ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام کان احتجاج جو جمهوري حق نه کسيو!

Editorial

جمهوريت رڳو چونڊن ۾ چونڊجي اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر جمهوريت جو اصل روح عوام جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۽ مطالبا مڃڻ، انهن مطالبن لا ٿيندڙ احتجاجن کي جمهوري انداز ۾ موٽ ڏيڻ پڻ آهي. پر هتي هڪ اونڌي روايت هلي پئي ته جيڪو به پنهنجن جائز حقن لا احتجاج ڪري ٿو، ان کي حڪومت جبر ذريعي ڪچلڻ لڳي ٿي. جنهن جو تازو اظهار ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازمن تي ٿيل پوليس جو تشدد آهي. رپورٽون آهن ته گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، پوليس چڪرين بعد 4 عورتن سميت 9 مظاهرين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ کڻي وئي. پوليس اهلڪارن پاران عورت ملازمن کي تذليل جو به نشانو بڻائڻ جو الزام سامهون اچي رهيو آهي ٻئي طرف سنڌ سرڪار گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي جاري هيلٿ ملازمن جي احتجاج جو نيٺ نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي کي گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ڪراچي ۾ پوليس پاران تشدد ۽ تذليل بعد گرفتار ڪيل صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت سمورا مظاهرين آزاد ڪيا ويا آھن، ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهيلي تذليل ڪئي وئي. صحت کاتي جا ملازم ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن شهر جي جناع باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ ايم ايس آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. دادو ۾ صحت کاتي جي ملازمن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي. ٻئي طرف ويڪسينيشن اسٽاف ۽ ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئشن جي اڳواڻن سول اسپتال دادو کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ڇاڇرو ۾ تعلقي اسپتال کان ڇاڇري ۽ ڏاهلي جي ملازمن گڏيل طور او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو. پڊعيدن ۾ بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. کپرو ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊوباگو تعلقه اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تعلقه اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ميرپوربٺورو ۾ ملازمن احتجاج جاري رکيو، اوپي ڊي بند رکي اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. گرينڊ هيلٿ الائنس پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. حيدرآباد، سکر، ٺٽو، مدئجي، ميروخان، ڏاهلي، مٺي، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو آھي. احتجاجن دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پوليس تشدد ۽ لٺبازي ڪندي اسان جي مرڪزي اڳواڻن ۽ صحت کاتي جي ڪيترن ئي ملازمن کي گرفتار ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي.
مجموعي طور ڪنهن به جمهوري حڪومت ۾ احتجاج کي عوام جو جمهوري حق قرار ڏنو ويو آهي، ڪراچي ۾ ڄاڻايل ملازمن تي تشدد مان اهو تاثر بهرحال پختو ٿئي ٿو ته اهو حق ان پارٽي جي حڪومت ۾ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا پارٽي جمهوريت لا قربانيون ڏيڻ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي. ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته موجوده حڪومتي دور ۾ عوام کام احتجاج جو جمهوري حق کسي جمهوريت جي نفي ڪئي پئي وڃي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته توهان عورت ملازمن تي تشدد ڪري کين ايئن روڊن ۽ رستن تي گهليو؟ اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ملازمن جي جائز مسئلن کي جمهوري انداز ۾ موٽ ڏيڻ گهرجي، نڪي مٿن تشدد ڪري کانئن احتجاج جو جمهوري حق کسيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button