪنس” فرانس جي انقلاب جي پس منظر ۾ پنھنجي شاھڪار ناول “ٻن شھرن جي ڪھاڻي” (لنڊن ۽ پيرس) ۾ ھڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر جي وارتا بيان ڪئي آھي. انھيءَ انقلاب جي اينٽرو ۾ پرتشدد انقلاب ۾ ھو. ان وقت جي حالتن ۾ سڪي جا ٻئي پاسا بيان ڪندي لکي ٿو ته:
“اھي بھترين ڏينھن ھئا ته بدترين به، ڏاھپ جو دور به ھو ته جهالتَ جو به، يقين جو عھد به آھي ته بي يقينيءَ جو به، روشنيءَ جي موسم آھي به ته اونداھيءَ جي به، پنھنجي آڏو سڀڪجھه به آھي ته ڪجھه به نه آھي، پاڻ جنت ڏي به وڃون پيا ته سڌو ٻئي طرف به ڌوڪيندا وڃون پيا….”
فرينچ انقلاب جي قائد روبس پيري ۽ سندس “جيڪوبينس” فرانس جي بادشاهه “لوئي سورھين” ۽ سندس راڻي “ميري اينتونيئيٽ” سميت سترھن ھزار انقلاب دشمنن جا سر گلوٽين جي ڪات ھيٺ وڍرايا ۽ پاڻ به انھي ڪشت ۽ خون ۾ وھنجاريو ويو. عمران خان نه روبس پيري آھي نه وري سندس انصافي ڪي جيڪوبينس آھن، نه وري سندس تبديلي ڪو انقلاب ئي آھي. اھو بھتر نه بلڪه شايد بدتر وقت جو آواز آھي. بيوقوفي ۽ بي يقينيءَ جو عھد آھي ۽ ھيءَ ملڪ ھڪ روشني بدران اونداھي کاھيءَ جو ھمسفر آھي. ھڪ ڊرامو آھي جنھن ۾ ڊرامي باز “ريڊي”، “ييس” ۽ “گو” جي تان تي تيار ٿي پوءِ ڪيميرا جي سامھون اچي ٿو ۽ پوءِ خلق جو وات پٽيو پيو آھي. ملڪ ۾ تبديليءَ جو سرواڻ ميجر روڪڙي ذريعي فيصل نصير کي نياپا به موڪلي ٿو ۽ زمان پارڪ ۾ ڊان جي رپورٽر کي بنا ڪنھن رک رکاءُ جي چئي ٿو ڏئي ته “ھن ملڪ ۾ فوج جي ڪردار کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي.”
جيڪو ماڻھو گند بڻجي ويل کوهه مان مئل ڪتي جو ڍونڍ ڪڍڻ لاءِ تيار ناھي، ان مان صاف پاڻيءَ جي، تبديلي جي، انقلاب جي اميد رکڻ فقط ديواني ۽ پاڳل جو خواب ئي ٿي سگهي ٿو ۽ پاڳلن جي انھيءَ کيپ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان ھونئن به پاڻڀرو آھي. جيڪو ھجوم بڻجي، تبديلي ۽ نئين پاڪستان جو نعرو بڻجي عمران خان جي ڪڍ لڳي انصاف جي تلاش ۾ نڪري پيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button